پريالوءِ(ن پ ا) سنڌو درياھه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو احتجاج، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن پاران سنڌو درياھه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي پارس ڀٽي، شمشاد ٻپڙ، ذوالفقار ڦلپوٽو، رياض ملڪ، عظمت هاليپوٽو، ڪوثر ڦلپوٽو ۽ فضا ڦلپوٽو ڪئي. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي بند ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. هنن واضح ڪيو ته سنڌو تان ڪئنال ڪڍڻ سان آبادگار ۽ هاري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جيڪو هرگز قبول نه ڪيو ويندو.پريس ڪانفرنس دوران شمشاد ٻپڙ ۽ پارس ڀٽي چيو ته ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي. جيڪڏهن هي فيصلو واپس نه ورتو ويو ته روڊن تي وڏا احتجاج ڪيا ويندا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياھه سنڌ جي زندگي آهي، ان تي ڪنهن به قسم جو ڊيم يا ڪئنال برداشت نه ڪيو ويندو. مظاهري دوران اڳواڻن اعلان ڪيو ته سڀاڻي(اڄ)، 22 ڊسمبر تي سکر جي هاڪي گرائونڊ کان گھنٽا گهر تائين پرامن ريلي ڪڍي ويندي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن شهرين ۾ هينڊ بل ورهائي ۽ انائونسمينٽ ذريعي ريلي جي جاڳرتا مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.