اسين سنڌي نياڻي کي ست قرآن سمجهندا آهيون، هي نياڻي هن قهر جي گرمي ۾ پنهنجو قومي فرض نڀائيندي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياري رهي آهي، ڇو ته پاڻي انسان توڙي حيوانن جو جياپو آهي، هي اسان سنڌين جي جياپي جي جنگ آهي، جنهن ۾ اسان سنڌين جا ٻارڙا به پنهنجي حصي جو ڪم ڪري قومي فرض نڀائي رهيا آهن،