حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت جي ٻن ڌڙن جي اڳواڻن سنگت کي هڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي جڏهن ته جاڙين شاخن کي هڪ ڪرڻ لاءِ اديب محمد خان ابڙو جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا جاڙين شاخن وٽ وڃي سندن اتحاد جي حوالي سان ڪوششون ڪندي. جاڙين شاخن جي هڪ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ٻنهي ڌڙن کي گڏائڻ جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو. سنڌي ادبي سنگت جي ٻنهي ڌڙن جي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس حيدرآباد ۾ اديب محمد خان ابڙو جي ميزباني هيٺ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي عهديدارن تي مشتمل مذاڪراتي ٽيمن جي اڳواڻن پنهنجو پنهنجو موقف سامهون رکيو. اجلاس ۾ تاج جويو، مشتاق ڦل، شبير سيال، آزاد انور ڪانڌڙو، اعظم ڀٽي، خطائي ٿيٻ، مظهر خاصخيلي، حسين سارنگ ۽  رمضان ميمڻ شريڪ ٿيا جڏهن ته مبصر طور اڳوڻي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، زاهد راڄپر ۽ نور چاڪراڻي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. هاڻي ٻنهي ڌرين جا عهديدار ۽ شاخن جا ميمبر ڪو به اختلافي بيان جاري نه ڪندا. اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو ته سنگت کي هڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جاڙين شاخن کي گڏيل مشاورت سان هڪ ڪيو وڃي ۽ مختلف الحاق ورتل حتمي شاخن بابت 2020ع کان 2024ع تائين جي لسٽن ۾ شامل شاخن جي باري ۾ اختلافي معاملن کي گڏيل صلاح مصلحت سان حل ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ اديب محمد خان ابڙي جي سربراهي ۾ 5 ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ آزاد انور ڪانڌڙو، شبير سيال، رمضان ميمڻ ۽ زاهد راڄپر شامل هوندا. اها ڪميٽي ضرورت پوڻ تي گڏجي شاخن جا مسئلا حل ڪندي. جنهن شاخ وٽ محمد خان ابڙو ڪنهن مصروفيت سبب پهچي نه سگهندو اتي هو پنهنجو نمائندو مقرر ڪندو. جنهن به شاخ ۾ معاملن جي نوعيت شديد اختلافي هوندي اتي تاج جويو ۽ مشتاق ڦل ڪميٽي جي مدد ڪندا. اهو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سنگت ڪائونسل جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويندو ۽ ”هڪ سنڌ، هڪ ادبي سنگت“ جي نعري کي ساڀيان جو روپ ڏنو ويندو. ساڳي وقت ان ئي سنڌ سنگت ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي باقي فيصلن جو اختيار ۽ حق حاصل هوندو. گڏيل پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته مفاهمتي ۽ مشاورتي مرحلو حل ٿيڻ تائين سنگت جي ٻنهي ڌرين جون ٻئي باڊيون  پنهنجو پنهنجو ڪم ڪنديون رهنديون ۽ سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس کي سنڌ سنگت کي هڪ ڪرڻ جو آخري ۽ حتمي اختيار حاصل هوندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد خان ابڙي چيو ته هن سنگت جي ٻنهي ڌڙن کي گڏائڻ جون ڪوششون ورتيون آهن. سندس درخواست تي ٻنهي ڌڙن جا اڳواڻ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيا آهن. ڳالهين دوران سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ تي اتفاق ٿي چڪو آهي. هيٺين سطح تي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. چند هفتن ۾ سنڌ ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ٻنهي ڌڙن کي گڏائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. اڳوڻي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو ته ٻنهي ڌڙن ۾ ڪي خاص اختلاف نه آهن. صرف انائن جو معاملو آهي. اهي انائون ڳالهين جي نتيجي ۾ دفن ٿي ويون آهن. سنڌ جلد خوشخبري ٻڌندي ته سنڌي ادبي سنگت هڪ ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنگت 2017ع ۾ ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي هئي. هيٺين سطح جي جاڙين شاخن جا اختلاف نبيرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ٿي آهي جيڪا انهن شاخن تائين پهچي سندن اختلاف ختم ڪرائيندي ۽ جيئن ئي اهو مرحلو مڪمل ٿيندو تيئن سنڌ ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ان ۾ باقي معاملا حل ڪيا ويندا.ملڪاڻي شريف ڀرسان نوجوان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي تارن ۾ هٿ وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي