حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٿڌين ھوائن جي شھر حيدرآباد جي دل لطيف آباد ۾ سنڌ عوامي فورم پاران ھر سال جيان ھن سال به مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي جھن ۾ اردو ۽ پشتو ڳالھائيندڙن سميت  مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب جي رنگن ۾ رنگجي ھڪ ٿي ويا،  ھر طرف امن ، محبت ۽ ڀائيچاري جا گل ٽڙي پئا. مچ ڪچھري جي صدارت قومي دانشور سنڌ عوامي فورم جي چيئرمين حبيب جتوئي ڪئي، حبيب جتوئي، ڊاڪٽر انور حاجاڻو، ڊاڪٽر حسن لغاري، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، اڪبر خان جتوئي سربراھ  سنڌ ھاري ڪاميٽي ايڊووڪيٽ  ستار سرڪي ايڊووڪيٽ اسلم لغاري ايڊووڪيٽ  محب آزاد، يوسف سارنگ،  منصور قادر جوڻيجو، ايڊووڪيٽ  ڪي بي لغاري ، الا بخش ڪنڀر،  تاريخدان فتح محمد ، شھزاد ٿيٻيو، حافظ سڪندر تنيو، لطيف جي پارکو سوجھرو سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ جڏھن سڄي دنيا ۾ نفرت ۽ انتھا پسندي جي باھ ۾ سڙي رھي آھي، سنڌ  جي ثقافت تھذيب  سنڌ جي آفاقي رھبر لطيف سائين جي محبت ۽ امن جي پيغام کي عام ڪري دنيا مان نفرت ۽ انتھا پسندي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، ھنن چيو ته سنڌ جي تھذيب ۽ ڪلچر اڄ سمورا ويڇا ختم ڪري سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري سڀني نفرتن کي ختم ڪري ڇڏيو آھي،  پر اسان جي ٻولي، اجرڪ ۽ ثقافت کي تڏھن بچائي سگھنداسين، جڏھن اسان ان کي پنهنجي  نيشنل انسٽريٽ سان جوڙينداسين. سنڌ کي بچائڻ  لاء سڀ ويڇا وساري سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالھائيندڙن سميت سڀني کي بنا پارٽي فرق جي گڏيل جدوجهد  ڪرڻي پوندي  جيڪڏھن سنڌ جي زمين ۽ سنڌو درياه  نه بچائي سگهياسين ته پوء سڀ ڪجهه  ختم ٿي ويندو ، قوم وطن  اجرڪ ،تھذيب، ٻولي، ثقافت ۽ معيشت سميت ڪجهه  به  نه بچائي سگھنداسين سنڌ جون زمينون ۽ درياه  سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي ان لاء ھڪ ليڪو ڪڍڻو پوندو جيڪي سنڌو درياه ۽ سنڌ جون زمينو وڪڻن پيا اھي سنڌ جا دشمن ۽ غدار آھن جيڪي انھن جي سپورٽ ۾ آھن انھن جي پاسي آھن اھي به غدار ۽ سنڌ دشمن آھن درياه  سنڌ جو جياپو ۽ سنڌ جي ريڊ لائن آھي ان کي جيڪو ڪراس ڪندو ان سان جھيڙو ٿيندو.  سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان لڳائڻ بند ڪيو وڃي سنڌو درياه  جو رخ موڙيو پيو وڃي اھو منصوبو پ پ پ جي صدرآصف علي زرداري جي صحيح سان جاري ٿيو آھي،جيڪڏھن سنڌو درياه  ڦرجي ويو ته پوء رڳو ٻھراڙيون  نه پر سکر حيدرآباد ڪراچي جا شھري به پاڻي ڦڙي لاء ترسندا سڄي سنڌ جي معيشت ۽ ثقافت  تباهه  ٿي ويندي سنڌ جو حشر فلسطينين ۽ ڪردن  کان به  خطرناڪ ٿيندو  درياه ۽ڌرتي ماء نه بچائي سگھياسين ته سنڌ به نه بچائي سگھنداسين  ان لاء صرف ھڪڙو رستو آھي گڏيل جدوجهد آھي، ان موقعي تي سنڌي اردو  پشتو ڳالهائيندڙن ھٿ مٿي ڪري سنڌو درياه تي قبضي خلاف گڏيل قرارداد منظور ڪري گھر ڪئي ته ڪينالن جو منصوبو ختم ڪري سنڌ جي زمينن تي قبضن جا منصوبا فورن ختم ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان  لڳائڻ بند ڪيو وڃي.

6 ڪئنال نامنظور: سکر ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي علامتي بک هڙتال

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ساگر پارٽيءَ پاران سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ، سنڌ جي زمينن جي ولار خلاف پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتال ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، ساڃاھ وندن، وڪيلن، آبادگارن توڙي عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اِن موقعي ي منصور جکڙ، غلام قادر مھر، سارنگ مھر، عبدالجبار مڱريو، مسرور ابڙو، الطاف حسين سنڌي، نديم ڪلهوڙو پروفيسر سرور سيف ۽ ٻين چيو ته گذريل 77 سالن کان سنڌي ماڻهن سان فتح ڪيل قوم وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ کي ڪالوني طور هلايو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، سمنڊ ۽ ٻئي معيشت تي سنڌي ماڻهن مٿان ڌاري آبادڪاري، هٿراڌو ڌاڙيل گردي، مذهبي انتهاپسندي، قبيلائي تڪرار ۽ جبري گمشدگيون مڙهي اپاهج بڻايو ويو آهي، هاڻي سنڌ جي 12 لک 60 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپني سرڪار کي ڏئي سنڌي ماڻهن کان سندن سرزمين، جبل، ڍنڍون ۽ ڍورا ڦريا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌو درياھ مٿان تربيلا ڊيم ۽ چشما، جهلم لنڪ ڪئنال جي صورت ۾ ڌاڙي هڻڻ کان پوءِ چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال، ٿر ڪئنال ۽ ريڻي ڪئنال جي نالن سان نوان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباهه ڪيو پيو وڃي.

 

سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ تي سخت اختلاف آهن: مخدوم جميل

کپرو (ن پ ا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته عمران خان کي سياسي طور جيل ۾ رکيو ويو آھي، کپرو لڳ درگاهه صوفي منٺار فقير جي ميلي ۾ مزار تي چادر چاڙھڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته درگاھون محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون، منٺار فقير کي مخدوم صاحب کان بشارت ملي، ھن چيو تـ نواز ليگ سان ڪا به ذاتي رنجش ناھي، صرف پارليماني اختلاف آهن، ھن چيو ته  جيڪي سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، ان تي سخت اختلاف آهن، هن چيو ته بزم طالب الموليٰ ادبي شاخ کي وري سرگرم ڪنداسين، پھريون مشاعرو ھن درگاهه تي ڪبو ويندو.

 

تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف سجاول ۾ احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

دڙو(ن پ ا) سجاول ضلعي ۾ بدامني لاقانونيت منشيات، سماجي برائين ۽ سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف شهري ايڪشن فورم جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي مذهبي سول سوسائيٽي ۽ شهرين سوزوڪي اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي دڙو پڃاري پل چوڪ تي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عبدالقيوم سومرو ،حافظ عبدالغفور ميمڻ ،ڪامريڊ عزيز سومرو، رشيد آزاد سومرو، سڪندر زئنور، شاهد شاھ، انور ملاح، حبيب ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سجاول ضلعي کي هٿ وٺي ڏوهارين منشات فروشن حوالي ڪيو ويو آهي، قانون جي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي عوام پنهنجي گهرن ۾ غير محفوظ آهي، ٻيلو دڙو ٻنون ابڙال لائقپور بٺورو روڊ سج لٿي کان پوءِ عوام لاءِ نوگو ايريا بڻيل آهي ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن. سنڌ کي هٿ وٺي مسئلن ۾ گهيريو ويو آهي هنن چيو ته سنڌو دريا مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ڪنهن به صورت ۾ سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏينداسين ڌرتي جي هر انچ جي حفاظت ڪرڻ لاء ميدان عمل آهيون.

بلڙي شاهه ڪريم ۾ ادبي سنگت پاران درياهه تي ڪئنالن خلاف مظاهرو

بلڙي شاھه ڪريم (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ بلڙي شاھه ڪريم جي سڏ تي وفاق پاران سنڌو درياهه مان  زبردستي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف احتجاج ڪيو ويو. پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم آڏو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي، عثمان پنھور ، پروفيسر اعجاز علي جسڪاڻي،  ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، عبدالخالق ناز، سرمن سمون، حيدر پنھور، پريم ڪلپنا، جھانگي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن ۾ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي قلم ڌڻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاعرن اديبن پاران وفاقي سرڪار جي سنڌ دشمن منصوبن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ جي زمينن تي والار ۽ درياھ تي قبضي جا منصوبا ختم ڪياوڃن اھي منصوبا سنڌ جي تباھيء جو سامان آھن جنھن کي قبول ڪرڻ ڪروڙين سنڌين جي تاريخ تھذيب تمدن جي ڊيٿ وارنٽ تي صحيح ڪرڻ برابر آھي سنڌي قوم جو ھر طبقو درياھ ۽ ڌرتي جي بقاء واري جدوجهد سان جڙي رھيو آھي جدوجهد جي کي سوڀارو ڪنداسين.

سنڌودرياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: نياز ڪالاڻي/پنهل ساريو

شهدادڪوٽ (رپورٽر) قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنهل ساريو شھدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري نوٽيفڪيشن تي آصف زرداري صحيح ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سنڌ جي وحدانيت تي وار سمجهون ٿا، سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت م قبول نه هوندو ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي ڏهاڙو قومي مزاحمت طور ملهايو ويندو.