هو ڪڏھن ڪڏھن رات جو ننڊ ۾ دانهون ڪندو آھي. هن جون دانهون رات جي سناٽي ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اينديون آھن, هن جي گهر وارن هن کي ڪيترن ئي حڪيمن, ۽ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو. ڪنهن چيو ته ھن کي ڊيڄڙي جي بيماري آھي, ڪنهن چيو ته هن تي جنن ۽ ديون جو اثر آھي پر ايئن ناهي. هو ڄڻ ت سنڌو درياء جي مستقبل تي خوف ۾ ورتل آھي, هو هاري آھي, هر هلائي ان اپائي ٿو, هن جي ۽ سندس ٻچن جي زندگي زمين ۽ پاڻي سان جڙيل آھي, هو ڏينهن ٽاڻي سندس اپايل آبادي تي ويندو آھي, ۽ پوء اتان ٿيندو صحرا ڏانهن رخ ڪندو آھي ۽ اتي پهچي چوندو آھي, ڪاش پاڻي هجي ها ته هي صحرا به سر سبز ٿي وڃي ها! شام جو وري ٻي واٽ تان ٿيندو گهر موٽندو آھي.هڪ ڏينهن هو علي الصباح ھڪ واٽ تي مليو, جيڪا واٽ سر سبز زمينن ڏانهن ٿي ويئي. ان ويلي آسمان مان ستارا باک جي روشني ۾ گم ٿي رهيا هئا. سامهون ڊگهن وڻن ۾ ڦلاريل گلن مان ماڪ ڦڙا ڪنهن اداس ماڻھو جي ڳڙندڙ ڳوڙھن جيان ٽمي رهيا هئا. پکين رکي رکي وڻن ۾ تنواريو ٿي. ٿڌي هوا جا لڳندڙ جهونڪا، وڌيڪ جيئڻ لاءِ اتساه ڏيئي رهيا هئا. هونئن ته زندگي تي ڪو ڀروسو ناهي. زندگي هڪ ويرم ۾ زنده رهڻ جي، احساس کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي، پر پوءِ به اهو احساس ايترو ته شدت سان اڀري ٿو، جو زندگي سان پيار ۽ موت کان ڌڪار رهي ٿو. زندگي به اها لاڀائتي هجي ٿي، جنهن ۾ ڌرتي، دريائن، وڻن، انسانن ۽ جانورن سان پيار هجي ٿو. جيستائين اهڙي زندگي موجود آھي ڪيڏي نه خوبصورت آھي!
زندگي هڪ گيت آھي،
پل کن جي جيت جيان،
جو گيت ڳائجي،
سمائجي ٿو وڃي،
گهڙي ۾ سڀ ڪجھ وڃائجي ٿو وڃي،
هي ادائون، سڀ صدائون،
صحرا ۾ لهندڙ شام جيان،
جيئن ڏکن ۾ عارضي خوشي ملي،
وڇڙيل ڪو گلي لڳي،
اهو سڀ ڪجھ امڪان جيان،
زندگي هڪ گيت آھي،
جو شمشان گهاٽ تي ڳايل هجي،
اڃايل موسم به گهايل هجي،
زندگي هڪ گيت آھي،
جو ڳائڻ پڄاڻان وسري ٿو وڃي،
پاڻي پياسي ڌرتي تي ڪري،
جيئن پسري ٿو وڃي.
هو سادو سودو ماڻھو منهنجي سامهون هو, مون سان هٿ ملائي, چوڻ لڳو, سنڌو درياء کي سڪايو پيو وڃي. مون کي خوف ٿو ٿئي ته زندگي ختم ٿي ويندي. درياء جا سمورا گيت خاموش ٿي ويندا. آئون راتين جون راتيون ننڊ ۽ جاڳ ۾ سنڌو دريا لاءِ ٻاڪاريان ٿو، ڇو ته سڀ خوشيون پاڻي سان آھن. پاڻي نه هوندو ته پاڻ ئي نه هونداسين. مون هن کان ڪيئي سال اڳ ڪامڻين راتين ۾ سپنن جي نگري مٿان مورن جا الستي آواز فضا ۾ گونجندي ٻڌا ۽ اهي ويرون وجود ۾ ويهي ويون آھن. وسارڻ سان به نه ٿيون وسرن. جن ويرن ۾ راجا، راڻيون، ٻانهيون، دايون، گهوٽ ۽ ڪنوار کي سرهي سيڄ مٿان وهاري چندن ۽ ڪپور جي سرهاڻين، گلن ۽ ڦلن جي ورکا ڪري ڳائينديون هيون. ڳايل گيتن جي لفظ لفظ ۾ جڳمڳ جرڪندڙ ساعتون ۽ رنگ رتول ھوندا هئا، پاسن کان ٽمڪندڙ ڏيئن جون لاٽون زندگي جي پل پل کي ڀاڪرن ۾ ڀرينديون هيون، ۽ ڪائنات پنڊال جي آڳنڌ تي لٿل ڪنهن اپسرا جيان لڳندي هئي، جنهن جي مڌ ماتن نيڻن ۾ ڪڪر ڪار هوندي هئي. اڄ ڪٿي آھن اهي ويرون جن ۾ ولوڙا ٿيندا آھن ۽ ڪڪڙن جي ٻانگن جي دسن ۾ ڪائنات ڪر موڙي جاڳندي هئي. هاڻي اهو وقت وڃائجي ويو آھي. ڳولهيندي به هٿ نه ٿو اچي.وري جڏھن کان سنڌو سڪڻ لڳو آھي تڏھن کان زندگي سڪڙجڻ لڳي آھي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جياپو آھي, جڏھن درياء سڪندا آھن ته سڀ جيئاپا ختم ٿيڻ لڳندا آھن. شادين ۾ ڳايا ويندڙ سڀ لاڏا آخري دفعو پڙاڏا بڻجي ھميشه لاءِ سن ٿي ويندا آھن. ھاڻي ته مون کي هر رات خوابن ۾ ويرانيون نظر اچن ٿيون. آئون زور زور سان سڏيان ٿو، پر مون کي ڪو به سڏ وراڻي ڪو نه ٿو ڏي. ٻڌو اٿم ته دريا مان نوان واه کوٽائي چولستان کي آباد ڪرڻ جا سانباها ٿين پيا، جڏھن ته پاڻي جي اڳ ئي کوٽ آھي. ھو هڪڙو صحرا آباد ڪندا ته ٻيو پاسو صحرا ٿي ويندو.
سامهون باک هورڙيان هورڙيان قدم کڻندي ٿي آئي. ڊگهن وڻن ۾ پکي لاتيون لنوي خاموش ٿي ويا هئا، ان باک هن هاري جي اکين مان ڪَتين جون آخري چانڊوڪيون ڇڻي رهيون هيون. مون کي ايئن لڳو ته هو موڳاڻو ماڻھو قديم ويدن جي دور ۾ سنڌو دريا تي ٻل چاڙھيل ماڻھو جو ڪوئي روح آھي، جيڪو درياء کان موجون کسڻ تي رڙي ٿو. هونئن به دريا هن ڌرتي تي ماڻھن جو سڀ کان آڳاٽو محبوب رهيو آھي، ان سان پريم جون ڪهاڻيون ڪيڏيون نه پراڻيون آھن. هاڻي ته ھن ماڻھوءَ جي زندگي ۾ ڏکڻ ھير جا سارا جهونڪا ڄڻ ته موڪلائي رهيا هئا، هن جي زندگي جا سڀ رنگ هيڊا، ساوا، ڀورا، ناسي، ڳاڙها، ڪرمچي، ڪنوار جي ستاڙي کان پوءِ رنگن جيان ڦڪا ٿيڻ لڳا هئا، ان ڪري جو شايد هن کي دريا جي سڪڻ جو خوف هو ۽ ھن سوچيو ٿي ته درياء سڪو ته هو ڪيئن زمين آباد ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندو؟سنڌو وهندو رهندو، ڌرتي ۽ آڪاس جي ڦاڪ مان سج، چنڊ، تارا ۽ ڪَتيون معمول مطابق اڀرندا ۽ لهندا رهندا. اڃان ته هن ديس جا ماڻھو پنهنجو سنڌو سڪائڻ ڪو نه ڏيندا ۽ اڃان ته زندگي هلندي رهندي، اڃان ته فطرت جو ساٿ ٽُٽو نه آھي، موسمون ۽ برساتون اچن وڃن ٿيون، اڃان ته هاري ناري سائي ڌرتي. وڻن، ولين، پکين ۽ خوبصورت جانورن جي ڏسڻ جا خواب سانڍيندا رهن ٿا. ڪجھ ماڻھو جيڪي دريا ۽ فطرت جا دشمن آھن، اهي درياءَ کي سڪائي زندگي کي تڙپندو ڏسڻ چاهين ٿا، پر ايئن نه ٿيندو. سنڌو درياءَ جون لهرون روڪڻ ايئن آھن جيئن چنڊ کان روشني کسڻ!“سنڌو کي سڪڻ ڪو نه ڏينداسين. تون دلجاءِ ڪر”. مون هن کي چيو. هن ٿڌو ساه ڀريو ۽ پوءِ ھو ٿڌي واري تي آهستي پير رکندو اٿي هلڻ لڳو. ان وقت مون کي سنڌو گهاٽ تي هڪ شام ياد آئي، جنهن شام آئون سنڌو جي ڪناري تان بيي وچ سير جو درشن ڪري رهيو هوس. ان ڏينهن سنڌو جا ٻئي ڪنارا ڄڻ ته هارن سان جنجهيل سهڻي گائڪا جيان ٿي لڳا ۽ ڇولين جا آواز دنبورن ۽ کڙتالن جي آوازن جيان وڄي رهيا هئا، مون هوڙھن ۽ سج کي پاڻي ۾ چتائي ڏٺو. پوءِ مون سوچيو درياءَ سان پيار فطري عمل آھي، پر دنيا ۾ ڪيترائي ماڻھو غير فطرتي عمل جو حصو آھن جو ڌرتي ۽ درياءَ سان عشق کان دور آھن.