سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي سڏ تي قاضي احمد قومي شاهراهه تي ڌرڻو

0
31

سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي سڏ تي قاضي احمد قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڪراچي کان پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريڪ معطل، ڌرڻي ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، ايس يو پي اڳواڻ نياز آرائين سميت ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌوءَ مان نوان ڪئنال سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ته مزاحمت جو نئون رخ اختيار ڪنداسين، پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، دوڙ ۾ به نوَن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف جسقم جي سڏ تي علمدار چوڪ کان مهراڻ هاءِ وي تائين 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌوءَ درياهه مان ڪنهن به صورت ۾ نوان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، تڪراري فيصلا واپس وٺڻ جو مطالبو