ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ جي پاڻي تي اڏجندڙ 6 ڪئنالز رٿا خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج، ريليون، ڌرڻا خبر موجب سنڌوءَ درياهه جي پاڻي تي اڏجندڙ 6 ڪئنالز رٿا خلاف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ آبادگار، هاري، شاگرد، مزدور ۽ سڄاڻ حلقا سراپا احتجاج بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ مٺي ۽ ڇاڇرو ۾ ڳوٺاڻا ڪلهن تي ڪهاڙيون رکي ٻاهر نڪري آيا، ڍورو نارو ۾ ڳوٺاڻن ڪوڏرون کڻي احتجاج ڪيو، نئون ڪوٽ ۾ شاگردن هڪ آواز تي احتجاج ڪيو، گولاڙچي ۾ ڳوٺ گلمير شاھه جي ڳوٺاڻن پاران پاڻ مرادو ٻار ڪلھن تي کڻي امجد شاھه، رحيم پنھور، اياز شاھه، علي محمد سمون، ساجد شاھه جي اڳواڻي ۾ بچل واٽر اسٽاپ کان گولاڙچي 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري نعريبازي ڪئي وئي، بعد ۾ پريس ڪلب گولاڙچي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، کورواھه ۾ گسٽا، پ ٽ الف، ايس يو پي ۽ جسقم جي سڏ سوين شھرين بينرن ھٿن ۾ کڻي محسن مخدوم، ملوڪ نوتڪاڻي، ضمير پنھور، پرويز مير ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ٻئي طرف گورنمنٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول گولاڙچي ۽ گورنمنٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول حاجي جوڻيجو جي سوين شاگردن ۽ استادن پڻ ڪئنالن خلاف ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍيون، جڏھن ته پ ٽ الف جي سڏ تي پرائمري اسڪول علي محمد مھيري، پرائمري اسڪول عارب نوحاڻي، پرائمري اسڪول عبدالله سمون، پرائمري اسڪول مير محمد ٻاڪڙ جي معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين پڻ پنھنجن پنھنجن اسڪولن ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪري درياهه تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪيو، نئون ڪوٽ ۾گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل جوڻيجو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ڳوٺ کان اڪوٽا اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي، ڪينال سمورا نامنظور جا نعرا هڻي سخت احتجاج ڪيو ويو، ڏيپلو ۾ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ جهرمريو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول جي شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو، اسڪولي ٻارڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شديد نعربازي ڪئي، بدين ۾ موٽر سائيڪل شو روم ايسوسيئيشن جي سڏ تي نديم مغل، عبدالله چانڊيو، مرتضيٰ مغل، شهريارخواجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ چوڪ کان ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي بدين ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ور شهر ويجھو گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول قادر بخش جاڙو جي استادن توڙي ٻارڙن پاران اسڪول جي هيڊ ماسٽر جاويد اختر قريشي، استاد لال چند مهشوري، شفيع لاشاري، الطاف خواجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي، ٺٽي لڳ سنڌو درياءَ لڳ سنڌو جي آخري پل شهيد دولھه درياءَ خان تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھه ڀاڏائي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، سماجي اڳواڻ شبير ڀٽي، شاھين يوٿ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ حنيف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن آزاد جسڪاڻي، ياسر ميمڻ، فرزند ميتلو، گوندا شاڪر ، مزمل سيال، محمد راحيل ، جمشيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا. جڏهن ته  سنڌ پيپلز يوٿ( شھيد ڀٽو ) پاران پڻ ڊويزنل صدر  اڪبر علي جھيجو، مجيد قريشي ، امداد ڊومڪي، جمال سوھو، مرتضٰي پالاري، ستار ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻئي پاسي حيدرآباد جي لوئر سيڪنڊري مڊل اسڪول واڻڪي وسي جي استادن ۽ شاگردن طرفان حسين لغاري، شان آرائين، شڪيل لغاري، مسرور پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڄامشورو ۾سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن فزيولاجي ۽ پبلڪ ھيلٿ شعبي جي  شاگردن اشفاق اشرف پليجو، محبوب مغيري، زبير پليجو، قربان لاشاري، افضل جمالي،آصف پڙھيار، سجاد خاصخيلي، سردار چانڊيو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ فزيولاجي ڊپارٽمينٽ کان سينٽرل لائبريري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ٿاڻي بولاخان بصران واري علائقي جي ڳوٺ فقير محمد کوسو ۾ شاگرد ۽ استاد، استاد غلام عباس رند استاد جاڳڻ کوسو جي اڳواڻيءَ ۾روڊن تي نڪري آيا، واهي پانڌي ۾ گورنمينٽ گرلز اسڪول دودو برهماڻي جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين زيب النسا برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، خيرپورناٿن شاھ ۾ پريس ڪلب جي سڏ تي سينيئر صحافي اقبال کونھاو، نويد کونھارو ، امجد گاڏھي، محمد گاڏھي ، امجد گاڏھي، سجاد کونھارو، سني کونھارو، ذوھيب کونھارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر حال کان ريلي ڪڍي وئي، راڌڻ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن استاد عبدالڪريم راڌڻ، اميد علي ڪلھوڙو، منير سرگاڻي، رسول بخش کوسو، نظام الدين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڪوٽڙي ۾ صحافين، وڪيلن ۽ سياسي سماجي ڌرين جسقم اڳواڻ عبدالفتاح چنا، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، ايس يو پي جي خالد لاشاري، جي ڊي اي اڳواڻ عبدالرزاق رند، پ پ شهيد ڀٽو جي ديدار ٻگهيو، قومي عوامي تحريڪ جي امداد پنهور، صحافين اسد مڱريو، جبار ڪابورو، نوجوان اديب لونگ ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار، نجي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ذوالفقار ملاڻو، زاهد شيخ، شهباز شاهاڻي، ظهير محمد بابر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، گهوٽڪي ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪيمپس جي شاگرن ذوالفقار علي رڪ، امتياز علي ڪورائي، قاسم علي ميراڻي، رئيس بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن ۽ استادن پروفيسر اختيار علي گهمرو، آصف رند، علي شير مري، صفيع الله جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوشهروفيروز ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪئمپس جي شاگردن زڪريا ڏھراج، عبدالحق، زين وسطڙو، بھرام کوکر، زنوار لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ گورنمينٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين لکاڏنو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٻانڌي ۾ ھاءِ اسڪول جي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پڊعيدن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شھرين پاران ارسلان سيال، فياض سومرو، عتيق سيال، ابراهيم وقار راڄپر، سچل راڄپر، وحيدگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو، پيرونمل ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن فقير عبدالغفار سڌيراڻي، مشتاق خاصخيلي، وفا سومرو لاهوتي، اعجازمري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دولتپور صفن ۾ بوائز ھاءِ اسڪول جي سوين شاگردن خليل ڪاڪيپوٽو، شيراز پلي، سرمد پلي، زين العابدين انڙ، افضل پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،  سٺ ميل جي ڳوٺ نور الدين ۾ استادن ۽ اسڪولي ٻارڙن عبدالغفور بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،ڳڙهي خيرو ۾ ڳوٺاڻا پاڻ مرادو نڪري آيا، ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي جي رهواسين طرفان ٻارن سميت استاد نادر علي ڀرڳڙي، دوست محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سيهڙ ۾ هاري ۽ آبادگار به ڪئنالن خلاف نڪري آيا،  ڳوٺاڻن فدا جوڻيجو، اسد سرگاڻي، شريف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، وارث ڏنو ماڇي جي ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي جي پرائمري اسڪول جي استادن نصير ابڙو، علي گوهر بروهي، ضمير ابڙو، عبدالڪريم نوناري، خدابخش لاکٽي، قائم الدين ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد جي ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رحيم بخش سومرو جي استادن ۽ شاگردن پاران عبدالستار سومرو، محمد شريف سومرو، مهر علي لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو ۾ پيسٽيسائيڊ ڪمپنين جي ملازمن تراب شر، عبدالغفار ڪلوڙ، شبير شر ۽ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ جي ڳوٺ محمود مگسي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن عبدالرزاق زرداري، منور جمالي، عرفان جمالي، محسن جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دوڙ ۾ پرائمري اسڪول مين سنڌي جي استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي،سوڀوديرو ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول حاجي محمد طاھر کھڙو ٻنڊي موٽايو ۾ استادن ۽ شاگردن شوڪت علي گهانگهرو، آفتاب خاصخيلي، شفقت چنو، فضل مرکنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو، قاضي احمد ڀرسان نواب ولي محمد هاءِ اسڪول جي شاگردن سرفراز چانڊيو، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين جي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، وارهه ۾  زرعي دڪاندارن ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڌار ڌار ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاج جي اڳواڻي غفارميرجت، عبدالحڪيم ٻگهيو، اصغر بروھي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، رتوديري ۾ نوجوانن، شاگردن توڙي معصوم ٻارن عرفان ڀٽو ، يوسف ڀٽو، محمد انيس، صبغت الله ڀٽو، سيف الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، قمبر جي جناح باغ لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردن طرفان ڪامران چنو، جميل چاچڙ، اعجاز مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٻئي طرف ڳوٺ ڏتل ابڙو ۽ ڳوٺ حمزه چچو جي شاگردن توڙي استادن به  استادن عبدالستار ابڙو، سميع مغل ۽ ٻين ڌار ڌار احتجاج ڪيا، دوداپور ۾ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان بشير احمد ڪٽوهر، ڊاڪٽر ارشد ميراڻي، عنايت علي اوڍو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پرائمري اسڪول کان وين اسٽينڊ تائين جلوس ڪڍيو ويو.