قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ وريام جي کوھي ۾ سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي چيئرمين ۽ شاعر ڊٻائي مھر سان 57 هين سالگرهه تي رهائڻ رچائي وئي، جنهن ۾ شريڪ ساڃاهه وندن پنجاپ پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي رياض کيمٽيو، صدورو ڪيريو، ڊٻائي مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھن وقت ڏکين مرحلن مان گذري پئي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي پنجاپ 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اھڙي عمل خلاف سنڌ واسين کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ڌرتي اسان کان کسي پئي وڃي، درياهه کي سڪائي لکين ايڪڙ زمين بنجر ڪري ڌرتي ڌڻين جو معاشي قتل ڪرڻ جا سانباھا ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان جاڳرتا مھم هلائڻ جي ضرورت آھي، تقريب جي آخر ۾ صوفي راڳي مانجهي فقير، علي حسن خاصخيلي، دادن لطيف چانڊيو ۽ ٻين گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.