حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حقوق خلق پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رفعت ۽ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ صائما حيدرآباد پهچي پليجو هائوس تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران انهن سنڌياڻي تحريڪ جي ڪراچي واري ڪامياب  مارچ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته سنڌ جي پاڻي جي معاملي تي پنجاب جا ترقي پسند اڳواڻ سنڌ سان گڏ آهن. سنڌو درياهه جو قتل صرف سنڌ نه پر سموري خطي لاءِ ماحولياتي تباهي جو سبب بڻبو. سنڌو درياهه جا فطري وهڪرا بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ مثالي جدوجهد ڪئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 6 نون ڪينالن خلاف ملڪ گير جدوجهد جي سلسلي ۾ 16 فيبروري 2025ع تي ڀٽ شاهه ۾ اعلانيل هاري ڪانفرنس جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو ۽ چيو ويو ته ڀٽ شاهه هاري ڪانفرنس ۾ سموري ملڪ مان هاري اڳواڻ شريڪ ٿيندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺهڻ کانپوءِ ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به نه پهچندو جنهن ڪري ماحولياتي تباهي ايندي. 6 نون ڪينالن سبب سنڌ دائمي ڏڪار جي ور چڙهي ويندي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ ڪمانڊ ايريا کي بنجر بڻائي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. سنڌ ماڻهو درياهه تي وڌيڪ ڪينال برداشت نه ڪندا.