حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ تي ڪئنالن اڏڻ خلاف سنڌ جي وڪيلن،سياسي ۽ قوم پرست پارٽين ۽ سنڌي قوم جي اجتماعي احتجاجي جدوجھد کي سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪندي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ھن جدوجھد سان يڪجھتي ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿي.اھڙو اظھار سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي گڏجاڻيء ۾ پاس ڪيل ھڪ ٺھراء ۾ ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ جي صدارت ضلعي رابطه سيڪريٽري مولا بخش محبتيء سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڪئي. گڏجاڻيء ۾ تاج جويي سائين جي ايم سيد جي 30 ھين ورسيء جي نسبت سان ڳالھائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد ويھين صديء جو وڏو عالم،اديب ۽ سياستدان ھو. ھن ننڍي کنڊ ۾ قوم پرستيء جو نظريو سائنسي بنيادن تي متعارف ڪري جديد سنڌ جي تعمير ترقيء ۽ آزاديء جو تصور ڏنو.ھن سياست کي خدمت ۽ عبادت جو درجو ڏنو.جي.ايم.سيد سياست سان گڏ ادبي، تعليمي ۽ سماجي طور به تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. گڏجاڻيء ۾ شيرل گوپانگ ‘ڪلام’،وحيد ڳاھي ‘گيت’،مولابخش محبتيء ‘ٽيڙو’ ۽ نور حسين ڪلھوڙي ‘روزي روٽي’ ڪھاڻيء جا اسم تنقيد لاء پيش ڪيا. گيت،ٽيڙو ۽ ڪھاڻيء جا اسم سنڌوء تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف ھلندڙ جدوجھد تي آڌاريل ھئا.گيت کي وقت جو احتجاج ۽ آواز قرار ڏنو ويو. جڏھن ته ڪھاڻيء جي ٻوليء کي نج عوامي قرار ڏيندي ان جي بيانه جي انداز کي ساراھيو ويو ۽ ڪھاڻيء جي پڄاڻيء کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاء چيو ويو. تنقيد ۾ گل سنڌي،دريا خان پيرزادي،شاد نمائي ۽ تخليقون پيش ڪندڙن حصو ورتو.آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيء جي رٽائر پروفيسر نور مصطفي شيخ جي وفات تي ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ويو.