سنڌي صحافت جي ترقي پسند دور جو مهندار صحافي

0
44
سنڌي صحافت جي ترقي پسند دور جو مهندار صحافي

نامياري صحافي ڪالم نگار، سڪيولر ۽ لبرل انسان اسحاق مڱريي جو وڇوڙو سنڌي صحافت ۽ سنڌي سماج لاءِ سندس ڪيل خدمتون هڪ دور طور ياد رکيون وينديون. هو سنڌي صحافت جو ٽرينڊ سيٽر آهي. سندس 69 سالن جي زندگي ۽ 32 سالن جي صحافتي زندگي سچ سان سلهاڙيل آهي. سندس علم، عمل ۽ پيار جو پورهيو سنڌي سماج جي امانت آهي. اسحاق مڱريي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست سياست جي شروعات ڪئي. انٽر سانگهڙ ڪاليج مان ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. صحافت سندس زندگيءَ جو اهم مورچو رهيو. صحافت جي شروعات 1992ع کان ڪيائين. پاڻ 1992ع کان 1995ع تائين روزاني جاڳو اخبار ڪراچيءَ جو سانگهڙ جو عيوضي رهيو. 1995ع 2004ع تائين مختلف سنڌي اخبارن سان سلهاڙيل رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن ته 2007ع کان 2008ع تائين سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جو انچارج رهيو. اسحاق مڱريي روزاني عبرت اخبار حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، افيئر مئگزين ڪراچي ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ فري لانس ڪالم نگار، ۽ فيچر رائيٽر طور به ڪم ڪيو. اسحاق مڱريو 32 سالن جي صحافتي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ترقي پسند صحافت جو ٽرينڊ سيٽر رهيو آهي، جنهن سنڌي سماج ۽ صحافت کي پنهنجي ترقي پسند سوچ سان نوان لاڙا، نوان گس ۽ ڏَسَ ڏنا. اسحاق مڱريي سنڌي صحافت ۾ ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو. اسحاق مڱريو انهن ٿورن سنڌي صحافين مان هڪ هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو.

اسحاق مڱريو نج ٻهراڙيءَ جو ٻار هو، هو فطرت جي ويجهو رهيو، هو سنڌي سماج جي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، ماحولياتي، جاگرافيائي، جهنگلي جيوت، اينٿروپالاجي، ايڪولاجي ۽ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ جو عاشق ۽ مهندار هو. هو هارين جا ڏک ڄاڻندو هو، هو عوام جي اهنجن کي سمجهندو هو. هُن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو هاري تحريڪ کي ڏنو. اسحاق مڱريو ڌنارن جي ڪلامن ۽ پکين جي ٻولين کي سمجهندو هو، هو ڌنارن جي ڌڻن ۽ پکين جي ولر جو واهرو هو. هوُ ڪيٽي بندر، ڪاڇي، ٿر بر، لاڙ، اتر ۽ ڪوهستان سان ڪانب ٻڌي ڪچهري ڪندو هو ۽ انهن جي سورن ۽ سونهن کي پنهنجي قلم ذريعي پينٽ ڪندو هو. فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ اسحاق مڱريي ڪيترن ئي عالمي ماحولياتي تنظيمن، آئي يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف، يو اين ڊي پي ۽ ٻين ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جو سرگرم رڪن پڻ رهيو. اسحاق مڱريو انساني حقن جو پاسدار هو. هُن انساني حقن جي عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان گڏجي انساني حقن جي ويڙهه پڻ وڙهي. هارين جي نجي جيلن مان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. اسحاق مڱريو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رهيو ۽ ڪيترين ئي صحافتي تنطيمن جو سرگرم رُڪن به رهيو، هُن صحافين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ صدر پريس ڪلب طور ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي پروگرام پڻ ڪرايائين. اسحاق مڱريي جي سيڪيولر، ترقي پسند ۽ لبرل دوستن جو وڏو حلقو آهي ۽ اُهي سڀ اسان جا به مشترڪه دوست آهن. منهنجو ساڻس سانگهڙ کان حيدرآباد تائين جي سفر ۾ پل پل جو تعلق رهيو. ساڻس ڪيئي روح رچنديون رهيون. هو اڪثر اسان جي ٽنڊي آدم شهر ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، صحافتي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ساروڻيون جيڪي سندس وڇڙي وڃڻ کانپوءِ به اڄ تائين اسان جي ساهه جي سڳي ۾ ٻڌل آهن ۽ ٻڌل ئي رهنديون. حيدرآباد پريس ڪلب کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ ساڻس گڏ گهاريل پَل اڄ به منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. مختلف پروگرامن ۽ محفلن ۾ سندس مخصوص انداز، سندس لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جو مظهر آهن. سندس اِهي ساروڻيون سنگت کي سدا ياد رهنديون.

سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن تي ڪيل سندس ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهي. اسحاق مڱريي جو علم، عمل، قلم ۽ تحرڪ سنڌ جي مظلوم ماروئڙن، پورهيتن، هارين، عورتن، اقليتن، عام ماڻهن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ هڪ بلند سگهارو آواز هو، جنهن آواز کي بند ٿيڻ نه ڏبو ۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي اسان سنڌ جي سيڪيولر تهذيب يافته آواز کي عالمي امن، انسانيت، پيار پنهنجائپ ۽ جيئو ۽ جيئڻ واري پيغام کي اڳتي وڌائبو. سندس ڇڏيل اُن مشن کي اڳتي وڌائڻ اسان قومي فرض آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حُسناڪين کي ڏسندڙ اسحاق مڱريي جون حُسناڪ اکيون ٻوٽجي چڪيون آهن مگر سندس علم، عمل ۽ پيار جو ڪيل پورهيو ۽ ڇڏيل واٽ اسان وٽ موجود آهي. اسان کي سندس واٽ تي هلڻو آهي ۽ سندس مشن کي مڪمل ڪرڻو آهي. سندس ڇڏيل علمي، ادبي، قلمي ۽ صحافتي لکڻين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي کيس سدا ياد رکڻو آهي.

منهنجي ڪم کي ڏسجو، مونکي سدا ياد رکجو.

مارڪس جو چوڻ مطابق تاريخي هيڪڙائي “Unity of historical essence”  به اجتماعيت لاءِ جاکوڙڻ آهي. اچو ته اسحاق مڱريي جي اُن جاکوڙ کي جاري رکون ۽ سنڌي سماج ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪريون.

ڇا تون وئين سو وئين، وري ورندين ڪونه

ڇا هي سنڌڙي تو نه، ساريندي سڏڪا ڀري.

سنڌ جي بيبياڪ، بهادر، جاکوڙي صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسحاق مڱريي سڄي حياتي محبتون ونڊيون ۽ ورهايون. هو يارن جو يار ملنسار ۽ محبتي انسان هو. هِن جي وڏي خوبي اِها هئي ته هِنَ ڪڏهن به، ڪنهن سان به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو.

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا

هٿان حيببن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهن.