سڪرنڊ (ن پ ا) ايس يو پي يوسي مجيد ڪيريو پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ برک سياستدان ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه جي 20 هين ورسي جي موقعي تي سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاهه، سيد ضياءَ شاهه ۽ ايس يو پي اڳواڻن چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي ۽ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته بابا امداد محمد شاهه سچو ۽ کرو ماڻهو هو هن هميشه سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌو درياءَ سميت ٻيٽن جو سودو ڪيو آهي. حڪمران جانور نما بنجي چڪا آهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڀاڙيا آهن جن سنڌو درياءَ جي سودي تي خاموشي اختيار ڪئي آهي. ان موقعي تي امداد فائونڊيشن جي چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته امداد محمد شاهه پنهنجي پوري زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو هميشه ٻين لاءِ جيئندو هو. ايس يو پي جي ليڊيز اڳواڻ ياسمين ٿيٻو چيو ته امداد شاهه سنڌ سان پيار ڪندڙ هو. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ ڪيريو، جونيئر جي ايم سيد، امير ٿيٻو، شوڪت حسين ميمڻ، ايوب کوسو، قاسم سومرو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو.