ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر ( نمائندن وٽان ) وفاق پاران سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال  ڪڍڻ خلاف  گذريل ڏينهن  به سنڌ  جي  ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريليون ڪڍي، ڪئنال تي هلندڙ ڪم بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي حيدرآباد ۾ قانون جي شاگردن ۽ مسلم ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف شاڪر نواز شر، علي محمد شورو ساجد پالاري، ديال ڪمار، علي احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، خيرپور ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن سجاد سولنگي، شعيب نياز خاصخيلي، وسيم ابڙو، امير گهمرو، ڪاشف سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي سڏ تي وڪيلن طرفان ريلي ڪڍي محمد اسماعيل ابڙو، ايڊووڪيٽ جاويد احمد بليدي، ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ مگسي، ايڊووڪيٽ نور احمد لاشاري، ايڊووڪيٽ عامر سوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٺٽو۾ صحت کاتي ملازمن انور جاکرو ، ڊاڪٽر شيام ڪمار ، ڊاڪٽر اظهر قريشي ، لياقت عڳباسي ، اسملم بروهي ، جميل سدايو ، علي عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪئنالن خلاف سخت نعري بازي ڪئي حيات پتافي ۾ شاگردن مير احمد چنڙ، نجيب الله ميراڻي، حسين بخش چنڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، فيض گنج ۾ استادن، شاگردن، جسقم ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي ماڻهن علي راز شر، وزير راڄپر، خان محمد چانگ، مصطفيٰ چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئ   ڇاڇرو ۾ انڊس رفارمرس ۽ ٿر سجاڳ سٿ جي سڏ تي غلام سرور سميجو، مختيار احمد سنگراسي، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو ميرپوربٺورو ۾ صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب جي صحافين جي سڏ تي سنڌو درياھ مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف شاھد سمون، ڪريم داد چانڊيو، آڪاش زئور، حبيب الله ميمڻ، اشرف چانڊيو، بابو خيرپوري، حاجي موسي کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تلاءَ چوڪ کان مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو.سيراڻي ۾ شاگردن،استاد  سياسي سماجي ڌرين پاران ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويو ڪوٽڙيءَ ۾ گرلس ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين ۽ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن طرفان پرنسپال راحيلا انور بلوچ، حميده ميربحر، سڪينا سومرو، نذير شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. فريدآباد ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سيدپور جي استادن ۽ شاگردن مختيار احمد چانڊيو سليم چانڊيو، امتياز چانڊيو، شاويزخاصخيلي، حارث چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هالا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڏ تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن جنھن ۾ جسقم ايس يو پي، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻ ۽ وڪيلن پاران پي ٽي آء صوبائي اڳواڻ نازش فاطمه ڀٽي،ضلعي صدر ايڊوڪيٽ گلزار خاصخيلي،ارشاد مغل،ايس يو پي ضلعي صدر سھيل قريشي،جماعت اسلامي ضلعي امير فقير محمد لاکو، جسقم ضلعي صدر عبدالرشيد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ميهڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ، علائقن ۽ مختلف اسڪولن ۾ شاگرد، استاد، سياسي سماجي، صحافين ۽ شھرين  پاران احتجاج ڪيو ويو سنڌي ٻٽڙا ۾ عاجز عجيب الله قمبراڻي ، وڪيل منور جتوئي ، شوڪت ٻٽڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 4 ڪلو ميٽر پنڌ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ٿرڙي محبت ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي ممتاز مينگل ، نوجوان صحافي صدام چانڊيو ، زخمي ملاح ، راشد گبول ، نزاڪت علي کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو . اڏيرولال اسٽيشن ۾  صحافي برادري پاران علائقي جي سياسي، سماجي ،مذھبي ، قوم پرستن، سول سوسائٽي، شاعرن، اديبن، استادن، شاگردن، آبادگارن، ھارين، مزدورن سان گڏ ، حافظ امتياز علي چنا، عبدالغفور ھنڱورو، عطا محمد ڇٽو، فقير سڪندر ساھووال  جي يو آئي يونٽ اڏيرو لال اسٽيشن جي امير حاجي عدنان بھلم ، محمد ھاشم ڇٽو ، ساگر سليم سنڌي ، عبدالستار سھتو ۽ قومپرست جماعت جي اڳواڻ فرقان درس محمد قاسم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  ٿرڙي محبت ۾ سول سوسائٽي طرفان ممتاز علي مينگل‚ صدر جانوري‚ زخمي ملاح، راشد گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سن ڀرسان آمري ۾ گورمنيٽ بوائز ھاء اسڪول جي شاگردن پاران فياض برھماڻي حسين بخش رند غلام سرور ڇڇر عاشق ڇڇر مختيار رند ساجد برھماڻي دلشير برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي مين گيٽ کان ريلي ڪڍي وئي. سيتا روڊ ۾سيتا سرجڻھار فورم جي اڳواڻ مشھور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ غلام حسين ملڪ، شعيب چوھاڻ، عبدالرزاق سيال، فراز کوسو،آذان ميمڻ، محمد اڪبر خانزادہ محمد اسماعيل سولنگي، ممتاز سولنگي، نور سجاد سولنگي، امداد علي سيال ۽ شھزاد ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سنجرچانگ  جي شهرين  پاران شاهنواز خاصخيلي سڪندر خاصخيلي فقير زوهيب احمداڻي پپو عرف علي رزاق  خاصخيلي   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ملڪاڻي شريف ۾ ڳوٺ منظور چانڊيو ۽ ڏاڙهون چانڊيو جي آبادگارن هارين مزدورن ريلي ڪڊي ملڪاڻي شريف ۾ پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو اڳواڻن اسلم چانڊيو غلام نبي چانڊيو مير مرتظئ چانڊيو زاهد چانڊيو نظر محمد چانڊيو ۽ ٻين احتجاج  ڪيوراڌڻ ڀرساب ٿرڙي محبت ۾ سنڌو درياء مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھري جي اڳواڻي ممتاز علي مينگل‚ صدر جانوري‚ زخمي ملاح ۽ راشد گبول ڪري رھيا ھيا ،باھوکوسو ۾ قومي عوامي تحريڪ،  پ پ شھيد ڀٽو، شھري اتحاد ۽ سول سوسائيٽي پاران منٺار گھنڃو،ناصر ڪنڊراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.رتيديري ۾  تعلقه بار ايسو سيئيشن پاران محمد بچل منگي ، غلام مرتضيٰ تنيو ، وقار احمد سيال، آصف سرور ملگاڻي، غلام سرور ناريجو، منصور ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.قمبر  ۾ جي علي خان پاڙي جي گولڊن گيٽ انگلش اڪيڊمي جي شاگردن ۽ استادن طرفان نعمان هڪڙو، عبدالنبي گاڏهي، عابد سپرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. خانپورمهر ۾ سياسي سماجي ڌرين، سول سوسائٽي، شهرين، شاگردن ۽ استادن پاران دودو مهر، محمد خان شر، سورج ڪمار، لالچند عرشي، هريش ڪمار ڪانيه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، قاضي احمد ۾ ڊگري ڪاليج جي شاگردن منظر شاهه، فيروز بروھي، يار محمد کوسو، سليم ميراڻي، علي شان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ٽنڊو آدم ۾ سپلا پاران ذوالفقار جتوئي، ياد حسين شيخ، حبيب الله شاھ، سڪندر ملوکاڻي، احمد بلال غوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مورو ۾ فنڪارن، سياسي سماجي علمي ادبي اڳواڻن ۽ صحافين عبدالرئوف مگسي، سڌير ميرالي، علي محمد بھراڻي، رحمت ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ استادن يعقوب چانڊيو، دلشاد ڪيريو، زاهد انڙ، عمران جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، جڏهن ته شاگردياڻين ۽ شاگردن پڻ خالد وزير خاصخيلي، ناظم راهو ، عظميٰ ڪيريو ، نادر چانڊيو، علي رضا چانڊيو، سرفراز کوسو، ڪائنات چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،