سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف علائقن جي رهواسين هٿن ۾ خالي ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ بلال ڪالوني، شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسين نويد احمد کوسو، ڪاشف کوسو، غلام حسين مهر ۽ آفتاب کوسو چيو ته گذريل 30 سالن کان اسان جي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، چونڊيل نمائندا رڳو ووٽ وٺڻ لاءِ اليڪشن وقت اچي وڏا وڏا واعدا ڪري هليا وڃن ٿا، پر انهن واعدن تي ڪڏهن به عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته اسان سکر جي ميئر ارسلان شيخ کي به بار بار دانهن ڏني آهي، پر تدارڪ ناهي ٿيو، هنن سنڌ حڪومت۽ ميئر سکر کان مطالبو ڪيو ته پاڻي وارو مسئلو حل ڪري علائقي واسين کي پريشانين کان نجات ڏياري وڃي.