لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي صدارت هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سان واسطو رکندڙ سينيئر اڳواڻن جو اجلاس المرتضيٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، اجلاس ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو طرفان سيد حسنين شاهه کي سوشل ميڊيا، ميڊيا ٽيم ۽ سماجي ڪمن ۽ اقليتي برادري سان لاڳاپيل معاملن لاءِ ڀاڳو مل ميگهواڙ کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد سنڌ ۾ تنظيم کي منظم طريقي سان هلايو ويندو، ان لاءِ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي ته هو عوام سان رابطي ۾ رهن، ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ٺهيا ته سنڌو درياءَ ۾ پلجندڙ ٻلهڻ، جهنگلي جيوت، زرعي زمينون تباهه ٿيڻ سان زراعت کي نقصان پهچندو، ڪئنال ٺاهڻ انسانن جو قتل عام هوندو، ڇاڪاڻ پاڻي اسان جو جياپو آهي ۽ هن مسئلي تي اسان کي هڪ ٿي آواز اٿارڻو پوندو.