سڪرنڊ/قاضي احمد (رپورٽ: نياز چانڊيو+الهه رکيو سيال) سنڌو درياهه تي 6 ڪينال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز پاران سڪرنڊ ۾ قومي شاھراهه تي 21 ڌد وٽ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ ھزارين مردن، عورتن، ھارين ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه جي ٻنھي طرفن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاق سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال اڏي چولستان کي آباد ڪري سنڌ کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته وفاق ان منصوبي کي اگر رد نٿو ڪري ته سخت مزاحمت ڪري ان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي هڪ مهيني کان منصوبي کي رد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ۽ مظاهرا ڪيا آهن، هتي ھزارين ماڻھن جي شرڪت حڪمرانن لاءِ اهو پيغام آھي ته سنڌ دشمن ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، قادر مگسي چيو ته جيڪڏھن حڪمران ضد تي رھيا ته پوءِ سموريون سنڌ پرست گھڻ گھريون پارٽيون گڏجي سنڌ جا شھر ۽ پنجاپ ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪري حڪمرانن کي شڪست ڏيندا، ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته درياهه بچائڻ لاءِ سياسي جدوجهد جي ميدان ۾ لٿا آھيون، ردياهه سنڌ جي ملڪيت آھي، ان تي سنڌين جو دائمي،آفاقي ۽ قانوني توڙي شرعي حق آھي، هن چيو ته سنڌ هن ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وجهندڙ آهي، ملڪ جي معيشت جي شھه رڳ سنڌ آهي، ائين وري سنڌو درياهه سنڌ جي شھه رڳ آهي، جنهن جي پاڻي سان نه صرف زمينون آباد ٿين پيون پر سنڌ جو انسان، حيوان سميت هر جيوت زندهه آهي، جيڪڏهن سنڌو درياهه سنڌ کان کسيو ويو ته سنڌ نه صرف بنجر بڻجي ويندي پر اجتماعي قبرستان بڻجي ويندي، هن جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جنرل ضياءَ کان وٺي مشرف ۽ نواز شريف تائين جيڪي به آمر ۽ حڪمران آيا انهن ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي سان سنڌو کسڻ جي سازش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي، ان موقعي تي حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.