سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ شامل ورلڊ بينڪ

0
41
سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ شامل ورلڊ بينڪ

 لڳ ڀڳ اڍائي ڏهاڪا اڳ سنڌو بادشاه جي راڻي ٻلهڻ تي تحقيق ڪندڙ آمريڪي ليکڪا جل برولڪ سکر پهتي هئي ۽ هن سان گڏ ڪجهه وقت ڪم ڪيو ته هڪ ڏهاڙي هوءَ ۽ سندس مڙس اسان جي چانهه پيئڻ آفيس آيا. اسين امداد سومري (جپسي) جي عبرت اخبار واري آفيس ۾ ويٺاسين ته ڳالهين ۾ هن پنجند جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته سنڌوءَ جو اهو هنڌ ئي ان جي گجگوڙ جو رهيو آهي پر هاڻي “سنڌو مري رهيو آهي”. مون کي اچرج ٿيو ۽ ان ڳالهه تي چڱو بحث ٿيو. ان بعد ويجهڙ ۾ مون اهو جملو راڻا محبوب کان ٻڌو. پر جيئن ته سنڌو رڳو ڌرتيءَ تي نه پر اسان جي سيني اندر به وهندو آهي ۽ مان ته ان جي ڪناري ڀرسان رهندڙ آهيان. اهو منهنجي اکين ۾ به اوتيل آهي، سو اعتبار ڪرڻ لاءِ اڄ به تيار ناهيان. پر سرسوتي جهڙي درياءَ جي گم ٿي وڃڻ واري حقيقت به ڊيڄاريندي رهندي آهي. وري جو ٻڌجي ٿو ته هن وقت دنيا ۾ موسمياتي تبديلين وارو معاملو اهم ترين آهي ته وسوسا وڌيو وڃن. گڏيل قومن (يو اين) کان وٺي عالمي بينڪ (ورلڊ بينڪ) تائين ڪيئي ادارا ان حوالي سان رپورٽون ڏيندا رهن ٿا. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اهم بڻيل آهي جو ان جو تمام گهڻو اثر پئجي رهيو آهي. خاص ڪري پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪيئي معاملا ٿي رهيا آهن. هڪ طرف برساتي ٻوڏن جي تباهي آهي ته وري ڪنهن سال ۾ سوڪهڙو اچيو وڃي. ڪڏهن دريائي ٻوڏ ته ڪڏهن شديد پاڻي کوٽ ٿي وڃي ٿي. دنيا ۾ ان حوالي سان مناسب رٿائون آنديون وينديون آهن، پر هن ملڪ ۾ رٿائن جي ڀرمار ڪري پاڻي جي نظام کي ئي خراب ڪيو ويو آهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ورلڊ بينڪ پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين توڙي دريائي ۽ جر جي پاڻين بابت تحقيقي رپورٽون سامهون آيون آهن، جن جو جيڪڏهن ڳر ڪڍجي ته اهو هن ريت آهي ته انڊس بيسن سان ڪهڙا هاڃا ٿي رهيا آهن:

  1. پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان پگهري رهيا آهن.
  2. گليشيئر جي پگهرجڻ سان ڪنهن ڪنهن سال وڏي کان مها ٻوڏون اچن ٿيون.
  3. جر جو پاڻي گهٽجي رهيو آهي.
  4. سنڌو درياءَ جي وهڪري جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.
  5. هڪ طرف ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرن ۽ بجلي گهرن سبب اربين ڊالرن جو فائدو ٿيو ته ٻي پاسي وري سنڌ جي ڊيلٽا تباهه ٿي ۽ ان سان ٻيڻو نقصان ٿيو. (هڪ مثال ڏنل آهي ته تربيلا جي ڪري انڊس ڊيلٽا جو نقصان وڌي 50 بلين آمريڪي ڊالر تي پهتو آهي ۽ اهو هر سال ٻه بلين آمريڪي ڊالر سالياني تي پهچي ويو آهي).
  6. سنڌو دريا ڏانهن ايندڙ پاڻين جي رٿائن سبب ان ۾ وهڪرا گهٽجي رهيا آهن.
  7. سڀ کان وڌ ۾ وڌ سنڌ جي زراعت متاثر ٿي رهي ۽ ٿيندي، جيڪا ٽيهه سيڪڙي تائين پهچي ويندي. جنهن ۾ خاص طور ڪڻڪ ۽ ڪمند جهڙا فصل هوندا.
  8. انهن رپورٽن ۾ مختلف اڀياس ڏنل آهن، جن مان ڪجهه بهتريون به ڄاڻايل آهن ۽ اهو پڻ ته ورلڊ بينڪ پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ لکي ڇڏيندي آهي ته بينڪ جي پاليسين سان ان جو ڪو واسطو ناهي. ان جو مطلب ته وري ڪي پنجوڙ تيار ڪيا ويندا آهن ۽ ملڪ کي قرضن ۾ جڪڙڻ لاءِ دريائن جي وهڪرن کي قتل ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويندا آهن.

ورلڊ بينڪ جو هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪرايل معاهدو مشهور آهي، جنهن وسيلي پاڻيءَ جا ڪجهه ذريعا هن ملڪ کان هليا ويا ۽ مُک ذريعو سنڌو دريا بچيل آهي، پر ان لاءِ به ڪوڙڪي لڳل آهي. ساڳي عالمي بينڪ جي فنڊنگ سان پهريائين هڪ وڏو ڊيم تربيلا اڏيو ويو ۽ اها رٿا ويهين صديءَ ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ راس ٿي. جنهن مان آبپاشي لاءِ پاڻي ۽ هائڊرو اليڪٽرڪ نظام تحت بجلي واري توانائي حاصل ڪئي وئي. ورلڊ بينڪ جي 1960ع ۾ ڪرايل معاهدي سبب راوي، ستلج ۽ بياس دريائن جو سنڌوءِ ۾ ايندڙ پاڻي هندستان کي مليو، جيڪو 33 ملين ايڪڙ فوٽ جي لڳ ڀڳ ساليانو هو. مجموعي طور سنڌوءَ جي پاڻي واري نظام مان هندستان ٽيهه سيڪڙو کڻي ويو، جيڪو لڳ ڀڳ پنجاب جي استعمال ۾ ئي ايندڙ هو.

ورلڊ بينڪ اتي بس نه ڪئي. ان هڪ ته ان معاهدي واري انڊس بيسن رٿائن لاءِ فنڊنگ ڪئي پر واڌو ٿائن لاءِ به اربين ڊالر ڏنا. سٺ واري ڏهاڪي کان مختلف ڊيم، بيراج ۽ ڪينال ٺهڻ لڳا، جن جي مُک فنڊنگ ورلڊ بينڪ جي هئي يا وري ان جي سهولتڪاري سان ٻين هنڌن تان ٿي آئي. معاهدي موجب پنجاب وارن دريائن جو جيڪو پاڻي وڪرو ڪيو، ان رقم مان پنجاب اندر آبپاشي رٿائن جو ڄار وڇائڻ هو. اصل ۾ اهو معاهدو سنڌو دريا کي هوريان هوريان قتل ڪرڻ جو هو ۽ مٿان وري 1991ع جو ٺاهه ڪيو ويو، جنهن سان پنجاب کي وڌ ۾ وڌ پاڻي ڏئي اتي زرعي بهتري آڻڻي هئي، ڇو ته ورلڊ بينڪ سميت ٻين ادارن جي قرض کي موٽائڻو هو. پر هن ملڪ جي ڪرپشن اهو خواب ته اڻپورو ڪيو، ها باقي سنڌو دريا سوڙهو ٿي ويو، “شينهن” کي جڪڙيو ويو. 1960ع واري سنڌو طاس معاهدي تحت ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمنٽ بينڪ کانسواءِ آسٽريليا، برطانيا، آمريڪا، ڪينيڊا، ويسٽ جرمني (ان وقت جرمن ملڪ ٻن حصن ۾ ورهايل هو) ۽ نيوزيلينڊ کان به جهجهي فنڊنگ ٿي. انڊيا پاران پاڻي عيوض 62 ملين سٺ هزار پائونڊ اسٽرلنگ ڏنا ويا. “انڊس بيسن پراجيڪٽس” ۾ سنڌ گم هئي. ڪجهه وڏيون رٿائون جن سان سنڌوءَ جي نڙيءَ تي ننهن آهي، اهي هن ريت آهن:

* غازي بروٿا هائڊروپاور پراجيڪٽ ۽ ڊيم جي ڪم جي شروعات 1995ع ۾ ٿي. اهو 2003ع ۾ مڪمل ٿيو. ان رٿا ۾ تربيلا کان ست اٺ ڪلوميٽر هيٺ بيراج به ٺهيو. هن رٿا تي سوا ٻه بلين ڊالرس کان مٿي خرچ آيا. ورلڊ بينڪ جي 350 ملين ڊالرس سميت دنيا جي مختلف بينڪن کان قرض کنيو ويو.

* گلگت- بلتستان ۾ سنڌوءَ تي ديامير ڀاشا ڊيم جو ڪم هلندڙ آهي. اهو ڊيم 2006ع کان اعلانيو ويو پر واپڊا پاران ڪجهه ورهيه اڳ 1980ع کان ان رٿا جي رٿابندي ٿيندي ٿي رهي. هي اهڙو پراجيڪٽ هو، جنهن تي 2013ع تائين ورلڊ بينڪ توڙي ايشين ڊولپمنٽ بينڪ پاران قرض لاءِ نابري ظاهر ڪئي وئي پر ان جو ڪارڻ هندستان جو اعتراض هو، نه ڪي سنڌو دريا کي وڌيڪ سوگهو ڪرڻ کان روڪڻ جو درد هو. پر 2013ع ۾ خبرون آيون ته ورلڊ بينڪ هن رٿا لاءِ به 7.5 ملين آمريڪي ڊالر ڏيڻ تي راضي ٿي. رٿا تي 2008ع ۾ 12.6 بلين ڊالر جو ڪاٿو هو، جيڪو هاڻي تيزي سان وڌندو پيو وڃي. گڏوگڏ داسو ڊيم به ٺهي پيو. ان کان اڳ وڏا ڊيم ٺهيا.

تربيلا ڊيم 2.85 بلين ڊالرس سان ٺهيو. بعد ۾ به ورلڊ بينڪ ۽ ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمنٽ بينڪ تربيلا ڊيم جي توسيعي رٿائن لاءِ قرض ڏنو. تربيلا جي چوٿين توسيعي منصوبي لاءِ ورلڊ بينڪ، جون 2013ع ۾ 840 ملين ڊالر قرض ڏيڻ جو راضپو ظاهر ڪيو. 2015ع جي نومبر مهيني ۾ تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي ۾ 326 ملين ڊالر قرض ڏيڻ جو معاهدو ڪيو. سيپٽمبر 2016ع ۾ ورلڊ بينڪ واڌو 390 ملين ڊالر قرض ڏيڻ جو معاهدو ڪيو. ايئن اربين ڊالر هن ڊيم تي ورلڊ بينڪ ڏنا ۽ ان تي منافعو ڪمايو.

منگلا ڊيم 7314. 14 بلين ڊالر ۾ جڙيو. فنڊنگ ساڳي ريت ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمنٽ بينڪ وسيلي ٿي. منگلا ڊيم جو ڪم جهلم نديءَ تي 1961ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1967ع ۾ جڙي راس ٿيو. بعد ۾ ان جا به توسيعي منصوبا ايندا رهيا ۽ قرض وسيلي ڪم ٿيندو رهيو.

جيڪڏهن بيراجن ۽ هيڊ ورڪس جو جائزو وٺبو ته اهي ۽ انهن مان نڪرندڙ ڪينال به اڪثريت ورلڊ بينڪ ۽ ان معرفت ٻين مالياتي ادارن مان ورتل قرضن سان ٺهيا آهن ۽ نوان پراجيڪٽ به ان سان ٺهن پيا. سنڌو دريا تي سڌا وڏا بيراج چشما، غازي بروٿا، جناح (ڪالاباغ)، تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج آهن. جڏهن ته سنڌ بيراج الڳ رٿيل آهي. سوات تي منڊا هيڊ ورڪس، راوي تي بلوڪي ۽ سڌنائي هيڊورڪس آهن، ستلج تي اسلام ۽ سلامنڪي هيڊ ورڪس آهن. چناب دريا تي ٽمو بيراج، خانڪي بيراج، مرالا بيراج، محمد والا، قادرآباد ۽ پنجند هيڊ ورڪس آهن. جهلم تي رسول بيراج آهي. پنجاب ۾ انهن بيراجن ۽ هيڊورڪس مان اڪثر بيٺڪيتي دور ۾ ٺهيا ۽ ان دور ۾ سنڌ اندر سکر بيراج ٺهيو هو. توسيعي رٿائن ۾ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ بينڪن قرض ڏنو. انهيءَ سموري قرضِ کي وياج سميت گڏائجي ۽ رٿائن جي زرعي اپت سامهون آڻجي ته شايد نتيجا انتهائي ڇرڪائيندڙ ايندا، جنهن جو ذڪر ورلڊ بينڪ جي رپورٽن ۾ به لڪل انداز ۾ موجود هوندو آهي. اصل ۾ هي ته ڪجهه مک ڊيم آهن ۽ بيراج آهن، جن جو ذڪر ٿيو پر ان کانسواءِ پنجاب، ڪي پي، ڪشمير، گلگت- بلتستان ۾ مختلف هنڌن تي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڊيم ٺهن پيا، جن جو تعداد سئو جي لڳ ڀڳ آهي.

ورلڊ بينڪ سنڌ ۾ به آبپاشي منصوبن لاءِ قرض ڏئي پئي ته پنجاب لاءَ پڻ. ويجهڙ ۾ ورلڊ بينڪ 145.6 ملين ڊالر پنجاب امپروومنٽ پروگرام لاءِ ڏنا آهن. سمالر ۽ گريٽر چولستان رٿائن سميت مختلف ڪينالن ۽ واهن جي تعمير لاءِ پڻ پنجاب حڪومت کي قرض پئي ڏئي، جنهن ۾“پنجاب ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي امپروومنٽ پراجيڪٽ” لاءِ ورلڊ بينڪ پيسا ڏنا. سنڌ ۽ پنجاب جي نئين رٿائن لاءِ به ڏنا ويا آهن.

جيئن اڳ ۾ چشما بيراج انڊس بيسن ريپليسمنٽ ورڪس جي بنياد تي ٺهيو. بيراج تي ڪُل لاڳت 399 ملين ڊالر لڳي. (واپڊا جي آفيشل ويب سائيڊ موجب بيراج جي  مڪمل ٿيڻ تي 399 ملين ڊالر لڳا، جيڪي ورلڊ بينڪ آسٽريليا، ڪينيڊا، جرمني، نيوزيلينڊ، برطانيا ۽ آمريڪا ڏنا. تونسا بيراج جي ايمرجنسي ريهيبليٽيشن ۽ ماڊرينائيزيشن لاءِ ورلڊ بينڪ 123 ملين ڊالر ڏنا. ايئن سنڌ جي بيراجن بابت به ڏنا ويا آهن. سوال اهو به آهي ته ڇا جيترو خرچ ٿيو آهي پاڻي اسڪيمن تي، انهن جي موٽ ۾ اوترا پيسا واپس به ٿيا آهن يا نه؟ ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان ڪي آبپاشي يا توانائي واريون رٿائون بهتر ته آهن پر سنڌو سان هاڻوڪي صورتحال تي آڻڻ وارين رٿائن ۾ به ان فنڊنگ جو ئي هٿ آهي. ورلڊ بينڪ کي اها به ڄاڻ آهي ته وڏن ڊيمن ڪيئن دريائي وهڪرا ماريا آهن، پوءِ به اهڙين رٿائن تي زور آهي. چائنا ۾ يانزي دريا مٿان دنيا جي وڏي گارجز ڊيمن جون تباهيون لڪل ناهن، آمريڪا جي هوور ڊيم ڪولارڊو نديءَ کي سڪائي به رهيو آهي ته ان جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو آهي. ايئن برازيل جي ايتپيو ڊيم جي ڪري پارانا نديءَ جو اصل وهڪرو اڌ تائين مس رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ وري هي به مثال آهن ته ڪينيڊا جي لاگرينڊي نديءَ تي قائم لاگرينڊي ڊيم نديءَ جي وهڪري تي لڳ ڀڳ ٻڙي اثر آڻي ٿو، جو ان مان ڪينال نه ٿا نڪرن ۽ رڳو توانائي لاءِ ڪتب اچي ٿو ۽ اهو رن آف رور (عام قدرتي وهڪري) پٽاندڙ آهي. ڀوٽان توڙي سوئزرلينڊ جهڙن ٻين ڪجهه ملڪن ۾ به اهڙا ڊيم آهن، جن سان ندين جي وهڪرن کي قدرتي رکيو ويو آهي. ان ڪري هن ملڪ جي ندين کي نه ماريو ۽ ورلڊ بينڪ به قدرت جي نظام کي تباهه ڪندڙ منصوبن کان پاسو ڪري. سنڌو ڪروڙين انسانن ۽ ٻي جيوَ جي جياپي جو ڪارڻ آهي. ان جو قتل قدرت، فطرت ۽ هر طرح جي جيوَ جو قتل آهي ئي آهي پر دنيا جي عظيم ثقافت جو به موت آهي.