حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان حيدرآباد جي ايم پي اي انجنيئر صابر حسين قائمخاني ۽ راشد خان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سنڌو درياھ تي ٺھندڙ 6 نون ڪئنالن تي ڳڻتي آھي. ان معاملي تي پارٽي جو موقف ايوانن ۾ به واضح انداز ۾ اچي چڪو آھي. سنڌو درياھ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي. پاڻي جي مسئلي کي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ گھرجي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌو درياھ بچايو ڪميٽي جيڪڏھن ايم ڪيو ايم کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ته اسان ان ۾ شامل ٿينداسين ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ھر مسئلي تي اسان جي جماعت ڪڏهن به جدوجھد کان پوئتي نه هٽي آهي. ھنن چيو ته حيدرآباد شھر لاوارث بڻجي ويو آھي. شھري ادارا تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪا آھن. شھر ۾ پيئڻ جو گندو پاڻي فراھم ڪرڻ معمول بڻجي ويو آھي. سنڌ حڪومت واسا کي فنڊ جاري ڪري ته جئين مسئلا حل ٿي سگھن. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت حيدرآباد شهر سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ان کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ ۽ هر مهيني ڪروڙين رپيا ڪمائيندڙ ايڇ ڊي اي ۽ واسا جي سچل سرمست هائوسنگ اسڪيم کي به تباهه ڪيو ويو آهي جنهن سبب واسا جا ملازم 10 مهينن جي پگهارن ۽ پينشن کان محروم آهن. هنن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ايڇ ڊي اي ۽ واسا جا ادارا تباهي جي ور چڙهيل آهن. ڪو بهتر آفيسر نه هجڻ جي ڪري حيدرآباد جا شھري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن. گذريل ٻن ورهين کان آٽو ڀان روڊ تي ڪم هلي رهيو آهي جيڪو مڪمل نٿو ٿئي جنهن سبب شھر جو وڏو ڪاروباري علائقو تباھ حال آهي. ڊسمبر مهينو اچڻ وارو آھي ۽ درياهن ۽ واهن جي کاٽي جي سلسلي ۾ 15 کان 20 ڏينهن پاڻي جي بندي ٿيندي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڪي اڳواٽ انتظام نه ڪيا ويا آھن.