سنڌو ۽ ڪشمير لاءِ جنگ لاءِ تيار آهيون: پاڻي تي سياست ڪندڙ يتيمن کي شڪست ڏبي: بلاول

0
26
سنڌو ۽ ڪشمير لاءِ جنگ لاءِ تيار آهيون: پاڻي تي سياست ڪندڙ يتيمن کي شڪست ڏبي: بلاول
سنڌو ۽ ڪشمير لاءِ جنگ لاءِ تيار آهيون: پاڻي تي سياست ڪندڙ يتيمن کي شڪست ڏبي: بلاول

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي تسليم نه ڪيو ته پاڪستان سان هڪ ٻي جنگ وڙھندو، اسان ڀارت کي ٻيهر شڪست ڏينداسين، اسان پنهنجي درياءَ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ـ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ آمريڪا سميت 4 ملڪن جي سفارتي دوري بعد  ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي آجيان لاءِ  آيل  پ پ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته پاڪستان ڀارت کي جنگ کانپوءِ سفارتي مورچي تي عبرت ناڪ شڪست ڏني، پاڪستان سان سچ ۽  ڀارت سان ڪوڙ بيٺل هئا، هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو اسان لاءِ سڀ کان اهم آهي، اسان سفارتي دوري دوران دنيا کي امن جو پيغام پھچايو، ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو، مختلف هنڌن تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪيو، لاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مثبت سفارتي ڪوششون ڪيون ، عالمي ميڊيا ۾ ڀارت جو بيانيو هارائي ۽ پاڪستان جو بيانيو کٽي ويو، هن چيو ته اسان ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهي کي سنڌطاس معاهدي کي قبول ڪرڻو پوندو، انهي وٽ ٻه آپشن آهن يا ته معاهدو قبول ڪريو يا پاڪستان سان ٻي جنگ وڙهو، اسان انهي جنگ ۾ به ڀارت کي شڪست ڏينداسين، اسان ڄاڻون ٿا ته پنهنجي درياءَ جو دفاع ڪيئن ڪجي؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه سياسي يتيم صوبن جي وچ ۾ نفرت پکيڙڻ جا عادي رهيا آهن، انهن لاءِ سنڌو بهانو هو ، سندن اصل نشانو پ پ هئي، ڀارت جڏهن اسان جي درياءَ تي حملو ڪيو ته  اھي سياسي يتيم ڪٿي غائب آهن ؟ انهن پويان ڀارت جي فنڊنگ هئي، اسان جو نعرو پاڪستان کپي آهي، هاڻي جڏهن اليڪشن ٿينديون ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر انهن سياسي يتيمن کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن پاڪستان 6 هندستاني جهاز ڪيرايا ته هندستان ان کي قبول نه ڪري رهيو هو، پر هڪ مهيني بعد هندستان پاڻ قبول ڪيو ته انهن جا جهاز ڪيرايا ويا. اسان سفارتي سطح تي هر هنڌ ڪشمير جو مسئلو اٿاريو، ڪشمير هاڻي هندستان جو اندروني معاملو ناهي رهيو، اهو هڪ بين الاقوامي مسئلو بڻجي چڪو آهي هاڻي آمريڪي صدر به چوي ٿو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته  مودي سنڌو تي تاريخي حملو ڪيو، هن ڌمڪي ڏني ته اسان پاڪستان جو پاڻي روڪي ڇڏينداسين. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي  وزير اعليٰ مراد شاھه ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته بلاول ڀٽو سفارتي محاذ تي جرئت، دانائي ۽ بصيرت سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو،  هنن چيو ته بلاول ڀٽو عوام جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪو آهي.