سنڌي ادبي بورڊ جو ماضي ۽ هٽايل ”ڍڳي وارو لوگو“

0
278

ڪريم شيرازي 

سنڌي ادبي بورڊ جنھن جو بنياد پاڪستان ٺهڻ کان پهريان 1940ع ۾ ان وقت جي تعليم واري وزير، ڏاهي ۽ مفڪر سائين غلام مرتضيٰ شاھ جي ايم سيد “سينٽرل سپورٽ بورڊ” جي نالي سان وڌو هو. جيڪو اڳتي هلي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1951ع ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” جي نالي سان منسوب ٿيو. جنهن جو بنياد انتهائي اهم قدم هو جنهن سان سنڌي ادب جا انتهائي اهم، ڪارائتا، قديم ۽ تاريخي دستاويزن جي حيثيت رکندڙ ڪتابن جو نقصان ٿيڻ کان بچي ويو. ان وقت جي ادبي بورڊ قيام ۾ ايندي ئي اهي سڀ ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪري ڇڏيا جنهن سان سنڌي ادب جو تمام اهم ۽ تاريخي ورثو اڳ جيان مٽجڻ کان بچي ويو ۽ هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي ويو جيڪو پوءِ گهڻن ئي ڇاپن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان ان مان مستفيد ٿيندا پيا اچون.سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان پوءِ جيڪو اهم ڪم ٿيو اهو سنڌي لوڪ ادب جو تمام وڏو ذخيرو هو جيڪو ان وقت برک ڏاهي ۽ عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ذميواريون پنھنجي ڪلهن کنيون ۽ اهي تمام شاندار نموني سان نڀايون جنهن ۾ هن پنهنجون ٽيمون ٺاهيون ۽ انهن ٽيمن سميت پاڻ به پوري سنڌي جي وستي وستي واهڻ واهڻ وڃي لوڪ ادب جو خزانو ڦڙي ڦڙي گڏ ڪري سنڌي لوڪ ادب جو پورو سمنڊ 17هن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.ان کان علاوه به سنڌي ادبي بورڊ سنڌ تي تمام ڏکي وقت ۾ به پنهنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي، سنڌي ادبي بورڊ جو ٽي ماهي “مهراڻ” رسالو به قابل تعريف آهي.سنڌي ادبي بورڊ جو شروعاتي لوگو “س ا ب” جي نالي سان هو. جيڪو اڳتي هلي مخدوم طالب المولي 1962ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو ته پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو مهين جي دڙي مان مليل آثار قديم ۽ سنڌو ماٿري جي قديم جانور “ڍڳي” وارو لوگو ناليواري آرٽسٽ ع ق شيخ کان ٺهرائي سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ڪتابن سميت مهراڻ رسالي تي به ڇپجڻ شروع ڪرايو. وچ ۾ 1983ع کان 1989ع تائين (ضياء دور) ۾ لوگو هٽايو به ويو پر مخدوم صاحب ٻيهر 1989ع ۾ بورڊ جا چيئرمين مقرر ٿيا ته پاڻ ساڳيو “ڍڳي” وارو لوگو وري بحال ڪري ڇڏيو جيڪو مسلسل ادبي بورڊ جي ڇپجندڙ ڪتابن ۽ رسالن تي برقرار رهيو. پر گذريل سال فيبروري 2022ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف جيڪو پڻ ان ئي خاندان سان تعلق رکي ٿو جنهن جي والد صاحب مخدوم طالب المولي  پاڻ هي لوگو لڳرايو هو. ۽ BOG ميمبرن ڊاڪٽر نواز شوق، محمد علي پٺاڻ  ۽ ٻين قديم سنڌو ماٿري جي نشان “ڍڳي” واري لوگو کي هٽائي سنڌ جي نقشي وارو لوگو ڏئي نئين سر ادبي بورڊ جي نون ڇپجندڙ ڪتابن ۽ ٽہ ماهي مهراڻ رسالي تي به ساڳئي ئي لوگو سان ڪتاب ۽ رسالا ڇپائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
جيڪو ادبي هلڪن سميت قومپرست ڌرين ۾ به ادبي بورڊ جو اصلوڪو لوگو هٽائڻ واري فيصلي تي تنقيد شروع ٿي چڪي آهي، شروعاتي طور تي ادبي بورڊ جي ڪميٽي جي ميمبر محمد علي پٺاڻ لوگو هٽائڻ واري مسئلي تي موقف ڏيندي چيو ته “ڍڳي وارو لوگو هندو ڌرم سان نسبت رکي ٿو ان ڪري هٽائي، سنڌ جي نقشي وارو  لوگو لڳايو ويو آهي”
سندس هي موقف انتهائي ٻاراڻي ڳالھ وانگر لڳو، اڪثر ماڻهون جن ريتن رسمن يا شين کي مذهبي رنگ ڏئي پيش ڪندا آهن . انهن کان شايد اهيا ڳالھ وسري ويندي آهي ته اهي شيون هڪ ته قديم آثارن جي جاءِ رکن ٿيون، مذهب ته پوءِ ٺهيا ان کان اڳ انسانيت ته هئي، ماڻهن ڀلي پنهنجا مذهب مٽائي ڇڏيا پر انهن پنهنجون ريتون، رسمون يا پنهنجي ثقافت کان ته منهن ناهي موڙيو، اهي اڄ به انهن سڀني شين کي ائين ئي ڏسندا پيا اچن جيئن اهي شيون اڳ هيون. هتي جا ماڻهون 1400سال پهريان مسلمان ٿيا پر ان کان پهريان اهي ڪير هئا؟ ان بحث ۾ نه ٿو وڃجي پر سوچڻ ضرور گهرجي ته سنڌ ته ڌرمن جي ماءُ آهي. ماءُ لاءِ سڀئي ٻچا هڪجيترا ئي پيارا هوندا آهن ماءُ لاءِ سڀئي شيون هڪ جيتريون ئي پياريون آهن.ايوب کوسي جون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هي سٽون ان جو سٺو جواب آهن ته :
“هي رڳو موئن جي دڙي جي تهذيب جي سڃاڻپ جو ڍڳو فقط هڪڙو لوگو ناهي پر هي اسان جي وطن جو ابتدائي آباد ڪندڙ روح آهي. هي اسان کي ٻُڌائي ٿو ته سنڌ هن دنيا جو هڪ تاريخي تهذيبي وطن ۽ سنڌي دنيا جي هڪ عظيم قوم آهي، ان قوم زراعت سان دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪڻڪ پيدا ڪئي ۽ ڪپھ پوکي دنيا کي انگ ڍڪائڻ لاءِ ڪپڙو مهيا ڪيو، اهو سڀ ان ڍڳي جي ڪري ٿيو جنهن سنڌ جي زمين کي کيڙي ان کي زرخيز ڪيو، ڍڳو ان تاريخ جو عظيم اهڃاڻ آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موئن جو دڙو کي واپاري مرڪز جي حيثيت ڏني. سنڌ جي انهن واپارين قديم عراق جي شهرن سمير، اڪاد، بابل، نينوا تائين پنهنجا واپاري مرڪز قائم ڪيا، قديم مصر جي راڻين سنڌ جو ڪپڙو جيڪو سُندس جي نالي سان پنهنجي جسمن تي اوڍيو اهو موئن جي دڙي جي ان ڏاند جو ڪارنامو آهي، ان موئن جي دڙي جي ڍڳي جي لوگو کي سنڌي ادبي بورڊ مخصوص ذهنيت تحت ڪيئن هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ هي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب سان جيڪا هٿ چراند ٿي آهي ان کي سنڌ جو شعور ۽ ساڃاهه ڪنهن به ريت قبول نٿي ڪري سگهي .”
هي صرف ايوب کوسي جو موقف ناهي هر سنڌي ماڻهون جو اهيو چٽو موقف آهي.ادارا قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن، هي نه فقط سنڌي ادبي بورڊ جي اصلوڪي لوگو سان هٿ چراند آهي، بلڪه هي تاريخ سان هٿ چراند آهي جيڪا ڪڏهن به قابل قبول ناهي. مخدوم صاحبان کي پنهنجي ماضي ڏانهن ڪنڌ ڦيرائي ڏسڻ کپي ۽ پنهنجي ورتل فيصلي تي نظر ثاني ڪري سنڌي ادبي بورڊ جو اصلوڪو لوگو “ڍڳي” وارو بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هي مطالبو هڪ پوري تحريڪ جي جاءِ وٺي بيهي سگھي ٿو، جنهن جو حصو هر قلم ڌڻي ٿي بيهندو ۽ اوهان کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پوندو.