سنڌي ترجمن جي ڪَلا ! 

0
164
 سنڌي ترجمن جي ڪَلا ! 

 ليڊس يونيورسٽي جي پروفيسر جيرمي مُنڊي،   ترجمي جي ڪلا   متعلق ڪتاب  لکيا آهن ۽ ڊاڪٽر خالد محمود  انهن کي اردوءَ ٻولي ۾  ترجمو  ڪيو آهي. سنڌ ۾   ٽرانزليشن بيورو کولڻ جي ڳالهه ابراهيم جوئي، برڪت آزاد، اياز شيخ،  قادر جوڻيجي  ۽ رسول بخش پليجي به ڪئي، پر ٽرانزليشن اسٽڊي  Translation Studies مرڪزن جي ڳالهه نه ڪئي ويندي آهي جتي  لساني ماهرن سنڌي ترجمن جي معيار ۽ سياست تي  ريسرچ ڪن ۽ نظريا ڏين. سنڌي ترجمن تي نظر رکن،  نون مترجمن کي   سِکيا   به ملي،  ان ڳالهه تي عمل ته اڃان پري جي مسئلو آهي. مان  ارونڌتي راءِ جو منسٽري ناول ترجمو ڪيو هو ته سٺي پيشه ور  گائيڊ جي  کوٽ محسوس ڪئي هئم،  منهنجي  ترجمي جي حوالي سان ڪن نقادن جي تنقيد به سامهون آئي آهي ته  ڪٿي سنڌي ٻولي جا لفظ ۽ محاورا ڏکيا ڪتب آندا ويا ۽ پڙهڻ ۾ ڏکيائي  ٿي پيش اچي،، اها تنقيد نوٽ ڪئي وئي آهي. اڄڪلهه  جنهن وٽ  کيسي ۾  پنجاهه هزار يا هڪ لک آهي ته اهي غلط سلط ترجما   ڪري پاڻ ئي ڇپائي رهيا آهن،  مهاڳن  ۽ اخبارن ۾  تعريفي  رِويوز  لکرائي پڙهندڙن کي ٺڳيو  پيو وڃي،  قومي  ٻولي جي نالي ۾ ڪرپٽ فيوڊل سياسي  سسٽم  کي استعمال ڪري تڪڙي شهرت ۽ پاور  ماڻي  عوام جو ادب تان ويساهه کڻايو پيو وڃي! ان سڄي عمل کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي.

 Translation Studies  ۾ بنيادي اصول  اهو آهي ته مترجم کي Source Text  يعني اصل ڪتاب سان وفادار رهڻو آهي.مترجم وٽ  اهو حق نه آهي ته  اصل ڪتاب جي معنيٰ   ڦيرائي وڃي ۽ جملا  ڪٽي وڃي. سنڌي ترجمن کي اصل انگريزي سان  ڀيٽيو وڃي ٿو ته   ترجمن ۾ گهڻيون  غلطيون نظر  اچن ٿيون. چوڻ لاءِ  ته چئي سگهجي ٿو ته جي ايم ڪوئٽزي جو ناول  Disgrace به  سنڌي  ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي، پر انگريزي سان ڀيٽي ڏسو ته توهان کي معيار جي خبر پئجي ويندي.  ڪوئٽزيءَ جو انگريزي جملو

She is offended by tourists who bare  their breasts ( udders, she calls them) 0n public beaches;

  She thinks vagabonds should be rounded up  and put to work asweeping the streets.

 سنڌي ترجمو ؛ هوءَ اهڙي شيدي عورتن  تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آهي جيڪي  سمنڊ ڪناري سڀني اڳيان پنهنجيون ڇاتيون  جن کي ثريا ٿڻ چوندي آهي اگهاڙيون ڪيون گهمنديون آهن.  ثريا مطابق اهڙين رولاڪ زائفائن کي پڪڙي گهٽين ۾ ٻهاري ڏيڻ تي لڳائي ڇڏجي. ڊڪشنري ۾ ٽورسٽ لفظ  جي معنٰي آهي   سياح. سنڌي ترجمي ۾ ٽورسسٽ  جو ترجمو  شيدي عورتون ڪيو ويو آهي. ٻئين جملي ۾ ويگابانڊس يعني شهر جي رولاڪن کي  شيدياڻيون  ۽ شيدياڻين کي رولاڪ  بڻائي اصل جملن جو مطلب ئي  غلط  ٿي ويو آهي.

In  the desert of the week Thursday  has become oasis of luxe et volupte.

سنڌي ترجمو ؛ “ائين چئجي ته  ستن ڏينهن جي رُڃ ۾  خميس جي هيءَ منجهند  هن لاءِ وسڪاري جيان آهي، اهو ئي ته سڀني جسماني موجن جي اظهار جو لمحو آهي.” هن جملي ۾ Oasis    جي معني  وسڪارو لکي وئي جڏهن ته ڊ ڪشنريءِ ۾ ان لفظ جي  معنيٰ  نخلستان ۽  خيابان آهي،  e luxe et volupt   فرينچ محاوري جو  انگريزيءَ ترجمو “جسماني موجن جي اظهار جو لمحو”   ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊڪشنري ۾ ڏسجي ته    راحت  موج ۽ لذت  معنيٰ بيهندي.    سنڌي ٻوليءَ ۾  اڪثر ترجما  اردو ٻوليءَ تان ڪيا ٿا وڃن جن جي معيار جي پڪ  اردو دان پاڻ به نه ڏيندا آهن. 2020ع ۾  چارلس ڊڪنس جي ناول Tale of two Cities سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، ترجمي جي  مهاڳ ۾  غلط بياني ڪئي وئي ته  ترجمو ڊڪنس جي انگريزيءَ ناول تان ڪيو ويو هو ۽ مترجم کي انگريزيءَ ٻولي جو ماهر هئڻ جو لقب به ڏنو ويو! پوءِ خبر پئي ته مهاڳي پاڻ به ڪاليج ۾  انگريزي ادب ۾ استاد هو، ماسٽرس ڊگري لاءِ   ڊڪنس جو  ناول انگريزيءَ ۾   ضرور پڙهيل هوندس ، پوءِ هن کي  ڇو نه خبر  پئجي سگهي ته ناول انگريزيءَ تان ترجمو نه ٿيل هو ۽  1961ع واري   فضل الرحمان  جي  اردو ترجمي جو  سنڌي ترجمو   آهي؟ ريختا ويب سائيٽ تي اردو ترجمو موجود آهي هاڻي به ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.  جيرمي منڊي  لکيو ته   ترجمن جي مهاڳن ۾  مترجم   ترجمي بابت  ڄاڻ جو خزانو ڇڏي ويندو آهي. پر ڪوڙا تعريفي  مهاڳ پڙهڻ سان ڪهڙي ڄاڻ ملندي؟ ها باقي   ابراهيم جويو،  ولي رام ولڀ  ۽  مراد مرزا   ترجمن ۾   سچ پچ ته اهڙا سٺا مهاڳ لکيل به آهن جنهن مان  ترجمي جي تخليقي عمل کي  سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اهي مهاڳ مترجمن پاڻ ئي لکيا آهن، اهڙن ماڻهن کان نه لکرايا ويا آهن جن  پاڻ ڪڏهن ترجما نه ڪيا آهن ۽ مفت ۾ نالو ڇپائڻ جو شوق پورو ڪيو ٿو وڃي.

گارشيا مارڪيز جي ڪتاب Memories of My Melancholy whores    جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿيو، باب پنجين ۾ جوليئس سيزر جي مشهور چوڻي  ڏنل آهي ؛

In the end, it is impossible not to become what others believe you are

سنڌي ترجمو؛  آخر ۾ اهو ممڪن ناهي  هوندو ته اوهان اهي بڻجو  جيڪو ٻيا اوهان جي باري ۾ سمجهندا آهن.

منهنجي مطابق  جملي جو مطلب هيءُ بيهي ٿو ته  آخر ۾ توهان اهي ئي ٿيندا آهيو  جيڪي  ٻيا توهان جي باري ۾ سوچيندا آهن. يا آخر ۾  اهو ناممڪن آهي ته توهان  اهي نه بڻجو  جيڪو ٻيا توهان جي باري ۾  سوچيندا آهن. هن ترجمي ۾  تاريخي  شخصيتن،  ندين  جي  نالن ۽  ڏکين جملن جو ترجمو نه ڪيو ويو آهي. گارشيا مارڪيز   ندين پهاڙن هنڌن ۽  تاريخي شخصيتن جا نالا لکيا آهن ته اهي  نالا ناول لاءِ تمام اهم  هوندا، مترجم پاڻ فيصلا ڪري   اصل ڪتابن مان نالا، جملا ڪٽي ڇڏن ته اها ترجمي جي ناڪامي چئبي. چوڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته  وڪٽر هوگو جو به سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. وڪٽر هوگو جي  ناول لِي مِيزرابل 800 _ 900 صحفن  جو آهي،  سنڌي ٻوليءَ  ۾  ترجمو “مصيبت ماريا سائين سنواريا”  جي  مهاڳ ۾  مرزا قليچ بيگ  پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته    اهو ترجمو اڻپورو آهي،  نالا ڦيريا اٿائين، اصل ڊگهو ناول سُسائي چوپڙي ڪري  ڇڏيو اٿائين، تڏهن به سنڌي ادبي بورڊ اهو ترجمو ڇپائي ڇڏيو!   ڪجهه نه هئڻ کان ڪجهه هئڻ بهتر آهي، اهو هئڻ غلط  ئي هجي پرواهه ناهي! اهڙي روايت جي نندا نه ڪئي وئي  ته نئين نسل جا شاطر شاهوڪار   اڌورا ترجما ڪري،  نااهل هوندي به مشهوري  جي گُهر ڪندا رهندا!مستقبل بعيد  واري سنڌ ۾ Translation Studies  سينٽر کُليا ته  لساني ماهرن کي  سنڌي ترجمن جي سياست تي ٿيسز لکڻ ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي.