سنڌو درياهه کي مرڻ کان ڪيئن بچائجي؟

0
138
سنڌو درياهه کي مرڻ کان ڪيئن بچائجي؟

 سنڌو درياهه جيڪو ڪيترن صدين کان تبت وٽان شروع ٿي، آخر ۾ اچي سنڌ ساگر سان گلي ملندو رهيو آهي، اهو اڄڪلهه پنهنجي آخري منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو. سنڌو درياهه جڏهن تبت وٽان شروع ٿئي ٿو ته هڪ ننڍڙي ٻار وانگر هوندو آهي. جيئن جيئن اڳتي وڌي ٿو ته ان ۾ ٻيا درياهه اچي شامل ٿين ٿا. تبت ۾ گارتنگ درياهه پهريون درياهه جيڪو سنڌو سان اچي ملي ٿو. ان کان پوءِ ڪشمير واري علائقي ۾ ڪجهه ٻيا درياهه جن ۾ ذاسڪر، شياڪ، دراس ۽ ٻيا ننڍا وڏا درياهه اچي شامل ٿين ٿا. سنڌو درياهه جڏهن خيبر پختوانخوا ۾ داخل ٿئي ٿو ته هن تي جواني اچڻ شروع ٿئي ٿي. اٽڪ وٽ ڪابل درياهه پنهنجي ڀرتو دريائن جو 18.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻي اچي سنڌوءَ جو سلامي ٿئي ٿو.

                 اٽڪ کان اڳتي سنڌو جيئن وڌي ٿو ته ان وقت ڦوهه جواني ۾ هوندو آهي ۽ هن جي ساڄي پاسي خيبر پختوانخوا مان ايندڙ ڪرم، ٽنگي ۽ ٻيا ننڍا ننڍا درياهه اچي ملن ٿا ۽ ساڄي پاسي پنجاب جا مڙئي درياهه پنجند وٽ گڏجڻ کانپوءِ مٺڻ ڪوٽ وٽ اچي سنڌو درياهه سان هم آغوش ٿين ٿا. مٺڻ ڪوٽ وٽان جيئن سنڌو درياهه اڳتي وڌي ٿو ته هن جي جواني موٽ کائڻ شروع ڪري ٿي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيندي ٿيندي هڪ پوڙهي ۽ بيمار ماڻهو جي هم شڪل لڳندو آهي. جڏهن ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا ڏانهن سفر شروع ڪري ٿو ته ائين لڳندو آهي ته ڪو بيمار شخص پنهنجا آخري پساهه مشين (وينٽيليٽر) ذريعي کڻي رهيو هجي ۽ جنهن جي لاءِ ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ ته هي ذهني طور مري چڪو آهي، باقي مشين وسيلي جسماني طور زندهه آهي ۽ وارث جيترو وقت چاهين، هي مشين ذريعي مردهه حالت ۾ زندهه رهي. سنڌو درياهه جا ڊاڪٽر “اقوام متحده جي ماحولياتي پروگرام” جي 2022ع جي رپورٽ ۽ آمريڪي پروفيسر لارينس سمٿ جو ڪتاب “واٽر پاور” آهي، جنهن ۾ اهو واضح چيل آهي ته ايندڙ صدي ۾ سنڌو درياھ سميت دنيا جون اٺ وڏيون نديون مري وينديون۔

ڇا سنڌو درياهه جي اها حالت ويجهي ماضي جي عملن جو نتيجو آهي يا صدين کان مسلسل نه محسوس ٿيندڙ زيادتين جو نتيجو آهي؟ سنڌو درياهه جي اها ڪٿا 1859ع کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن پنجاب باري دو آب ڪئنال جو منصوبو، سنڌ جي مرضي کان سواءِ شروع ڪيو ۽ ان جو انت 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تي ٿيو، جڏهن پنجاب جا ٽي اُڀرندا درياهه هندستان کي پئسن عيوض وڪيا ويا ۽ اولهندي دريائن تي پڻ ڪجهه حق هندستان جا تسليم ڪيا ويا. دنيا جو هي واحد پاڻي معاهدو آهي، جنهن ۾ پاڻي ورهائڻ جي بجاءِ درياءَ ورهايا ويا. حالانڪ دنيا ۾ ٻيا تمام گهڻا درياهه آهن، جيڪي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ طرف وهن ٿا، جتي پاڻي ورهاست تي اختلافن هوندي به اڄ تائين درياهه انهن ملڪن ۾ وهي رهيا آهن. مثال طور نيل ندي جيڪا يارنهن ملڪن مان وهي ٿي۔ ٻي طرف يورپ جي ٻيو نمبر وڏي ڊينيوب ندي جيڪا ڏهن مختلف ملڪن، هر هڪ اولهه جرمني آسٽريا، سلوويڪيا، هنگري، ڪروشيا، سربيا، بلغاريا، رومانيا ۽ يوڪرين مان وهي ٿي. ديسوب ندي جرمني کان شروع ٿي. 2850 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري يوڪرين م اچي ڪاري سمنڊ (Black Sea) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ايترن ملڪن مان گذرڻ باوجود ڪنهن به ملڪ انهن دريائن جو رستو نه روڪيو آهي. ڊينيوب ندي تي آبادي سان گڏ بجلي ٺاهڻ جا منصوبا پڻ ٺهيل آهن.

سنڌو درياهه جيڪو تقريباً 3200 ڪلوميٽر سفر طئي ڪري اچي سنڌو ساگر سان ملي ٿو، ان علائقي کي انڊس ڊيلٽا سڏين ٿا. انڊس ڊيلٽا جيڪو دنيا جو ڇهون وڏو ڊيلٽا آهي. انڊس ڊيلٽا 41440 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. ان جي سامونڊي پٽي جي ڊيگهه 210 ڪلوميٽر آهي. انهيءَ سامونڊي پٽي تي تمر جي وڻن جو وڏو جهان آباد هو. اهو جهان ڪنهن وقت ۾ ڇهه لک ايڪڙن تي مشتمل هو پر هاڻي گهٽجي ڪوئي ٻه لک ايڪڙ تي وڃي پهتو آهي. تمر جي ٻيلن مان ٻه فائدا آهن: هڪ ته اهي سامونڊي ڇولين ۽ طوفانن کي سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ کان روڪين ٿا. گهاٽن ٻيلن ڪري سامونڊي ڇولين ۽ طوفانن جو زور ڪناري تائين پهچندي گهٽجي وڃي ٿو. ائين سامونڊي ڪنارو کاڌ کان بچي وڃي ٿو. ٻيو فائدو اهو آهي ته ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن، جتي درياهه جو مٺو پاڻي اچي سمنڊ سان ملي ٿو، اها جاءِ مڇي جي آنن ڏيڻ لاءِ موزون هوندي آهي، مڇيون موسم ۾ اتي اچي آنا ڏينديون آهن، ائين مڇي جي افزائش نسل ٿيندي آهي.

سنڌ طاس معاهدي کان پهرين سنڌو درياهه انڊس ڊيلٽا ۾ 73.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سان گڏ 225 ملين ٽن لٽ پڻ آڻيندو هو. ايتري مقدار ۾ لٽ اچڻ ڪري هر سال نئون ڊيلٽا ٺهندو هو. سنڌو درياهه جي ماضي جي تاريخ مان ملندڙ ڄاڻ مطابق هر سال نئون ڊيلٽا ٺهندڙ هن ريت ڄاڻايل آهي:

اڄ کان پنج هزار سال پهرين هر سال ويهه وال نئون ڊيلٽا ٺهندو هو. جڏهن ته سڪندر اعظم جي زماني ۾ ٻارنهن وال، عربن جي دور ۾ نو وال ۽ ڇهه سئو سال پهرين ڇهه وال ٺهندو هو. ڊيلٽا جي عروج جو اندازو مختلف وقتن تي اتي موجود سامونڊي بندرن مان لڳائي سگهجي ٿو. انهن بندرن ۾ ديبل بندر، لاڙي بندر، باربيڪان بندر، شاهه بندر، علي بندر، سوکي بندر، گهوڙاٻاڙي بندر، سنڊو بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر شامل آهن. اهي بندر مختلف وقت تي موجود رهيا. انهن بندرن ذريعي سنڌ جو دنيا سان وڻج واپار هلندو هو. انهن بندرن مان سنڊو بندر، سوکي بندر، کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ته انگريزن جي دور حڪومت ۾ اهم واپاري مرڪز رهيا.

انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سنڌ جي بندرن ذريعي ٿيندڙ آمدني ختم ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ سامونڊي پٽي جي ماڻهن، جن جو گذر سفر زراعت ۽ مڇي مارڻ تي هو، بيروزگاري جو شڪار ٿيڻ ڪري مزدوري جي تلاش ۾ شهرن جو رخ ڪيو. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ٿيندڙ نقصان جو عالمي بينڪ طرفان ڪيل ڪاٿي مطابق ٻه ارب ڊالر ساليانو آهي. سنڌو درياهه دنيا جي ٻين چوڏهين وڏن دريائن ۾ شامل آهي، جن تي ملڪن جو اقتصادي انحصار آهي. سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ هاڻي سنڌو درياهه جي اها اهميت نه رهي آهي. هن وقت سنڌو درياهه تي پنجاهه وڏا واهه، اسي ڊيم ۽ اوڻويهه بئراج ٺهيل آهن. انهن مان ٽي بئراج ۽ چوڏهن وڏا واهه سنڌ ۾، باقي سڀ پنجاب ۾ ٺهيل آهي. انهن اڏاوتن ڪري سنڌو درياهه ۾ جتي پاڻي ڇوڙ گهٽجي ويو آهي، اتي وري سنڌو درياهه تي آباد شهرن ۽ انهن ۾ قائم ڪارخانن جو گندو ۽ زهريلو پاڻي وري سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. انهيءَ ڪري سنڌو درياهه جي بايو ڊائيورسٽي سخت متاثر ٿي آهي. هڪ اندازي مطابق سنڌو درياهه جو گدلاڻ جي حساب سان دنيا ۾ ٻيو نمبر آهي (احسان لغاري)

گدلاڻ وڌڻ ڪري پاڻي انساني صحت لاءِ موزون نه هوندو آهي. گذريل سال حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ وڌيل زهريلي مادن جي شڪايت آبپاشي کاتي کي ڪئي وئي هئي. انهيءَ کان اڳ ۾ 2005ع ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس پنجاهه کان وڌيڪ انساني جانيون ضائع ٿيڻ جون خبرون پڻ اخبارن ۾ شائع ٿيون هيون.

اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ طاس ۾ ايندڙ پاڻي جو 97 سيڪڙو زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اها به حقيقت آهي ته اسان ايترو سارو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ جي باوجود ان مان ڪو وڏو لاڀ حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ان جو وڏو سبب اسانجو هزارين سال پراڻو فرسوده نهري نظام آهي. هڪ تحقيق مطابق انهيءَ نظام ۾ پاڻي جو زيان چاليهه سيڪڙو آهي. حڪومت پاڪستان طرفان 2018 ۾ اعلانيل قومي پاڻي پاليسي جي فقري 10.2 ۾ اهو واضح ڄاڻايل آهي ته ملڪ ۾ موجوده آبپاشي نظام تي بندش وجهڻ لاءِ جيترو جلد ٿي سگهيو، قانون ٺاهيو ويندو.

افسوس سنڌ حڪومت، مرڪزي حڪومت جي انهيءَ واضح پاليسي کي نظر انداز ڪندي، جولائي 2023ع ۾ جاري ڪيل سنڌ پاڻي پاليسي ۾ ان جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. ساڳئي وقت مرڪز طرفان پڻ پنهنجي پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. اها پڻ حقيقت آهي ته اسان دنيا ۾ پاڻي مان گهٽ ۾ گهٽ فائدو حاصل ڪندڙ پهرين ڏهن ملڪن ۾ شامل آهيون. دنيا ۾ ڪيترا ئي اهڙا ملڪ آهن، جن وٽ پاڻي اسان جي مقابلي ۾ گهٽ هئڻ باوجود هنن جو زرعي روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آهي. انهيءَ جو خاص سبب آبپاشي لاءِ نون جديد طريقن جن ۾ اسپرنڪل ڊرپ ۽ ٻين ذريعن جو استعمال آهي. پاڪستان جي نامياري پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جي تحقيق مطابق اسان جي دريائن جي اڪيوفر (اهو زير زمين هنڌ جتي پاڻي گڏ ٿي سگهي) ۾ اترين علائقن ۾ ست سئو فوٽن تائين ۽ ڏاکڻين (هيٺانهن) علائقن ۾ هڪ سئو فوٽ تائين زراعت لاءِ استعمال جوڳو پاڻي موجود آهي. اسين جيئن ته ڏاکڻي (هيٺانهين) علائقن ۾ اچون ٿا، انهيءَ ڪري جيڪڏهن سنڌ جي اترين سرحد کان ڪوٽڙي تائين جي علائقي ۾ جيڪو تقربياً اڍائي سئو ميل ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ويڪر سراسري طرح 5 ميل ۽ پاڻي جي موجودگي پنجاهه فوٽ رکون ته اهو اسي ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٿئي ٿو. جڏهن 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌو جو حصو 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. انهيءَ مان اهو چئي سگهجي ٿو ته اڪيوفر ۾ موجود پاڻي به سال استعمال لاءِ ڪافي آهي. اهو نه کٽندڙ پاڻي جو خزانو آهي. ڇاڪاڻ جو برساتن وسڻ ۽ درياهه ۾ اٿل اچڻ ڪري اها کوٽ وري ڀرجي وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان موجوده فرسوده آبپاشي نظام جي جاءِ تي دنيا ۾ رائج نوان جديد طريقا استعمال ڪريون ته ان مان هڪ کان وڌيڪ فائدا ٿيندا. هڪ ته اسان گهٽ پاڻي تي زياده اپت حاصل ڪري سگهنداسين. انهيءَ ڪري دريائن مان پاڻي کڻت گهٽجي ويندي ۽ ائين درياهه ۾ هر وقت پاڻي موجود رهندو ۽ ڊيلٽا ۾ به پاڻي جي رسد يقيني ٿي ويندي. انهيءَ ڪري جتي درياهه جي بايوڊائيورسٽي بحال ٿيندي، اتي تباهه ٿيل ٻيلا هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿيندا. انهيءَ ڪري ماحولياتي تبديلي سان گڏوگڏ روزگار جا پڻ موقعا وڌندا. ائين سنڌو درياهه پڻ مرڻ کان بچي ويندو.

اسان جيڪڏهن ايندڙ نسل کي سنڌو درياهه زندهه سلامت حالت ۾ حوالي ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي موجوده فرسوده آبپاشي نظام جي تبديلي سان گڏوگڏ سنڌو درياهه کي قانوني ۽ انساني حق ڏيارڻ لاءِ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي زوردار طريقي سان جدوجهد شروع ڪرڻ گهرجي.