ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو تي 6 ڪئنال اڏجڻ خلاف 17 نومبر بروز آچر واري ڏينهن ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پرڀات ھاليپوٽو ‘ صفيه راڄپر ۽ نورجهان ڪاتيار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو دريا مان پاڻي جي ڌاڙي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، سنڌو دريا تي 6 نوان ڪئينال اڏڻ جي منصوبه بندي ٿي رھي آھي ،جنهن سان سنڌ مڪمل زرعي طور پاڻي جي کوٽ جو شڪار بڻجي تباھ ٿي ويندي ، سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري نقصان رسندو، سنڌ جي تيل ۽ گيس جي ڪمپنين ۾ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، ڪوڙي ، بوگس ۽ ڊجيٽل آدشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري منصوبه بندي تحت افغاني ، بهارين ، برمين ۽ ٻين غيرملڪين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي ڃي جنھن جي خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر 2024 تي ڪراچي ۾ پرامن ريلي ڪڊي پريس ڪلب ڪراچي اڳيان جلسي عام ڪيو ويندو جنھن ۾ سنڌ جون هزارين عورتون مرد ريلي ۾ شامل ٿي پنهنجي قومي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪندا .