سنڌو درياهه تي بند، ڊيم ۽ بئراج

0
23
سنڌو درياهه تي بند، ڊيم ۽ بئراج

سنڌو درياهه تي سنڌ ۾ بندن ٺاهڻ جو پهريون حوالو 1869ع جو ملي ٿو، جڏهن ان وقت جي سرڪار سکر واهه جي منڍ تي هڪ بند اڏيو. ان کان پهرين جيڪي به بند هئا، اهي زمينداري بند هئا ۽ زميندار انهن جي سار سنڀال پاڻ ڪندا هئا. بندن نه هئڻ ڪري درياهه ۾ جڏهن به پاڻي ايندو هو ته اهو درياهه جي ڪنارن کان ٻاهر نڪري پکڙجي ويندو هو. جڏهن پاڻي لهندو هو ته وري انهن زمينن ۾ آبادي ڪئي ويندي هئي. 1874ع ۾ آيل ٻوڏ اوڀر سرحدي ضلعي، يعني موجوده شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر- شهداد ڪوٽ ضلعن جا 80 ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا، ايستائين جو جيڪب آباد شهر جو ڪافي حصو متاثر ٿيو. ان کانپوءِ سرڪار بندن اڏڻ جو ڪم شروع ڪيو. 1874ع ۾ بيگاري منڍ کان ڪشمور ۽ سنڌ- پنجاب سرحد تائين 48 ميل بند ٺاهيو ويو. جڏهن سرڪار 1878ع ۾ زمينداري بند پنهنجي حوالي ڪيا، ان وقت جو اهم سکر بيگاري بند سرڪار پنهنجي انتظام هيٺ آندو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ تائين سڄي سنڌ ۾ سواءِ مٿانهن ۽ جابلو علائقن جي درياهه جا بند وجود ۾ اچي چڪا هئا. انهيءَ ۾ سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي سنڌ- پنجاب سرحد کان سيوهڻ ۽ سونڊا کان سمنڊ تائين مکي بند ۽ لوپ بندن سميت 604 ميل بند آهي. درياهه جي کاٻي پاسي بندن جي قطار مسلسل نه هئي، ان هوندي به بندن جي ڊيگهه 337 ميل آهي. (ڏسو بند مينيوئل 2008ع,اپينڊڪس 1 ص 32)

سنڌو درياهه مان واھ

سنڌو درياهه مان سنڌ ۾ واهن ڪڍڻ جو ذڪر ڪلهوڙا دور ۾ ملي ٿو. ان کان پهرين درياءَ جي اٿل تي صرف ربيع جي فصل پوکي ويندي هئي. وڌندڙ آبادي جي کاڌ خوراڪ جي انتظام لاءِ ڪلهوڙا دور ۾ درياهه مان واهه ڪڍي، ان تي خريف جي پوک ڪئي وئي. هڪ اندازي مطابق ڪلهوڙن جي دور ۾ ايڪيهه لک ايڪڙ زمين آبادي هيٺ  هئي. هيوگ، سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيو آهي ته سنڌ ۾ 729 ننڍا، وڏا واهه ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور جا هئا، جن مان ڪجهه واهن جي انگريز سرڪار مرمت ڪرائي. انگريزن طرفان 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جلدي سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جو بنياد وڌو پر بعد ۾ ان کي بند ڪري ڇڏيو. پوءِ جلد ئي 1851ع ۾ کاتي کي ٻيهر فعال ڪيو ويو ۽ ان جي معرفت ڪافي ڪم ڪرايا. سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مان پنجاب طرفان بئراج ۽ واهه ڪڍڻ جو سلسلو 1859ع کان شروع ڪيو ويو. 1859ع ۾ پنجاب طرفان راوي نديءَ تي باري دوآب ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو ويو. اهو برصغير ۾ انگريزن جو دور هو. انگريزن کي هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جو مسئلو هو ۽ ٻي طرف لنڪشاٿر جي ڪپڙي جي ڪارخانن لاءِ ڪچي مال جي ضرورت هئي. انهن جي نظر پنجاب جي زمينن تي ۽ سنڌ طاس جي دريائن جي پاڻي تي پئي، ائين انگريز سرڪار 1885ع کان 1940ع تائين پنجاب ۾ 9 ڪئنال ڪالونيز ٺاهيون. انهن ۾ پنجاب جي تقريبن سٺ لک ايڪڙ زمين آبادي هيٺ آئي.

واپڊا پنهنجي هڪ پروگرام ويزن 2025ع جي هيٺ سنڌ طاس ۾ مختلف ذخيرن، بئراجن ۽ واهن ٺاهڻ جو منصوبو ڪئنال ڪالونيز جو تفصيل منهنجي ڪتاب “هيڊرو پاليٽڪس ان پاڪستان” ۾ ڏنل آهي. اهي ڪم ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪرڻا هئا. پهريون مرحلو 2001ع کان 2006ع تائين، ٻيو مرحلو 2006ع کان 2011ع تائين ۽ ٽيون مرحلو 2011ع کان 2025ع تائين هو.

پهرئين مرحلي ۾ شامل ڪم

1.آلوڙي ڊيم 2. سنجوال ڊيم 3. گريٽر ٿل ڪئنال 4. گومل زيم ڊيم 5. ڪڇي ڪئنال 6. ريڻي ڪئنال 7. گاج بتي ڊيم 8. ميراڻي ڊيم

ٻئي مرحلي ۾ شامل ڪم

1.هنگول ڊيم 2. سيوهڻ بئراج 3. چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال 4. ڀاشا ڊيم 5. ست پارهه ڊيم 6. منگلا ڊيم جي اوچائي وڌائڻ.

ٽئين مرحلي ۾ شامل ڪم

1.کڏيجي ڊيم 2. نولانگ ڊيم 3. ڪالاباغ ڊيم 4. ڍوڪ پٺاڻ ڊيم 5. رهتاس ڊيم 6. ڀاتر ڊيم 7. يوگو ڊيم 8. ست ڀارا ڊيم 9. اسڪردو ڊيم ۽ 10. ڪالام ڊيم

پهرئين مرحلي ۾ شامل ڪم مڪمل ٿي ويا آهن، سواءِ سنجوال ڊيم جي. سنڌ ۾ نئين گاج ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، پر اڻڄاتل سببن جي ڪري ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. ڪڇي ڪئنال جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، ان جي ٻي مرحلي تي اڃا ڪم رهيل آهي. ٻي مرحلي ۾ شامل پنجن ڪمن مان چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال ۽ منگلا ڊيم جي اوچائي وڌائڻ وارا ڪم مڪمل ٿي ويا آهن. ڀاشا ڊيم تي ڪم هلي رهيو آهي. سيوهڻ بئراج ۽ هنگول ڊيم جو ڪم شروع نه ٿيو آهي. جڏهن ته ٽين مرحلي تي اڃا ڪم شروع نه ٿيو آهي. انهيءَ منصوبي کان علاوه ڪجهه وڌيڪ ڊيم پڻ ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ محمدن ڊيم، داسو ڊيم شامل آهن.

هن وقت پاڪستان ۾ 150 ننڍا وڏا ڊيم ٺهيل آهن. انهي مان 73 وڏا ڊيم آهن. اهو ڊيم جنهن جي اوچائي 50 فوٽ کان مٿي آهي، ان کي وڏو ڊيم سڏيو ويندو آھي۔ سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ سنڌو درياهه تي ٺهيل ڊيمن ۽ بئراجن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

1.پاڻي جا ٽي وڏا ذخيرا. تربيلا، چشما ۽ منگلا ڊيم

2.بئراج ۽ هيڊروڪس 18 عدد

3.مختلف دريائن تي 2 سائيفن

4.دريا کان دريا تائين 12 لنڪ ڪئنال

5.چوئيتاليهه آبپاشي واهن جو سرشتو

(الف) پنجاب 23

(ب)سنڌ 14

(ج)خيبر پختوانخوا 5

(د)بلوچستان 2

(حوالو: انڊس واٽر اينڊ سوشل چينجز – سيد علي نقوي ص xxxiv – تعارفIntroduction )

تربيلا ڊيم:

سنڌو درياهه تي ٺهيل هي ڊيم ملڪ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش جي حوالي سان ٻي نمبر تي آهي. هن ۾ استعمال جهڙو پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. تربيلا ڊيم تي ڪم 1968ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1974ع ۾ مڪمل ٿيو. هي ڊيم پشاور کان 125 ڪلوميٽر، صوابي کان 20 ڪلوميٽر ۽ اسلام آباد کان 105 ڪلوميٽر اتر اوڀر تي واقع آهي. تربيلا سنڌو درياهه تي اٽڪ کان 30 ميل پري آهي. هن مان 4888 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. هن جي وڌ ۾ وڌ پاڻي جي سطح، سمنڊ جي سطح کان 1550 فوٽ مٿي آهي. ڊيم جي دريا جي پيٽ (Bed) کان اوچائي 143 ميٽر (470 فوٽ) آهي. هن ڊيم ٺهڻ ڪري 135 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ 96 هزار ماڻهن کي لڏڻو پيو. هن ڊيم ٺاهڻ لاءِ 82 هزار ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي هئي.

سنڌ طاس معاهدي جي نتيجي ۾ جيڪي متبادل ڪم ڪرائڻا هئا ۽ جن لاءِ عالمي بينڪ فنڊ قائم ڪيو هو، تربيلا انهن ڪمن ۾ شامل نه هو. پاڪستان جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جي مسلسل دٻاءُ سبب عالمي بينڪ انهيءَ جي منظوري 1965ع ۾ ڏني. مئي 1968ع ۾ 498 ملين ڊالر تربيلا ترقياتي فنڊ قائم ڪيو ويو، انهيءَ مان 324 ملين ڊالر سنڌ طاس ترقياتي فنڊ مان رکيا ويا ۽ باقي پئسا پاڪستان سرڪار کي بندوبست ڪرڻ جو چيو ويو. تربيلا ڊيم منصوبي جي شروعاتي ڪاٿو 827.5 ملين ڊالر هو. منصوبو 1.497 ارب ڊالر جي خرچ سان مڪمل ٿيو.

رفو بازگو بجلي گهر:

سنڌو درياهه تي ڪشمير (هندستان جي پاسي) ۾ ليه کان 75 ڪلوميٽر تي الچي نالي ڳوٺ وٽ رفوبازگو بجلي گهر ٺاهيو ويو آهي. هن منصوبي تي ڪم 23 سيپٽمبر 2006ع ۾ شروع ٿيو ۽ 12 آگسٽ 2014 تي هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي طرفان ان جو افتتاح ڪيو ويو. هن بجلي گهر ۾ 45 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. هتي پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 187 فوٽ اوچو ڊيم ٺاهيو ويو آهي. هن بجلي گهر ٺهڻ جي معاملي ۾ غير ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي الزام هيٺ واپڊا طرفان ان وقت جي انڊس ڪميشن جي پاڪستاني ڪمشنر جماعت علي خلاف تحقيقات ڪرائي وئي هئي ۽ هن کي هن بجلي گهر ٺهڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو. انڊس ڪمشنر جماعت علي شاهه تي الزام هو ته هن منصوبي خلاف وقت اندر سنڌ طاس معاهدي مطابق ڪارروائي نه ڪئي هئي. هن منصوبي مڪمل ٿيڻ سان هندستان 120 ملين ڪيوسڪ ميٽر پاڻي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. انڊس ڪمشنر جماعت علي شاهه سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پهرين آمريڪا هليو ويو، جتان هن آسٽريليا ۾ سياسي پناهه ورتي ۽ اتي رهڻ لڳو. جڏهن راغب عباس شاهه واپڊا جو چيئرمين ٿيو ته هن جماعت علي شاهه کي سڀني الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ٿي ويو ۽ چوري ۾ مدد ڪندڙ کي ڪا به سزا نه آئي.

چوٽڪ بجلي گهر:

لداخ جي ڪارگل ضلعي ۾ ليه کان 231 ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڀرتو سورو تي هي بجلي گهر ٺهيل آهي. هن بجلي گهر تي ڪم 2006ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2013ع ۾ مڪمل ٿيو. هن بجلي گهر ۾ 44 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. رفو بازگو بجلي گهر ۽ چوٽڪ بجلي گهر جو ڪم هڪ ئي وقت شروع ٿيو ۽ ان وقت انڊس واٽر ڪميشن ۾ پاڪستان طرفان جماعت علي شاهه ڪمشنر هو.

ڊمڪر بجلي گهر (Dumkhar Dam):

ڄمون ڪشمير ۾ ليه ضلعي ۾ سنڌو درياهه تي 42 ميٽر اوچي ٺهيل هن بجلي گهر تي ڪم 1997ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2003 ۾ مڪمل ٿيو. هي ڊيم ليه جي ڳوٺ اڇنگٿانگ ويجهو ٺهيل آهي. 52.745 ملين روپين جي لاڳت سان ٺهيل آهي. هن ڊيم مان 45 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. سنڌو درياهه تي ڪشمير ۾ هي پهريون ڊيم/ بجلي گهر ٺاهيو ويو.

غازي بروٿا بئراج:

تربيلا ڊيم کان ٿورو هيٺ غازي نالي ڳوٺ وٽ سنڌو درياهه تي پهريون بئراج ٺهيل آهي. اهو بئراج 1990ع ۾ ٺاهيو ويو. سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي تي بئراج مان هڪ واهه ڪڍيو ويو آهي، جيڪو 32 ميل سفر ڪري بروٿا وٽ ٺهيل بجلي گهر کي پاڻي پهچائي ٿو. پاڻي ذريعي انهي بجلي گهر مان 1450 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. بجلي گهر کانپوءِ اهو پاڻي سنڌو درياهه جي معاون هارو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. جڏهن درياهه ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي ته پوءِ انهن 32 ميلن ۾ سنڌو درياهه ۾ مٺي پاڻي بدران سيمي ۽ شهري گٽرن جو پاڻي وهندو نظر ايندو آهي. ائين انهن 32 ملين ۾ سنڌو درياهه جي ايڪالاجي ۽ ماحوليات سخت متاثر ٿي آهي.

جناح بئراج/ ڪالاباغ بئراج

هاڙو درياهه سنڌو سان ميلاپ کان 20 ميل هيٺ ڪالاباغ/ جناح بئراج ٺهيل آهي. اهو بئراج 1947ع ۾ ٺاهيو ويو. سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي اتان ٿل ڪئنال ڪڍيو ويو آهي. ٿل ڪئنال تي پنجاب صوبي جي ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.

چشما بئراج

سنڌو درياهه تي هي ٻيو ڊيم ٺهيل آهي. هن ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 0.50 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. اتان سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ کان چشما- جهلم لنڪ ڪئنال ڪڍيو ويو آهي. اهو ڪئنال 1970ع ۾ ٺهيو. ساڄي ڪپ تان وري چشما رائيٽ بينڪ لنڪ ڪئنال ڪڍيو ويو آهي.

تونسا بئراج

سنڌو تي ٺهيل هن بئراج 1958ع ۾ مڪمل ٿيو. هن مان کاٻي پاسي کان مظفر ڳڙهه ڪئنال ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ساڄي پاسي کان ديرا غازي ڪئنال ۽ ڪچي ڪئنال نڪرن ٿا. ڪچي ڪئنال بلوچستان لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. ڪچي ڪئنال جيڪو 499 ڪلو ميٽر ڊگهو ڪئنال آهي، اهو 305 ڪلوميٽر پنجاب 395 ڪلوميٽر ڊيگهه ۾ واهه جي کوٽائي ٿي وئي آهي. آگسٽ 2024ع تائين ڪچي ڪئنال جو ڪم بند آهي. ڪچي ڪئنال جنهن جي شروعاتي ڪٿ ويهه ارب روپيا لڳائي وئي هئي، هاڻي ان تي ايندڙ خرچ جو ڪاٽو 88 ارب روپيا چيو پيو وڃي.

گڊو بئراج

سنڌ جي سرحدن ۾ سنڌو درياهه تي هي پهريون بئراج آهي. اهو بئراج 1958ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هن مان ٽي وڏا واهه نڪرن ٿا، جن مان ساڄي پاسي ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪئنال، بيگاري سنڌ فيڊر ۽ کاٻي پاسي کان گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال. ريڻي ڪئنال 1991ع واري صوبن ۾ پاڻي ورڇ واري ٺاهه کان وڌيڪ/ اضافي پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پر ڪن فني خرابين ڪري ان ۾ پاڻي نٿو کنيو وڃي.

سکر بئراج

سنڌ ۾ ٺهندڙ پهريون بئراج جيڪو 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو. اتان ساڄي پاسي ٽي وڏا واهه هر هڪ رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ اين ڊبلو سي ڪئنال نڪرن ٿا، جڏهن ته کاٻي پاسي کان روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال ۽ خيرپور اوڀرندو ۽ خيرپور اولهندو نڪرن ٿا.

ڪوٽڙي بئراج  

سنڌو درياهه تي هي آخري بئراج ۽ سنڌ ۾ ٽيون بئراج آهي، جيڪو 1956ع ۾ ٺهي راس ٿيو. اتان ڪل چار واهه نڪرن ٿا، جن مان ساڄي کان ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ کاٻي پاسي کان اولڊ ڦليلي، نيو ڦليلي ۽ اڪرم واهه نڪرن ٿا.

سنڌو درياهه تي مٿي ذڪر ڪيل سمورا ڪم مڪمل ٿيل آهن ۽ سرزمين تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پاڪستان سرڪار 2017ع ۾ چين سان بجلي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ ٺاهه ڪيو آهي، جنهن تحت تربيلا کان مٿي سنڌو درياهه تي پنج ڊيمن جو جهرڻو ٺاهيو ويندو، جن ۾ بنجي، داسو، ٿاڪوٽ ۽ پڻ بجلي پيدا ڪندڙ ڊيم هوندا، جڏهن ته ڀاشا ڊيم پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هوندو. انهيءَ ڊيمن جي سلسلي مان 22300 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي سگهندي. اهو منصوبو 15 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. انهيءَ جهرڻي مان داسو ۽ ڀاشا ڊيم تي ڪم شروع آهي.

سال 2024 جي آخر تائين سنڌو درياهه تي هندستان طرفان 3 ڊيم ۽ پاڪستان طرفان 3 ڊيم ۽ ست بئراج ٺاهيا ويا آهن. جن مان 3 بئراج سنڌ ۾ ٺهيل آهن. پاڪستان طرفان وڌيڪ پنج ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي. ان کان علاوه سنڌو درياهه جي ڀرتو ندين تي پڻ ڊيم ٺهيل آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ پڻ ڊيم ٺاهڻ رٿابندي ۾ شامل آهي.