حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف آبادگار تنظيمن سنڌو نديءَ تي 6 ڪئنالن جي اڏاوت واري منصوبي کي پاڪستان جي يڪجھتي لاءِ انتھائي خطرناڪ قرار ڏيندي ان خلاف 23 نومبر کان مرحليوار ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. احتجاجي تحريڪ تحت 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته احتجاجي تحريڪ جا مرحلا طئي ڪرڻ ۽ آئينده جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آھي. ان ڏس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي ميزباني هيٺ اجلاس ۾سنڌ آبادگار بورڊ، ايوان زراعت سنڌ، سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو نديءَ تي 6 اضافي ڪئنال ٺاھڻ جي عمل تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ويو ته ملڪ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جھڙن سنگين مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي. سنڌ توڙي ٻين صوبن کي گهرج مطابق پنهنجو حصو نٿو ملي. گھٽ پاڻي ملڻ جا اثر نه رڳو سڌي ريت زراعت تي پئجي رھيا آھن پر ان سان پوري ملڪ جو ماحول ۽ زير زمين پاڻي پڻ متاثر ٿي رھيو آھي. پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو. عالمي ادارن جي رپورٽ موجب سنڌو ندي دنيا جي 10 سڀني کان وڌيڪ گدلاڻ جي ور چڙھيل دريائن ۾ شامل آھي. ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ضروري آھي. سنڌ توڙي ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر ڪراچي پڻ پيئڻ جي پاڻي جھڙن مسئلن کي منھن ڏي ٿو. آبادگار اڳواڻن چيو ته قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بنا چولستان ڪئنال ٺاھڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آھي. اھڙ ا عمل ملڪ جي يڪجھتي لاءِ ھاڃيڪار آھن. سنڌو نديءَ تي اضافي ڪئنال ھر لحاظ کان غيرقانوني ۽ غير آئيني آھن جنھن ڪري ڪو به سمجھ رکندڙ ماڻھو انهن کي قبول نه ڪندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته جيڪڏھن سنڌ، پنجاب يا ڪنھن به صوبي ۾ وڌيڪ ڪئنال ٺاھيا ويا يا ڪٿي ڪا وڌيڪ زمين ڪمانڊ ايريا ۾ آندي وئي ته ان جو سڀ کان گھڻو نقصان سنڌ کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو نديءَ تي 6 غيرقانوني ڪئنال ٺاھڻ خلاف 23 نومبر کان پوري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جنھن ھيٺ سنڌ آبادگار بورڊ، ايوان زراعت سنڌ، سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم جو پھريون گڏيل احتجاجي مظاھرو 23 نومبر تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ٿيندو جنھن کانپوءِ مختلف ضلعن ۾ مرحليوار احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. احتجاجي تحريڪ جا مرحلا طئي ڪرڻ ۽ اڳتي جي حڪمت عملي ٺاھڻ لاءِ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنھن ۾ پڻ انهن آبادگار تنظيمن جا نمائندن شامل هوندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 16 نومبر تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري احتجاجي تحريڪ جي وڌيڪ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. اجلاس ۾ محمود نواز شاھ، نواب زبير ٽالپر، زاھد علي ڀرڳڙي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، زين شاھ، نبي بخش سٺيو، شبير احمد شاھ، اسلم مري، محمد عمر ٻگھيو، امير علي ٿيٻو، محب علي مري، مير صوبدار خان ٽالپر، رسول بخش لغاري، مصطفيٰ نواز شاھ، مراد علي شاھ بُڪيرائي، عبدالڪريم ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.