جوهي (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ جوھي جي خاص گڏجاڻي ، سيڪريٽري جنرل جي ھدايتن تي سنگت جي منشور، دستور ۾ سڌارن ، واڌارن ۽ سنڌوء درياهه جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي کي رد ڪرڻ جي سلسلي ۾ رفيق بلوچ جي صدارت ھيٺ ٿي. سڀ کان پھرين سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڇھن ڪئنالن جي آڙ ۾ لڳندڙ ڌاڙي کي مڪمل طرح سنڌ دشمني قرار ڏيندي نامنظوري جي قرارداد منظور ڪئي وئي.سنڌو درياهه کي سنڌ جو وجود ۽ جياپو قرار ڏيندي ھر محاذ تي جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو. وڌيڪ چيو ويو ته ھي رڳو شاخ جوھي جو مسئلو نه پر سنڌ جو آھي، سدائين سنڌ سان بيھندي آهي. سڀني سياسي ، مذھبي ، سماجي ۽ صحافتي تنظيمي ڌرين تي فرض عائد ٿئي ٿو ته ھو سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف حلالي پٽ ٿي پنھنجو ڪردار ادا ڪن .