حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪرپٽ ۽ ڏوھاري ٽولو اقتدار تي مسلط آھي. ملڪ کي سياسي ۽ معاشي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويو آھي. عالمي سامراجي طاقتن پاڪستان کي پنھنجي مفادن جو اڏو بڻائي ڇڏيو آھي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون حالتون درست ناھن. سنڌ ۾ لکين عوام رستن تي آھي. پاڪستان صرف پنجاب ناھي. شھباز شريف سڄي ملڪ جو وزيراعظم آھي. وفاقي حڪومت سنڌ سميت سمورن صوبن جي وسيلن ۽ حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، جنھنڪري احساس محرومي وڌيو آھي. سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي. ھن چيو ته چولستان سميت 6 ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ ٺاھڻ نه ڏينداسين. پنجاب، وفاق ۽ پ پ حڪومت پنھنجي اقتداري مفادن لاءِ سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته حڪمران اھو ياد رکن ته سنڌ جي ماڻھن ضيا شاھي ۽ پرويز مشرف جي آمريت جو به مقابلو ڪيو. آصف زرداري ۽ شھباز شريف سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪجھ به ناھن. انڪري سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جو منصوبو فوري طور رد ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن جا سودا بند ڪيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ ۾ لکين عوام جي شديد احتجاجي لھر کي ڏسي پيپلز پارٽي جا حڪمران ۽ وزير بوکلائجي ويا آھن. عوام جي ڪاوڙ کي گھٽائڻ لاءِ روز نوان ڪوڙ ۽ ڊراما ڪري رھيا آھن. جيستائين ڪئنال منصوبا رد نه ٿيندا. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملندو ان وقت تائين رستن تي هونداسين ۽ خاموش نه ويهنداسين. چيو ته سنڌ ۾ ھن وقت ڏڪار واري حالت آھي. فصلن لاءِ پاڻي ناھي. پيئڻ لاءِ به پاڻي ناھي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي، ان صورت ۾ ڪئنال يا ڪو ٻيو منصوبو ڪيئن ٿو ٺاھي سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب ۽ پ پ حڪومت ڪوڙ ٿا ڳالھائين ته چولستان ڪئنال ۾ پنجاب پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏيندو ته پوءِ اھو به اعلان ڪيو وڃي ته پنجاب جا ڪھڙا واھ ۽ ڪئنال بند ڪيا ويندا ۽ ڪھڙيون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بنائي ريگستان کي آباد ڪيو ويندو. اھو سڀ ڪوڙ آھي.