سنڌو درياهه کي بچايو!

0
32
سنڌو درياهه کي بچايو!

 هن وقت سنڌ جي جياپي جي اهم ذريعي ۽ سنڌ جي زمينن کي سرسبز ڪندڙ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ هاڻي صرف اڏرندڙ واري ئي بچي آهي. حڪمران هاڻي هن بچيل سنڌو درياهه کي به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ختم ڪرڻ چاهين ٿا. اقوام متحده جون رپورٽون آهن ته سنڌو درياهه جو تحفظ نه ڪيو ويو ته سنڌو درياهه ختم ٿي ويندو. تازو پاڻي تي هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ گڏيل قومن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هن وقت سنڌو درياهه دنيا جي مرندڙ دريائن ۾ شمار ٿئي ٿو.پاڻي جي عالمي ڏينهن تي گذريل سال 2023ع ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ميزباني هيٺ 22 کان 24 مارچ 2023ع تائين پاڻي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ پاڻي ڪانفرنس ٿي گذري هئي. ان ڪانفرنس ۾ سال 2030ع تائين گڏيل قومن جي sustainable and development goal 6  جي طئي ڪيل مقصد ۽ ٽارگيٽ تي پهچڻ کي دهرايو ويو هو. ان موقعي تي The United nations world water development report 2023  جاري ڪئي وئي هئي. گڏيل قومن جي ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته گذريل چاليهن سالن کان دنيا ۾ پاڻي جي گهرج ساليانو 1 سيڪڙو وڌي رهي آهي. اها گهرج 2050 تائين جيئن جو تيئن جاري رهندي. جڏهن ته اهو پڻ چيو ويو آهي ته آبادي جي واڌاري، سياسي معاشي صورتحال ۽ اهڙين ٻين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اهو واڌارو دنيا جي ترقي پذير ملڪن جهڙوڪ پاڪستان لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معياري ۽ صاف پاڻي جو ميسر نه هجڻ گڏيل قومن جي sustainable and development goal  تائين نه پهچڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪ معياري پاڻي سان لاڳاپيل مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. فيڪٽرين مان نڪرندڙ گندو مادو به پنهنجي جاءِ تي ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي. موسمياتي تبديلي پڻ پاڻي جي مقدار بابت غير يقيني واري صورتحال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ورلڊ بينڪ جي 2016 جي رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ اڃان وڌي وئي آهي.اهڙن کوڙ انديشن، پريشانين، مشڪلاتن ۽ پاڻي سان لاڳاپيل ٻين مامرن تي گڏيل قومن طرفان پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي هي رپورٽ دنيا آڏو آڻي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏھن دريائن جي زندگين ۽ انھن جي تحفظ لاءِ خاطر خواهه قدم نه کنيا ويا ته دنيا هڪ وڏي تباهي جو منهن ڏسندي. اسان وٽ به اهڙي ئي صورتحال آهي.

جيڪڏهن هن وقت سنڌو درياهه جو تحفظ نه ڪيو ويو. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته درياه جي ڊيلٽا جيڪا اڳ ئي خاتمي طرف آهي، مڪمل طور مري ويندي. دنيا تيزي سان پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي. موسمياتي تبديلي الڳ مسئلو بڻيل آهي. حڪمران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وسيلي پنجاب جي چولستان جون سٺ لک ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ ارسا ۾ ترميم ڪن ٿا ته جيئن اتان پسند جي منظوري وٺي سگهن. هن وقت سنڌو درياهه جو جياپو خطري هيٺ آهي. اهو دريا جنھن لاءِ آڳاٽن ويدن ۾ لکيل آهي ته،

”سنڌوءَ جي گڙگاٽ، ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي، اُها آسمان ڀريو ڇڏي!

سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي ۽ مُنهن مڻيادار اٿس (نهايت سهڻي آهي)، سندس پاڻيءَ جي آواز مان، ائين پيو ڀائنجي،

ڄڻ مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن.

اِجها سنڌو، ڍڳيءَ وانگر رنڀندي پئي اچي…..

اي سنڌو! جيئن سوئا گايون، کير ڀريل اوهن سان پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون،

تيئن ٻيون نديون، جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏي رنڀنديون اچن”!

رشي، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ ڏانهن وهندي ڏٺو، تنهن مهل چيائين:

”اي سنڌو! جيئن ڪو راجا جنگ ڪرڻ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس،

تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي.

۽ ٻيون نديون به پلٽڻون ڪري، تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون،

ڄڻ ته ساڳئي رَٿ ۾ سوار آهيو.“

هاڻي اهڙو دريا پنھنجو جوڀن پنهنجي جواني ۽ پنهنجو اهو جوش ۽ جذبو وڃائي رهيو آهي. حڪومتي بي حسي سبب سنڌ جي دريا جو جياپو خطري هيٺ آهي. ويدن ۾ جنھن سنڌو درياهه جي دهشت، جنھن جي گجگوڙ ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو دريا هاڻي حڪومتي بي حسي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. حڪمرانن ملڪ کي آئين تحت هلائڻ بدران پنهنجي من مرضي سان هلائڻ جو سوچي ڇڏيو آهي. ارسا ترميمي ايڪٽ جي آئيني حيثيت بابت آئين واضح ۽ چٽو آهي. ان جي ڪا به آئيني حيثيت ناهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي 1973ع جي آئين جو آرٽيڪل 154 ڪلاز (1) چوي ٿو ته وفاقي لسٽ 2 ۾ شامل اسمن بابت ڪنهن به فيصلي جو اختيار ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ يعني گڏيل مفادن واري وٽ آهي. پاڪستان جي آئين جي وفاقي لسٽ جي ٻئي حصي ۾ آدمشماري سان گڏ ريگيوليٽري اٿارٽيز وغيره جا اسم شامل آهن. ارسا پڻ ريگيوليٽري اٿارٽي آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اختيار نگران حڪومت يا وفاقي ڪابينا يا صدر کي قطعي ناهي. آئين جو آرٽيڪل 155 واضح طور چوي ٿو ته پاڻي سان لاڳاپيل معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ حل ٿيندا. آئين جو آرٽيڪل 154 ڪلاز (2) واضح چوي ٿو ته چونڊيل وزيراعظم جي حلف کڻڻ کان پوءِ 30 ڏينھن اندر ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو قيام لازمي آهي. جڏهن ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ به ٺهيل نه هئي ته اهڙي صورتحال ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جهڙو غير آئيني ڪم ڪنھن جي مفادن لاءِ هو؟ ان ڪري ملڪ جي حڪمرانن کي هاڻي ملڪي آئين جي پاسداري ڪرڻي پوندي، جنھن جي تحفظ جو هو حلف کڻي عهدن تي ويٺا آهن ۽ پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ترميم جهڙا غير آئيني آرڊيننس واپس وٺي سنڌو درياهه کي مرڻ کان بچايو وڃي. ھنگامي بنيادن تي سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن.