ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ، قومپرست پارٽين ، صحافين توڙي آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب حيدرآباد ۾سنڌ يونائٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سياف پاران تڪراري ڪينالن خلاف مرڪزي صدر آمر آڪاش لاکو، زبير حسين پنھور، وقار رضا چولياڻي، ارسلان آريسر، اسرار ساھڙ، شاھنواز جوڻيجو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتال جاري رکي، ڄامشوري جي نوجوانن ۽ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن غني امان چانڊيو،سجاد چانڊيو،عرفان سومرو،اياز ڏاھاڻي،احسان تيوڻو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ سامهون انڊس هاءِ وي کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بهجي ويون، چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي، نبي بخش لغاري، علي حب رند، ٽنڊوالهيار بار جي جنرل سيڪريٽري اختر لغاريءَ ڪرڙ لاٻاري، فدا رستماڻي، وفاء ماجد آريسر، اي ڊي آفتاب ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ چمبڙ جي اسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس کان چمبڙ ٿاڻي تائين پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڌي وئي.، چيلهار ۾ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مختلف اسڪولن جي شاگردن سماجي اڳواڻ مشتاق قاسماڻي، شنڪر باغي،ساگر واسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، بدين ۾ پ پ شهيد ڀٽو گروپ جي مرڪزي اڳواڻن علي اڪبر جهيجو، علي محمد قمبراڻي، نثار گاکڙو، رسول بخش دل، ابوبڪر ڀرڳڙي، سرفراز انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ماتلي ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي ڦلڪارا چوڪ صدر نعمت کهڙو، جسقم جي مرڪزي نائب صدر اسماعيل ناز نوتڪاڻي، صحافين نصير سولنگي، اشرف چانڊيو، مير آزاد ٽالپر، ارسلان خاصخيلي، ڪيلاش مڪواڻا، فياض بروهي، رفيق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٺٽو ۾ جساف بشير خان پاران دلدار ھالو، باغي جاکرو، مالڪ بروھي، باغي علي رضا خشڪ، راشد ٻيليچو، اسد علي خشڪ، شاھزيب پنھور، نويد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي آبادگارن ، قومپرستن، سياسي سماجي ادبي اڳواڻ، وڪيلن سميت مختلف تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن نواب مير زبير ٽالپر ، پير اشفاق جان سرهندي ، اڳوڻي ايم پي اي مير علي نواز ٽالپر ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي عمران لغاري ، تحريڪ انصاف جي الطاف نظاماڻي ، عبدالجبار ميمڻ ، جمعيت العلما اسلام جي مولانا ابراهيم سومرو ، وحدت المسلمين جي سجاد ڊومڪي ، تحريڪ لبيڪ جي پير محمد علي جان سرهندي ، قومي عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ، عوامي تحريڪ جي هرچند لعل ، جسقم ( بشيرقريشي جي ) ظهور هاليپوٽو ، جسقم آريسر جي سڪندر سنڌي ، جسقم ( ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ) جاويد هاليپوٽو ، پ پ ش ڀ جي پير يونس جان سرهندي ، اهل سنت جماعت جي مولانا پير منصور جان سرهندي ، مخدوم علي رضا ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، اعجاز جسڪاڻي ، سول سوسائٽي جي مير ڪاظم رضا ٽالپر ، ڊاڪٽر لطف ٽالپر ، عبدالحفيظ سٺيو ، زاهد ڪولاچي ، انجنيئر عبدالحق زئور ، وقار ميمڻ ، ايڊووڪيٽ عبدالطيف سومرو ، ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ڪارڪنن حيدرآباد بدين روڊ ٽنڊوسائينداد کان پيادل مارچ ڪري شهر جي مختلف علائقن کان گذرڻ کانپوءِ الفتاح چوڪ تي تاريخي ڌرڻو هنيو، گپچاڻي ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ امير علي مغيري، ھوش محمد رند، ذوالفقار علي مغيري، حبيب الله رخشاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ محمد خان مغيري مان 5 ڪلو موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏواحتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٽنڊي ڄام ۾ نوجوان اتحاد پاران ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو ٽن ڏينهن تائين علامتي بک هڙتال جاري آهي. عظمت حسين ابڙو، جنيد سومرو، سرمد موريو، بشير احمد ڀٽو سميت ٻين بک هڙتال ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي،ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ، جي يو آءِ ، شيعا علماءِ ڪائونسل، جسقم، ايس ٽي پي ڪارڪنن اسدالله حيدري، جاويد جمالي، ديدار عمراڻي، ميھر ديناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ- بلوچستان دنگ بيگاري پل تي پھچي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. بڪيراشريف ۾ نوجوانن پاران راشد لنڊ، شرجيل لنڊ، ﷲ بخش لغاري، جهانگير لغاري، علي حيد لنڊ، راجا لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ کوکر پمپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن بعد هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾جي يو آءِ طرفان ڊاڪٽر اي جي انصاري،حافظ محمد رمضان سومرو،مولانا عبدالصمد نوناري،مولانا ابوبڪر بنگلاڻي،رجب علي رڏ،غلام قيوم سومرو مولانا محمد امين جکراڻي،راشد علي سومرو،رضوان الله چاچڙ،تاج امروٽي،قاضي ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. رتيديري ۾ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو طرفان خدا يار سولنگي، شبير احمد عمراڻي، زاهد علي عمراڻي، طارق رحيم کٽياڻ، مجاهد حسين ڀٽي، غلام شبير سومرو، علي مرتضيٰ بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ جسقم اڳواڻن مومن سمون ، روشن جويو ، ڪمانڊو گلبهار جلباڻي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جو قافلو سياسي سماجي مذهبي ۽ سول سوسائٽي توڙي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجي ٻٻرلوءِ روانو ٿي ويو، قافلي جي اڳواڻي اطهر عباس سولنگي، ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي طرفان ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي احمد نواز بروهي، محمد صادق لاشاري، طارق جتوئي ۽ ٻين ڪئي.هوڏانهن مختلف سماجي تنظيمن طرفان به بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، سيد عمران حيدر شاهه، رياض حسين شر، گدا حسين ابڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. شڪارپور باءِ پاس تي وڪيل اڳواڻن فدا حسين بلوچ، محمد علي جتوئي، يحيٰ بختيار، مظھر مڱريو، سجاد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. گڊو ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعي بار جي صدر عبدالغني بجراڻي، آفتاب احمد چنه، صفدر ڪلوڙ، ظريت علي بجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پجاب، بلوچستان باڊر ديراموڙ تي انڊس هاءِ وي وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪئنال جو منصوبو وفاق جي مفاد ۾ آھي، سنڌ ۾ 75 سالن کان ڪو نئو بيراج ناھي ٺھيو ۽ نه ئي ڪوئي سنڌ ۾ ڊيم ٺاھيو ويو آھي، جنھن ۾ ٻوڏ دوران بلوچستان مان ايندڙ پاڻي اسٽور ڪري سنڌ جي زمينن کان آباد ڪري سگھجي، پنجاب ۽ لاھور جي علائقن ۾ انڊسٽريز ٺاھي ۽ ڪئنالن جو منصوبو اڏي انھن علائقن کي سرسبز ڪيو پيو وڃي باقي سنڌ کي بک ۽ بد حالي طرف ڌڪي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين