ٻٻرلوءِ ڌرڻو سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ کي نوان گس ڏيئي رھيو آھي. وڪيل سنڌ جي ويڙھ ۾ نئون روح ڦوڪي رھيا آھن. روزاني طرح طرح جا منظر ڏسي ماڻھو جو عقل دنگ رھجيو وڃي. خاص طور تي چوڌاري وارن علائقن جو عوام ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن کي وڏو مان ڏيئي رھيو آھي. ھر طرف خدمت ۾ مقامي ماڻھو ايئن بيٺا آھن، جيئن سنڌي ماڻھو پنھنجي اولاد جي ڪاڄ ۾ اُڀي پير بيھندو آھي! اھا ھڪ نئين سنڌ آهي، جنھن سنڌ لاءِ اسان جي اڳواڻن خواب اُڻيا ھئا.
حڪمرانن پنھنجي روايت کي برقرار رکندي ھن ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ عوام جي طاقت جو غلط اندازو لڳايو آھي. انھن جو خيال ھو ته شريڪ ماڻھو ٿڪجي پوندا ۽ شرڪت جو زور ٽُٽي پوندو ۽ ڌرڻو ڪمزور ٿي ويندو! پر ٿيو انھيءَ جي بلڪل ابتڙ آھي. روزانو شرڪت جو تعداد وڌندو پيو وڃي. سنڌ جون پ پ کانسواءِ ٻيون سياسي پارٽيون، وڪيل، شاگرد، استاد، مزدور، ڊاڪٽر، انجنيئر، فنڪار مطلب ته ھر شعبي جو ماڻھو اتي ڌرڻي جو ڌڻي ٿي بيٺو آھي. ڪمون شھيد کان ڪارونجھر تائين ماڻھو قطارون ڪري شريڪ ٿي رھيا آھن. حڪمرانن جي ٿڪائڻ واري خواھش ته بري طرح ڀورا ٿي ويئي. پ پ سرڪار تمام وڏي ڪوشش ڪئي ته انھي ڌرڻي ۾ داخل ٿي وڃجي ۽ عوامي ڪروڌ کي صرف پنجاب ڏانھن موڙي ڇڏجي! انھيءَ لاءِ ھڪڙي پريس ڪانفرنس پ پ سنڌ جي صدر ڪئي ته ڌرڻي ۾ اسان جو ماڻھو ميتلو صاحب آھي. اسين اتي وڃي ويھنداسين! پر انھيءَ ڳالھ جو ميتلي صاحب تُرت ئي جواب ڏنو ته منھنجو پ پ سان ڪو به تعلق نه آھي، نه ئي اڳ ۾ رھيو آھي. پ پ جي اھا ڳالھ به پير کوڙي نه سگھي. تنھن کانپوءِ وري ڪمون شھيد واري ڌرڻي ۾ وڪيل اڳواڻن سان خورشيد شاھ وارا وڃي مليا ته اسان جي جلسي ۾ شريڪ ٿيو. جنھن تي وڪيل اڳواڻن کليو جواب ڏنو ته اسين اوھان جي انھيءَ ٻٽي پاليسي تي نه ھلنداسين ته وفاق سان به گڏ ھلجي ۽ عوام سان يعني ظالم سان به گڏ ھلجي ۽ مظلوم سان به گڏ ھلجي! اھو چئي وڪيل اڳواڻن ٺڪرائي ڇڏيو آھي. ن ليگ اڳواڻن پھرين چيو تھ اھي جتيون ڇڏي ڀڄي ويندا. پر جڏھن وڪيلن جي جدوجھد وفاق جي سامھون سمورن ھٿڪنڊن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھايو ۽ جواب ڏنو ته جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا اسين پوئتي نه ھٽنداسين. پوءِ ڌرڻي تي فائرنگ ڪئي وئي وئي. ڌمڪيون ڏنيون ويون پر وڪيل بيٺا آھن. ساڳي راڻا ثناءُ اللھ سنڌ جي وڪيلن سان رابطا ڪيا پر انهن به اها ڳالھ ڪئي ته اسان جي مطالبن کانسواءِ ڪي به ڳالھيون نه ڪنداسين ۽ وڪيلن جي ڪور ڪميٽي ڪليئر فيصلو ڪيو ته پ پ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪنداسين! تنھن کانپوءِ وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيائون ته ڪئنالن وارو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وينداسين. تيستائين ڪئنالن جوڪم معطل ڪريون ٿا. سنڌي قوم ۽ قيادت انھي آسري کي رد ڪيو آھي. پ پ ٽي ڏينھن جشن ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. سکر ۾ پ پ جلسو ڪري جشن ملهايو. ٻٻرلوءِ، ڪمون شھيد توڙي ٻين ھنڌن تي ڌرڻن ۾ شرڪت ڏھوڻ تي وڌي ويئي آھي. وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ جيئن ئي سنڌي قوم کي پ پ ۽ ن ليگ پاران سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ واري ڳالھ ڪئي آھي، انھي جي رد عمل ۾ سنڌ قوم وڌيڪ جوش ۾ آئي آھي. ڪالهه ڌرڻي ۾ شرڪت تمام گهڻي هئي.
ھن سڄي جدوجھد ۾ شروع کان اڳواڻي وارو ڪردار سنڌياڻي تحريڪ جو رھيو آھي. روزاني ڌرڻي م سوين سنڌياڻيون پنھنجا معصوم ٻار ساڻ کڻي ڌرڻي ۾ اچن ٿيون. تقريرون، نعرا، گيت ڳائي پنھنجي قوم جي اڳواڻي ڪن ٿيون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو آھي ته سي سي آءِ ۾ وڃڻ وارو آسرو ڏيڻ سنڌي قوم سان دوکو آھي. سي سي آءِ ۾ سنڌ جو ھڪڙو ئي ووٽ آھي، تنھن ڪري اڪثريت پنجاب جي آھي. اسين جدوجھد جاري رکنداسين. اھا ته حقيقت آھي ته سي سي آءِ سنڌ جي حق ۾ فيصلو ڪڏھن به نٿي ڏيئي سگھي. پھرين ئي اسان ڏٺو آھي ته آدمشماري جي معاملي ۾ ھي ساڳيو وزيراعليٰ ويو ھو پر سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ وارا انگ اکر مڃي آيو ۽ فيصلو اسان جي خلاف ٿيو. جيڪي به فيصلا ٿيا آھن انھي ۾ ووٽنگ ٿيندي آھي ۽ فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيندو آھي. اھا خبر ھوندي به پ پ سي سي آءِ جو آسرو ڏيئي سنئون سڌو دوکو ڏيئي رھي آھي.
ھن وقت جيڪو عوام ۾ جوش ۽ جذبو آھي. سنڌ جي روڊن تي ماڻھن ۾ جيڪو پنھنجي ڌرتي، درياءِ ۽ وسيلن لاءِ پيار آھي، جوش آھي انھي کي ڏسي اھو چئي سگھون ٿا ته ھي قوم ھاڻي جلدي حڪمرانن جي ٺاھيل دوکي واري ڪوڙڪي ۾ ڪونه ڦاسندي. دوکن سان تاريخ ڀري پيئي آھي، پھرين ته عام ماڻھو کي پ پ ڳالھين، نعرن ۾ تقريرن ۾ آڻي غش ڪري، موبلائيز ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي پر ھاڻي ھتي وڪيل آھن. وڪيلن کي بيوقوف بڻائڻ ايڏو سولو ڪونھي. ٻيو ته ھاڻي جو نوجوان پڙھي ٿو، ريسرچ ڪري ٿو. انھيءَ کي خبر آھي. سنڌ جي ڏاھن ماڻھن پھرين ئي سمجھايو آھي ته اھڙين حالتن ۾ حڪمران ڇا ڪري سگھن ٿا. تنھن ڪري حڪمرانن جي سنڌي قوم جي باري ۾ جيڪا پھرين راءِ جوڙيل آھي ۽ ھن وقت جي صورتحال ۾ وڏي تبديلي آھي. اھي ڀليل آھن ۽ ھاڻي اسان جي مخالف ٿنڪ _ٽينڪ حڪمت عملي جي حساب سان وائڙائپ جو شڪار آھي.
حڪمرانن پنھنجا سڀئي حربا ھلايا آھن، ڪجھ به نه ٿيو. ھاڻي آخري ڇڙيون ھڻڻ لاءِ پوليس گردي ئي بچي آھي. ھاڻي پوليس جا اٽالا اچي ويجھا ڪيا آھن. پ پ سرڪار جيئن ته پھرين چيو ھو ته اسان ڌرڻي وارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪنداسين پر پاڻ پھرين اھا ڳالھ ڪري چڪا آھيون ته حڪمران پنھنجي ڪنھن به ڳالھ تي بيٺا ئي ناھن. روز يو ٽرن وٺن ٿا ۽ پنھنجي ئي ڳالھ جي انحرافي ڪن ٿا. ھاڻي جيڪڏھن ڌرڻي جي مٿا ھلان ڪيائون ته ھڪڙي ڳالھ واضح ڪندو ھلان ته پوءِ جيڪا صورتحال سنڌ ۾ ٿيندي، انھي کي قابو ڪرڻ ڪنھن جي به وس جي ڳالھ نه ھوندي. ھن وقت عوام تمام گھڻي غصي ۾ آھي، تنھن ڪري تازي صورتحال ۾ حڪمرانن کي ھوش کان ڪم وٺڻو پوندو. وفاق کي وڌيڪ نقصان رسائڻ کان بھتر آھي ته سنڌي قوم جا زندگي ۽ موت جا مسئلا حل ڪري پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙا بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پھرين، ٻئي ڪنھن به دوکي ۾ ھن واري ھي قوم اچڻ واري ناھي.