ڄامشورو(رپورٽر) صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته صحافت ڪنهن به سماج جو ضمير هوندي آهي، جيڪا حق ۽ سچ کي بي ڌڙڪ انداز ۾ عوام تائين پهچائڻ جو فرض ادا ڪري ٿي. صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي مان انهن سڀني صحافين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، حياتيءَ جو خطرو کڻي به سچ جي تلاش ۾ رهن ٿا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اسان کي واعدو ڪرڻ گهرجي ته صحافتي آزادي، شفافيت ۽ عوام جي صحيح معلومات تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. هڪ مهذب، باخبر ۽ انصاف پسند سماج لاءِ آزادي صحافت انتهائي ضروري آهي. وڌيڪ چيو ته مان دعاگو آهيان ته اسانجي ملڪ جي صحافين کي وڌيڪ همت، تحفظ ۽ آزادي ملي ته جيئن اهي پنهنجي پيشيوراڻين ذميدارين کي بنا ڪنهن دٻاءَ جي ادا ڪري سگهن..