ڪنب (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جي سيڪريٽري ستار سنڌي، ڪائونسلر عنايت پنھيار، ساگر عبدالجبار تمراڻي، پروفيسر سجاول ڳاھو، پروفيسر حسن وساڻ، منير پنھيار، قاصد پنھيار، عبدالحليم کوکر، عورت ميمبر سنڌ ڦل ۽ ٻين عھديدارن، ميمبرن پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته ساس سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پريل دايو ۽ سندس پٽ جي اغوا ۽ سندس مٿان تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ھنن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر انڌير نگري جو راڄ ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي. هنن وسن وارن کان مطالبو ڪيو ته ساس سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري پريل دايو ۽ سندس پٽ جي مٿان ٿيل حملي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو وڃي ۽ ملوث ماڻھن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.