نصيرآباد ( ن پ ا ) پ پ پ ضلع قمبر جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽرنياز احمد چانڊيو پاران پ پ پ سٽي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئيني عدالت جو قيام انتھائي اھم آھي ھر صورت ۾ آئيني عدالت جو قيام ڪرائي پاڪستان جي عوام کي جلد کان جلد انصاف فراھم ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ڪنداسين، آئيني عدالت نه ھجڻ جي ڪري اسان جي قائد کي ڪيترائي سال انصاف نه مليو ھن وقت 90 پرسنٽ کان وڌيڪ عام ماڻھن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن سال پينڊنگ ۾ آھن عدالتن ۾ صرف اھي سياسي ڪيس ۽ آئيني ڪيس جلد ۾ کنيا ويندا آھن جيڪي سياسي ڪيس کڻي بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ عام ماڻھن کي سالن جا سال رلايو پيو وڃي اسان جي قائد بلاول ڀٽو زرداري پاران عام ماڻھن کي جلد انصاف فراھم ڪرڻ لاءِ 26 آئيني ترميم جي لاء ڪوشش ڪري رھيو آھي ان جي ئي ڪوشش سان جي يو آءِ سربراھ آئيني عدالتن جي قيام لاءِ راضي ٿيو آھي، تمام متفقه طور تي ترميم کي پاس ڪرايو ويندو، پ پ پ ضلع قمبر جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز احمد چانڊيو پنھنجي جاري ڪندڙ پريس بيان ۾ چيو آھي تـ سنڌ حڪومت سميت سنڌ اسيمبلي ارسا ايڪٽ کي رد ڪري چڪا آھن ان جي ڪري سنڌ واسي بي فڪر رھن، سنڌو درياهه مان ڪنھن به صورت ۾ اضافي ڪئنال نـه ٺاھڻ ڏينداسين ان کي اسين سڀ سنڌ دشمن سمجھي رد ڪري چڪا آھيون  ھن چيو تـ پارليامينٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھي ميثاق جمھوريت ۽ پارليماني ڪميٽي جو قيام پڻ بلاول ڀٽو جي ڪوششن جو نتيجو آھي ملڪ کي آئيني ۽ معاشي بحرانن مان صرف ۽ صرف بلاول ڀٽو زرداري ئي ڪڍي سگھي ٿو، پريس ڪانفرنس ۾ ضلعي تعلقا ۽ زيلي ونگ جي اڳواڻن ۽  ڪارڪنن وڏي ۾ انگ شرڪت ڪئي.