ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڌرتي ڌڻين جي تحريڪ جاري، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، خبر موجب سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڪالهه مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻا هنيا ۽ ريليون ڪڍيون، ميهڙ ۾ جساف آريسر گروپ طرفان دعا چوڪ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ بعد ميڻ بتيون ٻاري شھر جو گشت ڪيو ويو، ٿرڙي محبت ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٺٽو ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گولاچي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ثمر حيدر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بدين ۾ نوجوان اتحاد سنڌ پاران امير آزاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ درياءَ بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سياسي سماجي پارٽين، سول سوسائٽي جي سوين عورتن ۽ مردن حاجن گل شر، صدا حسين شر، آزاد شر، وقار جوڳي، قدير شر، ظفر شر، نسيم اعجاز، استاد شرجيل، منظور سنڌي، در محمد بگٽي، سرڪار حسين اسدي، مسمات ڀرائي شر، فضا شر، صفيا شر ۽ بينظير شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، هوڏانهن ڳيريلو، گاجي کهاوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آھي، سنڌ مان ڪوئلو، گيس ۽ تيل به پنجاب کڻي ٿو وڃي پر ھاڻي ھو اسان جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي ڪربلا بڻائڻ چاهي ٿو، ھنن چيو ته پرامن مظاھرين تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ڪئنالن خلاف تحريڪ کي روڪڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته اسان ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناھيون، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف خاموش نه ويهنداسين، سنڌو درياءَ جا محافظ آھيون، ھنن انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ اقوام متحدهه کان گھر ڪئي ته سنڌو  درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي واري منصوبي جو نوٽيس وٺي تڪراري ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪيو وڃي، هوڏانهن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اڄ عيد ڏينهن درياءَ بادشاهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ معروف شيعا عالم اياز قمي چيو آهي ته ڌرتي ڌڻي اڄ عيد ڏينهن خيرپور لاڙڪاڻو پل تي غازي عباس جا علم پاڪ کڻي پهچن ۽ پنهنجي درياءَ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪن.