سنڌي قومپرست ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڇو آهن؟

0
75
سنڌي قومپرست ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڇو آهن؟

                 تازو آمريڪا مان سارا واٽسن نالي هڪ محقق عورت، سنڌي قومپرست ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڇو آهن، جو جواب ڳولڻ لاءِ سنڌ آيل هئي. سارا واٽسن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي آڪسفورڊ اسڪول آف گلوبل اينڊ ايريا اسٽيڊيز مان “ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌي قوم پرست” جي عنوان تحت ماسٽر آف فلاسفي (ايم – فل) ڪري رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ معلومات ۽ سرزمين تي حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ هوءَ ڪراچي آئي، جتي  مختلف سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن سان ملي. سنڌ جي نالي واري اديب ۽ قوم پرست رهنما عبدالخالق جوڻيجي سان پڻ ملي، جنهن هن کي منهنجو نالو ۽ نمبر ڏنو. سارا مون سان رابطو ڪري، منهنجي رضامندي کان پوءِ چئن صفحن تي مشتمل هڪ دستاويز مونکي موڪليو. انھيءَ ۾  تحيقيقي موضوع جي وضاحت ٿيل هئي. انهيءَ دستاويز جي فقري ٻه هيٺ، هي تحقيق ڇو پئي ڪئي وڃي؟ جي سري هيٺ لکيل آهي ته، “هن تحقيق جو مقصد ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري سنڌ ۽ مرڪز جي تعلقات تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟، جو جائزو وٺڻ آھي. منهنجي تحقيق جو بنيادي سوال آهي ته ڇو ڪالاباغ ڊيم، پاڪستان جي رياست جي خلاف سنڌ جي قوم پرستن جي مخالفت جو بنيادي نڪتو آهي؟

اها به تحقيق ڪئي ويندي ته ڇا سنڌين جو ڪالاباغ ڊيم جي مخالف جو سبب صرف پاڻي تائين محدود آهي يا ان جا ٻيا به ڪي سبب آهن؟ مثال طور، ترقياتي ڪمن ۾ نابرابري يا ماحولياتي سبب يا اڃا ڪجهه ٻيو آهي. سنڌ جي رياست سان ڪشيدگي ۽ حڪومت طرفان ڪالاباغ ڊيم مخالفن کي پاڪستان دشمن قرار ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۽ رياست جي لاڳاپن کي جاچڻ ضروري آهي.

هن اڳتي لکيو آهي ته، “سنڌ ۾ جيئن ته پاڻي جي سياست نهايت اهم آهي، ۽ سنڌ مٿين ڀر ترقياتي ڪم ٿيڻ ڪري پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، انهيءَ ڪري هي تحقيق ضروري آهي. ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو گذريل ٽن ڏهاڪن کان خطرناڪ ٻوڏن ۽ سنڌي ماڻھن جي پاڻي معاملي تي تحفظات جي ڪري وقت به وقت بحث هيٺ رهيو آهي.

شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻه آگسٽ تي هڪ وڳي فون تي ملاقات جو وقت مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڏينهن تي صبح جو سارا مون کي فون تي اطلاع ڏنو ته هوءَ مقرر وقت کان ڪجهه منٽ دير سان رابطو ڪندي. انهيءَ لاءِ هن منهنجي رضامندي حاصل ڪرڻ گهري ٿي. مونکي ان وقت تعجب ٿيو، جڏهن هن جي فون هڪ لڳي ٽن منٽن تي آئي. انهن ٽن منٽن جي دير لاءِ به هن اڳواٽ معذرت ڪئي. اهڙن ماڻهن/قومن کي زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو حق آهي، جيڪي وقت جو قدر ڪن ٿا. اسان ته وقت کي بالڪل اهميت نه ڏيندا آهيون. اڪثر ڪري پروگرام ٻه، ٽي ڪلاڪ دير سان شروع ڪندا آهيون. اها اسانجي قومي ڏيوالپڻي جي نشاني آهي. هاڻي اچون ٿا هن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه طرف.

سارا جو سوال هو ته سنڌي قوم پرست ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڇو آهن؟ انهيءَ تي مون هن کي ٻڌايو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف نه صرف سنڌي قوم پرست آهن، پر پاڪستان ۾ شامل ٽن صوبن يعني سنڌ، خيبر پختوانخوا ۽ بلوچستان ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهن. سنڌ اسيمبلي ٽي دفعا، خيبر پختوانخوا اسيمبلي ٽي دفعا ۽ بلوچستان اسيمبلي هڪ دفعو ڪالاباغ ڊيم  خلاف ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪري چڪيون آهن. ائين پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي، بلوچ ۽ پختون قوميتون ان جي خلاف آهن، صرف پنجاب ۽ پنجابي قوميت ان جي حامي آهي. ٽن قوميتن جي مخالفت جو اندازو ١٩٩٩ع ۾ پيپلز پارٽي طرفان محترما شھيد بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سنڌ- پنجاب دنگ تي ڪمون شھيد وٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي  طرفان اٽڪ پل وٽ لڳايل ڌرڻي مان ڪري سگھجي ٿو،  ائين اهو معاملو پنجاب ۽ باقي پاڪستان جي وچ ۾ آهي. ٽن قومتين جي اسيمبلين کي پنجاب طرفان اهميت نه ڏيڻ افسوسناڪ آهي. مون هن کي چيو ته ڪالاباغ ڊيم اصل مسئلي جو هڪ نقطو آهي. سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي تڪرار کي سمجهڻ لاءِ 1859ع کان وٺي اڄ تائين انهيءَ جهيڙي جي نبيري لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ هي مسئلو سمجهه ۾ نه ايندو. مون هن کي اهو پڻ ٻڌايو ته هر قوميت کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جا پنهنجا سبب آهن، انهيءَ ڪري صرف سنڌ ۽ سنڌين جي اعتراضن جي ڳالهه ورجايان ٿو. مون هن کي 2005ع ڌاري ڇپيل ايلس البينا جي ڪتاب “ايمپائرس آف دي انڊس” (سنڌو جو سلطنتون) جو حوالو ڏنو،  جنهن ۾ ايلس انڊس ڊيلٽا ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريا هئا ۽ اتان جي مقامي ماڻهن سان ملي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ پوڙهي ملاح جي حوالي سان لکيو آهي ته هتي پاڪستان کان اڳ ۾ رڳو پاڻي ۽ پاڻي هوندو هو، جنهن ۾ مڇيون، پکي ۽ ٻيا گذر جا وسيلا موجود هئا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جا گهر، گذر جا وسيلا ۽ ٻيو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. هو انهيءَ جو ڏوهاري پاڪستان کي سمجهي رهيو هو.

مون سارا کي ٻڌايو ته اهو سڀڪجهه لِلي اينٿال ۽ عالمي بينڪ جي مهرباني آهي، جنهن ٽينسي ويلي اٿارٽي جي بنياد تي 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي هيٺ ٽي درياهه هندستان کي ۽ ٽي درياهه پاڪستان کي ڏئي ڇڏيا. انهي جي نتيجي ۾ انڊس ڊيلٽا، جيڪو دنيا جو پنجون وڏو ڊيلٽا هو، اهو سمنڊ دوز ٿي ويو ۽ انڊس ڊيلٽا جا ٽي وڏا شهر سوکي بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر، جن جي آبادي 1947ع ۾ لڳ ڀڳ ستر هزار هئي، اهي شهر پڻ سمنڊ کائي ويو. هاڻي سمنڊ سنڌ جي شهري علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي هڪ رپورٽ مطابق ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي جي ٻٽيهه لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي. سامونڊي معاملن متعلق ھڪ حڪومتي  ڪاميٽي جي رپورٽ مطابق 2050ع ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۽ 2060ع ۾ ڪراچي ضلعو سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي ويندو. مون هن کي اهو به ٻڌايو ته عالمي پاڻي ماهرن جي راءِ ۾ ايندڙ صدي ۾ سنڌو درياهه، دنيا جي ٻين ستن وڏن دريائن سان گڏ مرندڙ دريائن ۾ شامل هوندو. اهو سڀ ڪجھ مٿين ڀر ڊيم ۽ بئراج ٺھڻ جو نتيجو آھي. مون هن کي اهو به ٻڌايو ته سنڌ جو ماڻهو نه صرف ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهي، پر سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪنهن به ڊيم جي خلاف آهن. مون هن کي منهنجي ڪتاب “هيڊرو پاليٽڪس ان پاڪستان” جي حوالي سان ٻڌايو ته 1960ع کان پهرين انڊس ڊيلٽا ۾ ڪيترو پاڻي ۽ ڪيتري لٽ ايندي هئي ۽ هاڻي ڇا صورت حال آهي. انهيءَ تي هن چيو ته هن وٽ اهو ڪتاب موجود آهي. منهنجي ڪتاب جي حوالي سان هن مون کان سوال ڪيو ته، “اوهان پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو، اهو اوهان ڪيئن ٿا چئو. انهيءَ تي مون هن کي ٻڌايو ته 1991ع واري ٺاهه ۾ 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايل آهي، پر پنجاب اهو چئي ته دريائن ۾ ايترو پاڻي موجود نه آهي، ٺاهه جي شق ٢ تحت ورهاست ڪرڻ کان انڪاري آهي. مون هن کي ٻڌايو ته پنجاب جي جن به دانشورن ۽ محققن پاڻي تي تحقيق ڪئي آهي، انهن اولهندي دريائن ۾ ايندڙ پاڻي جو مقدار 135 کان 145 ملين ايڪڙ فوٽ ڄاڻايو آهي. رستي ۾ بخار جي صورت ۽ زمين ۾ سيمي سبب ضائع ٿيل پاڻي باوجود، سرشتي ۾ پاڻي ٺاهه ۾ ڄاڻايل پاڻي کان وڌيڪ آهي، پر سنڌ کي ٺاهه ۾ تفويض ٿيل پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سنڌ جي دانشورن ۽ پاڻي سان لاڳاپيل ماڻهن جو اهو مطالبو رهيو آهي ته سنڌ طاس ۾ ايندڙ پاڻي ۽ ان جي استعمال جي چڪاس (آڊٽ) غيرجانبدار عالمي پاڻي ماهرن کان ڪرائي وڃي، ته جيئن خبر پوي ته ڪهڙو صوبو ڪيترو پاڻي کڻي رهيو آهي. پنجاب اهو مطالبو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.

هن هڪ ٻئي سوال ۾ مون کان واپڊا متعلق راءِ پڇي. مون هن کي ٻڌايو ته سڄي فساد جي جڙ واپڊا آهي. مون هن کي رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين طرفان آندل تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ جي تمام رعنائين ۽ حسناڪين جي تباهي جي ذميدار واپڊا آھي. واپڊا هڪ مرڪزي ادارو آهي، پر هن جو رويو سنڌ سان سٺو نه آهي. واپڊا تازو چولستان جي رڻ ۾  چوٽيهه لک ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. انهيءَ منصوبي تي سنڌ کي اعتراض آهي، جيڪڏهن انهيءَ منصوبي تي عمل ڪيو ويو ته سنڌ تاريخ جو حصو ٿي ويندي ۽ ڪتابن ۾ پڙهبو ته، هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم!

آخر ۾ سنڌ- پنجاب پاڻي تڪرار جي حل لاءِ پڇيل سوال جي جواب ۾ مون هن کي ٻڌايو  ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ اعتماد جي کوٽ آھي.   سنڌ جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 1973ع ۽ 1991ع ۾ ٿيل پاڻي ٺاهن تي من و عن عمل ڪيو وڃي. انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪو به نئون ڊيم نه ٺاهيو وڃي ۽ اڳ ۾ ٺهيل ڊيمن کي ختم ڪري عالمي ماهرن طرفان انڊس ڊيلٽا لاءِ سفارش ڪيل پاڻي کي يقيني بنايو وڃي. ڊيمن جي غيرموجودگي ۾ ملڪ ۾ موجوده آبپاشي نظام جي جاءِ تي دنيا ۾ رائج جديد آبپاشي نظام رائج ڪري پاڻي کوٽ جو حل ڪڍيو وڃي.