مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي نائين يوم تاسيس جي حوالي سان جي ايم بابو خاصخيلي، علي مراد خاصخيلي، سجاد احمد خاصخيلي جي ميزباني هيٺ هڪ اهم گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي، گڏجاڻي جي صدارت انجنيئر يار محمد خاصخيلي ڪئي. گڏجاڻي ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي چيئرمين سرائي نياز حسين خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ برادري جي معززين انجنيئر يارمحمد خاصخيلي، منير احمد خاصخيلي، سجاد احمد خاصخيلي، طلعت حسين خاصخيلي، پروفيسر ڊاڪٽر شھزور گل خاصخيلي، علي مراد خاصخيلي، نعمان خاصخيلي، ايڊووڪيٽ نصرت حسين خاصخيلي، علي فيضان خاصخيلي، امتياز خاصخيلي، مھراڻ خاصخيلي، اشفاق احمد خاصخيلي، استاد بچل خاصخيلي، محمد عيدن خاصخيلي، ابن خاصخيلي، سائين رجب خاصخيلي سميت خاصخيلي برادري جي اهم شخصيت شرڪت ڪئي, گڏجاڻي کي سرائي نياز حسين خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان خاصخيلي اتحاد نه فقط خاصخيلي برادري نه پر هر مظلوم جو ساٿ ڏيندڙ هڪ سماجي پليٽ فارم آهي. اسان جو اتحاد غير سياسي آھي ھن چيو ته اتحاد کي وجود ۾ ايندي 9 سال ٿي ويا آهن 9 سالن جي هن مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي. ته اڄ خاصخيلي برادري سميت ڪيترن ئي غريب مظلوم جي اميد پاڪستان خاصخيلي اتحاد آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو مٿان ڪو به ڪئنال برداشت نه ڪنداسين، يوم تاسيس پروگرام ۾ پوري سنڌ جي خاصخيلي برادري ڪئنالن کي رد ڪندي، گڏجاڻي کي انجنيئر يار محمد خاصخيلي، منير احمد خاصخيلي، سجاد احمد خاصخيلي، طلعت حسين خاصخيلي، ايڊووڪيٽ نصرت حسين خاصخيلي، علي مراد خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن ڀيري پاڪستان خاصخيلي اتحاد جو يوم تاسيس وارو جلسو 12 جنوري تي مٽياري شهر ۾ رکيو ويو انشاءِالله علي بابا شادي هال خاصخيلي برادري سميت تمام مظلوم شرڪت ڪري پنهنجي حق لاءِ اٿندڙ هن واحد غير سياسي آواز کي سگهارو ڪندا ۽ ڪامياب ڪندا ان لاءِ اسين پنهنجي مٽياري شھر جي خاصخيلي برادري سميت پوري ضلعي جي مختلف ڳوٺن مان خاصخيلي برادري جا ماڻهو شرڪت ضرور ڪن.