سنڌو درياءَ ڪڏهن به پنجاب جو حصو نه هو … ابراهيم محمد صالح

0
26
سنڌو درياءَ ڪڏهن به پنجاب جو حصو نه هو ... ابراهيم محمد صالح

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته سال1580ع کان اڳ سنڌو درياءَ جا ٻئي ڪنارا (left bank and right bank)پنجاب جو حصو نه هئا، پر ان کان اڳ لفظ پنجاب يا صوبي پنجاب جو تاريخ ۾ ڪوئي ذڪر نٿو ملي پنجاب جو نالو پنجاب تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1580ع ۾ درياءَ جهلم ۽ درياءَ بياس جي ٻن آبن تي مشتمل علائقن کي ڏنو ويو ۽ اهو نالو شير شاهه سوري جي ٺاهيل قلعي جي ڪري پيو پر ان کي قبوليت مغل دور ۾ ملي، جڏهن هن ٻن الڳ الڳ قديم سر زمينن لاهور ۽ ملتان کي ملائي صوبي پنجاب جو نالو ڏنو ۽ ان کي پنهنجي حدود اربعه ۾ شامل ڪيو ، (سنڌو جي معاون دريائن جا اهي ٻه آب به انڊس سولائيزيشن جو ئي حصو هئا)جيتوڻيڪ لاهور قديم زماني ۾مختلف نالن، Luhawar, Luhar , Rahwar, Al Ahwar  ۽ Lav Kot جي نالن سان موجود رهيو آهي، ان کي لاهور جو نالو سال 982 ۾ حدود عالم نامي ملفوظات کان مليو آهي.

                         جڏهن ته سرائيڪين جي ديس ملتان جي تاريخي قدامت انڊس سولائيزيشن جي زماني کان هڪ دريائي بندر جي قبضي جي حيثيت ۾ موجود آهي، تاريخ ۾ ان جو پهريون نالو( مل استٿان Mul Asthan   اوچو مندر/شهر) ملي ٿو، موجوده نالو ملتان بابت اهي ڳالهيون آهن ته اهو نالو سڪندر اعظم جي دور ۾ اتي موجود درياءَ سنڌ جي رستي واپار واري ملا Malla نالي ماڻهن جي وسندي سان Mallian جي نالي سان ملي ٿو، موجوده نالو ملتان ان کي عربن فتح ڪرڻ بعد امارات ملتان جو ڏنو آهي.

برٽس پنجاب جو وڏو ۽ ذرخيز حصو سک پاڻ سان انڊيا ۾ کڻي ويا، اها به حقيقت آهي ته رياست بهاولپور ون يونٽ ٺاهي ان کي پنجاب ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن پنجاب جو حصو ناهي رهي، ايستائين جو رنجيت سنگهه جي دور ۾ به اها پنجاب جو حصو نه هئي، بهاولپور جي اصل آباد سنڌ ۽ راجسٿان جي قبيلن تي مشتمل رهي، ۽ ان کي رياست جي حيثيت ۾ سنڌ جي دائود پوٽن قائم ڪيو هو. … (فيس بوڪ تان ورتل)