حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻن خلاف داخل ڪيس ۾ 6 ڄڻن جي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي ان سلسلي ۾ ڪينٽ ٿاڻي تي 17 نامزد ۽ 250 نامعلوم ماڻھن تي ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج بعد ڪيس داخل ڪيو ويو ھو سارنگ جويو، سھڻي جويو، محبت لغاري، امتياز ميراڻي، غني امان ۽ شبير لغاري وڪيل اندرجيت لوھاڻو معرفت عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 6 ڄڻن جي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي عدالت 50-50 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ساڳئي ڪيس ۾ روپلو ۽ ھوشو جويو گرفتار ٿيل آھن جن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي عدالت ڪيس ۾ نامزد 17 ڄڻن مان 6 جي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.