سنڌي مڊل ڪلاس جي موقعي پرستي

0
253
سنڌي مڊل ڪلاس جي موقعي پرستي

 سائين امداد محمد شاھ کي هڪ ڀيري عطاءُ اللّه مينگل چيو تہ، “دنيا ترقي ڪري اڳتي پئي وڃي توهان جي سنڌين پوئين گيئر هڻڻ شروع ڪئي آهي. اسين بلوچ سرداري مان نڪرڻ ٿا چاهيون، توهان وٽ وري هاڻي جنهن کي ڏسو سردار ٿيڻ جو شوق ٿي پيو آهي.” اها ڳالهه واقعي به سچ آهي ته اسان جي سنڌي سماج جي مڊل ڪلاس پنهنجي سوچ کي دنيا جي اڳتي وڌڻ سان ترقي پسند ٿي ڪري اڳتي نڪرڻ جي بجاءِ پوئتي پوندي سردار، ڀوتار، وڏيري ۽ جاگيردار ٿيڻ ئي پسند ڪيو آهي. ڪيترائي ڪامورا سرڪاري نوڪري جي دوران يا رٽائر ٿيڻ بعد پنهنجي ذات جي سرداري جي پڳ ٻڌرائي پاڻ کي سردار چورائڻ شروع ڪيو. جن ذاتين جا سردار اڳواٽ ئي ڏاڍا مڙس هئا، انهن جي ذات وارن نو دولتين ڪرپٽ ڪامورن يا ٻئي ڪنهن دو نمبري ڌنڌي مان امير ٿيندڙن وري زمينون وٺي، ويگو تي چار بندوق بردار ويهاري پاڻ پراڊو ۾ سوار ٿي سماج ۾ پنهنجو قد ڪاٺ طرز زندگي انهن ساڳين جاگيردارن وارو اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏني. مڊل ڪلاس يقيني طور موقعي پرست هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪلاس سان بيوفائي ڪندي مٿئين ڪلاس جو ساٿاري بڻجندو آهي، پر دنيا جي اندر مڊل ڪلاس پنهنجي ترقي ۽ مفاد پرستي کي سماج جي اڳتي وڌڻ واري سفر ۾ ڪاروباري صنعتڪاري ۽ شهري زندگي واري مٿئين طبقي پيدا ڪرڻ سان ڪندو آهي. معاشي طور ترقي ڪندڙ مڊل ڪلاس پنهنجي ۽ سماج جي بيهڪ تبديل ڪري جديد دور ۾ داخل ٿيندو آهي، پر اسان وٽ اڄ تائين صُورتحال اها آهي ته پراڻن زمانن جي بيٺڪي دور جي پيدا ڪيل جاگيردارن سردارن مان جان ڪونہ آجي ٿي آهي تہ وري مٿان نوان سردار ڀوتار پيدا پيا ٿيندا وڃن. ماضيءَ ۾ به اهڙن سرڪاري وفادارن جي پيدا ڪرڻ ۾ جهڙي طرح رياست جو ڪردار رهيو آهي، اڄ به ساڳي ريت نون سردارن، ميرن، ڀوتارن جي پيدا ڪرڻ ۾ حڪمران جماعتن جو ۽ سرڪاري ادارن جو هٿ آهي.

سرڪار ۽ حڪمران پنهنجي خراب حڪمراني کي قائم رکڻ جي لاءِ، ڪرپشن جي بازار کي گرم رکڻ جي لاءِ هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهڙن سردارن ڀوتارن جو ڄار وڇائيندا رهيا آهن. اهڙن بااثرن جي حڪم تي جڏهن پوليس، روينيو، اسپتالون اسڪول، آبپاشي ۽ ٻيا سڀ ادرا ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ته عوام پنهنجي جائز ناجائز ڪمن جي لاءِ انهن جي درن جا چڪر ڪاٽڻ لڳي ٿو. رياست جي اندر جيڪو حق هر شهري کي حاصل آهي، انهي جي حاصلات جڏهن انهي بااثر جي اشاري کانسواءِ ممڪن نه ٿو رهي ته پوءِ اهو شهري پنهنجي وابستگي ۽ ووٽ کي انهي فرد سان ڳنڍي ٿو ڇڏي.

جنهن پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس جي فرد کي اڳتي وڌي نه رڳو پنهنجي ذاتي ترقي لاءِ ڪا منزل پار ڪرڻي هئي، پر پنهنجي آس پاس جي ايندڙ نسلن لاءِ پڻ هڪ مثالي ڪردار بڻجي ٻين جي لاءِ‌ به انهي ساڳئي رستي تي هلڻ جي لاءِ همٿائڻو هو، اهو فرد پاڻ ماضي جي ڪنهن جاگيردار، وڏيري ۽ ڀوتار کان متاثر ٿي انهي جي رستي تي هلڻ شروع ڪري ٿو. اهڙي طرح سندس ترقي سماجي ترقي جو سبب بڻجڻ جي بجاءِ پوئين گيئر ۾ پوري سماج کي واپس ماضي ۾ ڌڪيندي رهي ٿي. سنڌ جا ننڍا وڏا شهر جن جي آبادي اڪثر پڙهيل لکيل ۽ ڪاروباري خاندانن تي مشتمل هئي اڄ اهي سڀ انهي ريورس گيئر جي نتيجي ۾ هڪ جديد جاگيرداري جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. سموري سنڌ جي ڪنهن استادن جي تنظيم جي چونڊ هجي يا آبپاشي جي عملي جي ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽرن جي تنظيم جي هجي يا پيرا ميڊيڪل جي انهن جي چونڊن ۾ به اوهان کي هر شهر جي اندر انهن بااثر ڀوتارن جي گروپن يا انهن جي مدد سان چونڊجي ايندڙن جي ايسوسيئيشن نظر ايندي.

سنڌ جي اندر انهي سموري سماجي ترقي جي آڏو سڀ کان وڏي رڪاوٽ سنڌ جي اها حڪمران جماعت آهي، جنهن اهليت ۽ ايمانداري جي بجاءِ سفارش، اقربا پروري ۽ ڪرپشن کي پنهنجي حڪمراني جو مکيہ جز بڻايو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي مٿان جيترو وقت حڪمراني ڪئي آهي، انهي  پنهنجي جي دور ۾ اقتدار جي لاءِ نه رڳو سنڌ جي وسيلن، زمين، پاڻي ۽ اختيارن جي وفاق سان سوديبازي پئي ڪئي آهي، پر انهن سنڌ جي سماج جي no ارتقا کي اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پوئين گيئر ۾ وجهي پٺتي پئي ڌڪيو‌ آهي. سنڌ جي اندر ڪرپشن جي پئسن ۽ حرامخوري جي مال مان ارب پتي ۽ مالدار ته پيدا ٿيا هوندا،

پر انهن جي ڪري سماجي ۽ معاشي ترقي ڪونہ ٿي هوندي. انهن ڪرپشن جي مال مان شاهوڪار ٿيندڙ نودولتين سماج جي اندر هڪ اهڙي ڇاپ پيدا ڪئي آهي، جنهن کي اسان جو هر پڙهيو لکيو سمجهدار رد ته نه ٿو ڪري، پر اڪثر وري انهن جي ئي پيروي ڪرڻ جي چڪر ۾ سندن ساٿاري بڻجندا پيا وڃن. ماضي جي انهي جاگيردار، وڏيري ۽ ڀوتار کي ڪمزور ڪري رياست جو ڪارونهوار، اهليت ۽ ايمانداري سان هلائڻ جي لاءِ جيڪو سياسي شعور ۽ سمجھ رکندڙ کي ملڻ گهرجندو هو، اهو اڄ به انهن پراڻن ۽ نون جاگيردارن ۽ جاگيرداري سوچ رکندڙن جي ڪنٽرول ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي توڙي اسلام آباد ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ جي لاءِ ۽ قانون سازي ڪرڻ جي لاءِ جتي سياسي شعور رکندڙ، جرئتمند، اهل، ايماندار، عوام دوست ۽ سنڌ دوست  سوچ رکندڙ کي هجڻ گهرجندو هو، اتي اڪثريت ۾ هڪ نااهل، ڪرپٽ، عوام دشمن ۽ جاگيردار يا جاگيرداري سوچ رکندڙ ويٺل آهي. جنهن جي ترجيحات ۾ نه سنڌ آهي نه عوام نه ئي سماج جي ترقي.

سنڌ جي نوجوانن کي هاڻي سوچڻ گهرجي ته هو ايندڙ وقت ۾ پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوئي ڪردار ادا ڪرڻ گهرن ٿا يا نه؟! سنڌ ۾ جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ به اهڙي طرز حڪمراني پيپلز پارٽي جي ذريعي سنڌ ۾ ٿيندي رهي، جهڙي گذريل پندرنهن سالن ۾ ٿيندي رهي آهي ته پوءِ سنڌ جو سماج ڪڏهن به اڳتي وڌي جديد دور ۾ داخل ڪونہ ٿي سگهندو. بادشاهي دور ۾ يا برطانوي راڄ ۾ جهڙي ريت دربار ۾ داخلا جو اختيار رکندڙ ئي رياست جي هر ڪارونهوار جا مالڪ هوندا هئا، جيڪڏهن اڄ به ساڳي ريت اها درٻار قائم رهندي، سرڪار جي نالي ۾ حڪمراني جو حق انهن بااثر ماڻهن جن کي پيپلز پارٽي پنهنجو نجي سسٽم ٺاهي هلائڻ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندي ته پوءِ هي سنڌ نه صرف پنهنجي وسيلن ۽ اختيارن کان محروم ٿي ويندي پر سنڌ جي آئيندي ۾ ڪا به سماجي ترقي ۽ معاشي خوشحالي ڪونہ ٿيندي. اڄ جيتري آبادي کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنائڻ جي هير وڌي آهي، اڳتي هلي سواءِ حڪمراني ڪندڙ سنڌين جي باقي اڪثريت انهي ڪارڊ جي نالي تي پنڻ کي ئي پنهنجو حق سمجهندي.

سنڌ جي ماڻهن کي ۽ خاص طور نوجوانن کي هر پيپلز پارٽي جي ميمبر يا عهديدار کان توڙي حمايت ڪندڙ کان اهو سوال ضرور ڪرڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي سنڌ کي پنهنجي  15 سالن جي طويل حڪمراني ۾ ڇا ڏنو آهي. سنڌ جي في ڪس آمدني جي شرح سندن دور ۾ ڪيتري وڌي، غربت جو ڪيترو خاتمو آيو، بيروزگاري ڪيتري گهٽجي سگهي؟ سنڌ جي اندر ڪنهن به شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، نيڪاسي جو بهتر نظام ملي سگهيو؟ ڪيترا اسڪول جيڪي اوطاقون بڻيل آهن، اهي کلي سگهيا؟ گهڻن اسڪولن کي بنيادي سهولتون ملي سگهيون. ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ صحت مرڪز ۽ اسپتالون عام شهري کي مفت علاج جي سهولت مهيا ڪري سگهيون؟ ڪيترن  علائقن ۾ بنيادي انساني ضرورت جون سهولتون مهيا ڪيون ويون؟ سنڌ جو امن امان ڪٿي آهي؟. جنهن پارٽي پندرنهن سالن جي ڊگهي مدي ۾ سنڌ جي لاءِ ڪجھ نه ڪيو، انهن مان ايندڙ وقت ۾ ڪا به اميد نه رکجو. انهن جي کوکلن نعرن ۽ ڪوڙن وعدن تي اعتبار نه ڪجو. روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو 80 کان نعرو هڻندڙ هي جماعت سنڌ جي هر ماڻهو جي وات جو گرھ، تن تان ڪپڙو ۽ رهڻ لاءِ اجهو کسڻ جي ماهر رهي آهي.