ڪنڊيارو(ن پ ا) سنڌو درياءَ سان محبت جي اظھار جو انوکو ڏيک، گهوٽ به ڄڃ سميت قومي شاهراهه تي ڌرڻي ۾ پهچي ويو، خانواهڻ واسي گهوٽ ماجد سيال ڄڃ سميت ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران قومي شاهراهه تي احتجاج ۾ شامل ٿي ڌرڻو هنيو، ڪنڊيارو جي شادي هال ۾ رٿيل سندس شادي واري تقريب ۾ وڃڻ کان اڳ هو قومي شاهراهه تي پهچي روڊ تي ويهي ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هنيا.