ڳڙهي خيرو (ن پ ا) جي ڊي اي جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته هن اليڪشن ته سڀ ڪجهه وائکو ڪري ڇڏيو، ڪياني صاحب جي دور کان حالتون خراب ٿي رهيون هيون، باجوا صاحب ته سڀ ڪجهه درهم برهم ڪري ڇڏيو، اسان کي 70 سالن کان خبر هئي ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي آهي پر هن ڀيري عالمي سطح تي به خبر پئجي وئي ته هتي اليڪشن ڪيئن ٿيندي آهي، مان سمجهان ٿو ته اهو ئي رويو رهيو ته عزت وارا ماڻهو پوئتي ٿي ويندا ۽ ٺيڪيدار اڳتي اچي ملڪ هلائيندا، ٺيڪيدار ملڪ ائين ئي هلائيندا جيئن ڪا بلڊنگ ٺاهيندا آهن، ڪجهه ڪنهن کي کارايو، ڪجهه غائب ڪري ڇڏيو، ڪا به خبر ئي نه پوندي، اوستا محمد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پير پاڳاري چيو ته اسان جهڙا ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته عزت بچائي گهر ويهي رهون، اوهان يا منهنجي ووٽ سان نه حڪومت ٺهندي آهي نه ڊهندي آهي، اسان الف کي ووٽ ڏئي ايندا آهيون، ٽي چار ڏينهن نتيجا روڪي ووٽ وري “ب” جي اڪائونٽ ۾ موڪليا ويندا آهن، اهڙي اليڪشن جي ضرورت ئي نه هئي، هرو ڀرو جا جهيڙا ٿيا، دشمنيون ٿيون، مجلس شوريٰ ٺاهي ڇڏيو ها، ضياءُ الحق به ته ٺاهي هئي، چار پنج سال نڪري وڃن ها، هاڻي جيڪا هيءَ حڪومت ٺاهي وئي آهي، اها نه هلي رهي آهي، حڪومت ڪيترا ڏينهن هلندي، الله ڄاڻي ٿو، حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري وڌيڪ چيو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ بابت جيڪڏهن صدر اين او سي ڏني آهي ته اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، اسان ته هارايل ماڻهو آهيون، سنڌ جي گارنٽي آصف زرداري ڏني آهي ته مان ويٺو آهيان، توهان ڪئنال ڪڍو، پير پاڳاري چيو ته نوان ڪئنال ڪڍيا ويندا آهن ته انهن ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، ان ڪري هن ڀيري اسان وٽ ٻوڏ جي سيزن ۾ به پاڻي نه هو، وارا بند ڪئي وئي، اسان سنڌ وارا ته ڪجهه نه ڪجهه پيئڻ جيترو پاڻي وٺي وينداسين، خدا بلوچستان وارن تي رحم ڪري، سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان به ايندو، جيڪڏهن سنڌ کي ئي پاڻي نه ملندو ته پوءِ بلوچستان ۾ ڪٿان ايندو؟ پيرپاڳاري چيو ته ماڻهو اوهان سان گڏ تڏهن هلندا آهن، جڏهن توهان انهن کي عزت يا انصاف ڏيو، جيڪڏهن سمجهو ٿا ته عزت ۽ انصاف ڏيڻ کانسواءِ ماڻهو هلندا ته اهو ممڪن نه آهي، جيڪي غلط فيصلا ڏين ٿا اهي به پڪڙيا وڃن، جڏهن ڪرسي تي ويهن ٿا ته پاڻ کي انسان ئي نه ٿا سمجهن، ڪرسي تان لهي وڃن ٿا، ڪنهن جي ڏک سک ۾ به نه ٿا وڃي سگهن، ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا ته عزت سان گهمي به نه ٿا سگهن، اسان فيڊريشن جا حامي آهيون، فيصلا ڪندڙن کي صحيح ۽ وقتائتا فيصلا ڪرڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جا حالات ڏسي مايو ٿيو آھيان، بلوچستان جا رستا ٽٽل آھن، هتي پيئڻ جي پاڻي جي به اڻاٺ آھي پر گھڻن علائقن ۾ غسل لاءِ به پاڻي ناھي، سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا. سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻڻ ڪڏھن به نه ڏينداسين.