حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي غازي ڳوٺ تي ٻيهر پوليس ۽ بلڊر مافيا جي حملي ۽ نياڻين تي پوليس تشدد،  فائرنگ ۽ شيلنگ واري عمل کي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن افسوسناڪ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث پوليس توڙي بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائي ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ويو ته غازي ڳوٺ کي ڌرتي ڌڻين لاءِ فلسطين بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت اقتدار جي نشي ۾ انڌي ٿي چڪي آهي، کيس هوش سنڀالڻ گهرجي. هڪ پاسي اصل ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي پ پ سرڪار ڌاري آبادڪاري لاءِ سهولتون پيدا پئي ڪري. حڪومت بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي. ڳوٺن کي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ تشدد سان هيسايو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته غازي ڳوٺ جي نياڻين ۽ ڳوٺاڻن مٿان سرڪار جي حڪم تي پوليس وحشت برپا ڪئي اهو عمل ناقابل برداشت آهي. انتظاميا جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو به غازي ڳوٺ تي پوليس ۽ بلڊر مافيا جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ڳوٺاڻن تي حملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي برطرف ڪري بلڊر مافيا کي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڳوٺاڻن کي فائرنگ ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا شيل ھڻي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي زخمي ڪيو ويو آھي. ڪراچي ۾ پ پ حڪومت افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي آباد ڪري رھي آھي پر ڌرتي ڌڻين کي لڏايو پيو وڃي. سنڌي ماڻھو ضياءُ ۽ مشرف جي دور ۾ به پنهنجي وطن مان بي وطن نه ڪيا ويا هئا پر پ پ سنڌين کي بلڊر مافيا جي بڇ تي لڏائي دھشتگردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. هن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ڪراچي مان سمورا غيرقانوني پرڏيھي واپس ڪيا وڃن ۽ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو غازي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ قديمي ڳوٺ کي ڊاهڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪري پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي.