خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف جسقم نياز ڪالاڻي گروپ طرفان اسڪارپ ڪالوني کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي، اڪبر مڪول، شھناز شيخ، شبانا ناز شيخ، پنھل ساريو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي، ان مٿان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ برابر آهي، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، ڇو ته اهو منصوبو سنڌي ماڻهن جو معاشي قتل عام ڪرڻ جهڙو آهي، هنن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ پ پ کي هن منصوبي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ واضح نموني پنهنجو چٽو موقف رکڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.