لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي حيدري ٽائون طرفان سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف “سنڌو بچايو” ۽ مظلوم فلسطنين سان اظهار يڪجهتي طور “تحفظ اقصيٰ” جي سِري هيٺ يارمحمد ڪالوني ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،ڪانفرنس کي خطاب ڪندي معظم علي عباسي، بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، وليد خان عباسي، محبت علي کهڙو، ايڊووڪيٽ جاويد علي بليدي، وڪيل قادربخش ڀٽي، ناياب سرڪش سنڌي، لياقت،حافظ روشن پنهور، ڪرم خان بروهي، آصف علي عمراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 78 سالن کان پنجاب سنڌ سان ناانصافيون ڪندي سنڌ جي وسيلن کي بي رحميءَ سان لٽي رهيو آهي، اسين حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌو درياءَ اسان جي ريڊ لائين آهي، اسين ڪنهن به صورت غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.پيپلز پارٽي وارن کي صرف اقتدار گهرجي، انهن کي سنڌ جي عوام جي تڪليف جي ڪا به پرواهه ناهي.هنن چيو ته فلسطينين مٿان ڪافي عرصي کان اسرائيلي ڏاڍ جاري آهي، جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا.هنن مطالبو ڪيو ته تڪراري ڪئنال منصوبو رد ڪري فلسطنين سان ظلم بند ڪيو وڃي.