ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف تحريڪ جاري، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن، استادن ۽ شاگردن سميت هر طبقي جا ماڻهو سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، مارچ، ڌرڻا، خبر موجب سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف تحريڪ جاري آهي، ڪالهه حيدرآباد ۾ جناح لا ڪاليج جي شاگردن دردانا انصاري، نياز راھوڪڙو، سعيد امان، ثانيا ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ هاءِ اسڪول جي شاگردن ۽ سوسل سوسائٽيءَ جي اڳواڻن عرفان ملڪ، قربان چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي، لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان نورالدين مهيسر، آصف حسين چانڊيو، ساجد حسين مهيسر، غلام محمد باريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته بينظير ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن طرفان مير مرتضيٰ عمراڻي، محبت سانگي، باسط گاڏهي، ثناءُ الله ٽڳڙ، عاطف کچي، حسنين سرگاڻي، فهيم الاهي، اويس ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ مهراڻ يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي جي شاگردن زين بروهي، آصف شر، عرفان ڏاهاڻي، شيخ بلال، مدد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جعفريه ڪائونسل طرفان عبدالغفور حيدري، امتياز شاهه موسوي، حسن عباس ڪاظمي، مولانا سيد احمد، مولانا اوشاق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪئي وئي، مٺي ۾ نصير ڪنڀار، وجئه شرما ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٺٽي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران شهيد دولھه دريا خان وٽ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڳوٺ غلام حيدر جمالي کان ڏيئي شھر تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، بدين ۾ لاڙ يونيورسٽي ۽ اسلاميه ڊگري ڪاليج جي شاگردن پوليس پاران کڙيون ڪيل سڀ رڪاوٽون ٽوڙي اسلاميه ڪاليج کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت آڏو ڌرڻو ھنيو، شڪارپور ۾ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي وڪيلن محمد علي جتوئي، آفتاب سومرو، ظفر علي چنا، امجد شيخ، يحيٰ ٻپڙ، دنيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، بوزدار وڏا ۾ علي آباد تلي جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شير محمد سومرو، امام ڏنو بهڻ، قربان مھر، سليم ابوپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڪري چودڳي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پي ٽي آءِ سميت مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن جعفر جلالاڻي، غلام مرتضيٰ لاشاري، سجاد خاصخيلي، منظور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ڪنب ۾ ساس، سگا، پ ٽ الف، عوامي جمھوري پارٽي ۽ شهرين ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سانول ڳاھو، اڪبر شاھاڻي، صادق تمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪومل لغاري، مسڪين محمود لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ڦل ۾ سگا ۽ صحافين پاران خالد ميمڻ، عادل عباسي، مجيب الرحمان وڳڻ، انيس الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، ٻانڌي ۾ صحافين ۽ سياسي، سماجي، مذھبي قومپرست اڳواڻن ۽ استادن شاگردن طالب پنڃارو، علي خان خاصخيلي، مدد جمالي، رمضان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، سڪرنڊ ۾ صحافين، سوشل ورڪرن ۽ ساڃاهه وندن قربان عمراڻي، مير محمد ڪيريو، رضا محمد سيال، غلام حسين جوڻو، حيدر سولنگي، ممتاز سيال، نياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، صالح پٽ ۾ سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن پاران مولانا محمد خان شنباڻي، نياز علي سومرو، مولانا امداد الحسن حسيني، ملوڪ شنباڻي، فياض جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، فيض گنج ۾ شاگردن پاران ياسر، يامين، محمد علي، غلام ڪريم، مزمل شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، چونڊڪو ۾ جي ڊبليو سي، بئريسٽر ٽيم ۽ جسقم ڪارڪنن پاران خورشيد ڏهر، پرويز علي رڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سٺ ميل ۾ عوامي ورڪر پارٽي ۽ ھاءِ اسڪول جي شاگردن فيض ڪيريو، امام الدين مهر، شان مهر، اميد علي مهر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اسلام ڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرواھ گورچاڻي ۾ جسقم پاران مکڻ سمون اسٽاف تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ دودو ڪوري جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ھيڊ ماستر اسدالله ٽالپر، رمضان ڪوري، قادر بخش ڪوري، شاگردن عبيدالله، ڪفيل، خالد ڪوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪڍڻ ۾ ھندو ڪميونٽي پاران ميگھواڙ پاڙي کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، کورواھ ۾ جسقم طرفان ھارون لغاري، نورحسن جت، افضل سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو، گولاڙچي ۾ شهرين ٽئين ڏينھن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو، ڪڙيوگهنور  ۾  سوين شاگردن ۽ استادن هاءِ اسڪول کان فاضل راهو چوڪ تائين پياڌل مارچ ڪيو، ميرپور بٺورو ۾ شهري اتحاد ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو، حاجي موسيٰ کٽي، عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر غلام رسول زئنور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، تلهار ۾ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران فيضان جمالي، روي ڪمار ۽ وقاص جي اڳواڻي ۾ ڪلما چوڪ کان ريلي ڪڍي بدين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڳڙهي خيرو ۾ پرائمري اسڪول ڇٽو خان لاشاري جي شاگردن محمد سليم، مشتاق، خليل احمد، صدف، رخسانا، سويرا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڪوٽڙيءَ ۾ گرلس ڊگري ڪاليج جي ڪلارڪن عبدالرزاق چوهاڻ، اميد علي آمڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميھڙ ۾ سبز ، فروٽ يونين جي سڏ تي ريڙھا ھلائيندڙ پورھيت، سياسي سماجي، صحافي، مذھبي ۽ قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن اربيلو ڪلھوڙو، نثار ميمڻ، فراز چنا، آزاد چنا، وڪيل سعيد پنھور، منور جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ڦلجي اسٽيشن ۾ سگا ۽ پريس جي اڳواڻن پاران احمد حسن پنهور، اعظم ميمڻ، سڪندر جھتيال، رائو انور علي راجپوت  ۽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاج ڪيو، سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ ڳوٺاڻن گلاب ڇڇر، عاشق ڇڇر، ممتاز ڇڇر، شمشاد ڇڇر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي تحريڪ طرفان نور احمد ڪاتيار، اسماعيل خاصخيلي، عبدالله رحمان سمون، ھميرو مل۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال اڏي درياءَ کي ماريو ويندو، سنڌو درياءَ کي ختم ڪري سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب کي ميساريو پيو وڃي، هنن چيو ته عالمي قانون، ملڪي قانون ۽ اصولن تحت سنڌو درياءَ تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي، سنڌي عوام جي مرضيءَ بنا سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال نٿو اڏي سگهجي، هنن چيو ته پ پ هميشه جيان ڪينالن واري معاملي تي به ڍونگ رچائي رهي آهي، سرڪار سنڌ جي عوام سان ڪوڙ ۽ فراڊ ڪيو آهي.