نئون ديرو(ن پ ا) سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌو بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي نئون ديرو کان سنڌو درياءَ جي ٻرڙا پتڻ تائين سوين ماڻهن وڏي ريلي ڪڍي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ٻرڙا پتڻ تي ريليءَ ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، ريليءَ دوران هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ، تصويرون ۽ علم پاڪ کڻي ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ۽ ڪٿي ڪٿي ريليءَ ۾ شامل نوجوانن ماتم عزاداري پڻ ڪئي. ريليءَ ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻايا. ان موقعي تي ريليءَ کي خصوصي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺهيا ته هي ماڻهو مري ويندا ان ڪري هي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏيندا. اسان کي جيئڻ جو حق ڏيو، اسان سنڌي ماڻهن جون جانيون به قيمتي آهن، پاڻيءَ تي اسان جو ۽ اسان جي جانورن جو حق آهي هن چيو ته  سنڌو درياءَ هڪ آهي اهو وهندو رهندو. قدرتي نظام سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي.ذوالفقار جونيئر جو وڌيڪ چوڻ هو ته  4 اپريل تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي ملهائينداسين. هوڏانهن جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ريليءَ ۾ شامل سوين ماڻهن سان گڏجي سنڌوءَ ڪناري تي درياءَ بادشاهه کي گلاب جي گلن سان ڀيٽا پيش ڪئي.