ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو صحافين سان هميشه بهترين ورڪنگ رليشن رهيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين جي اعزاز ۾ افطار پارٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اڳ وانگر صحافين لاءِ وڌيڪ پلاٽ فراهم ڪنداسين. ڪجهه ميڊيا هائوسز پنهنجن ورڪرن کي پگهارون نٿا ڏين، جڏهن ته اهي پاڻ ڪروڙين رپين جا اشتهار وٺي رهيا آهن. اسان سڀ کان پهرين انهن ورڪرن کي سندن رهتون ڏيارينداسين.  اسان هميشه صحافين سان هر مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺل رهيا آهيون، سندن حقن لاءِ ساڻن گڏ رهنداسين. منهنجو پي ايف يو جي، ڪي يو جي ۽ پارلياماني رپورٽرن سان سڌو رابطو آهي. هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ لاءِ دعا آهي ته هو جيل مان ٻاهر نڪري، الله کيس عقل ڏئي ته جيئن هو پاڪستان خلاف سازشون نه ڪري. ھن چيو ته پيپلز پارٽي جو موقف چٽو آهي، اسان سنڌو مان اضافي ڪينالن جي مخالفت ڪريون ٿا   هن اعلان ڪيو ته 15 رمضان کانپوءِ پيپلز بس جو وقت رات 3 وڳي تائين وڌايو ويندو  هن  چيو ته سي سي آءِ (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ) جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعليٰ خط لکيو آهي.