اڄ ڪلھه پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ھڪ اھم اشو ھلي رھيو آھي جيڪو ھر جڳھ تي ھر ڪچھري ھر ماڻھو وٽ زير بحث آھي. ھڪ عام غريب مسڪين ماڻهوءَ کان وٺي ملڪ جي اعليٰ عھدن تائين پھتل ماڻھن وٽ صرف ھڪ ئي بحث مباحثو هلي رھيو آھي سوشل ميڊيا کان وٺي ملڪ جي ھر ميڊيا ۾ ھڪ ئي خبر ھلي رھي آھي سنڌ جي ھر طرح جي ماڻھن غريب مسڪين، امير، واپاري، ھاري ناري، استاد شاگرد، وڪيل تنظيم، فنڪار، شاعر اديب، دانشورن سنڌ جو ٻچو ٻچو گذريل ٻن مھينن کان روڊن رستن چوراھن تي سراپا احتجاج بڻجي صرف ھڪ ئي نعرو لڳائي رھيا آھن ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور. مطلب ته سنڌو درياءَ مان چولستان ڪئنال ذريعي پاڻي کڻي پنجاب جي رِڻ پٽ چولستان کي آباد ڪيو پيو وڃي. ھي اِشو سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي مرڻ جيئڻ  جو مسئلو آھي. ائين کڻي چئجي ته چولستان ڪئنال ٺھڻ مطلب ته سنڌ جي ست ڪروڙ عوام مٿان ايٽم بم ڌماڪو ڪرڻ برابر آھي. حقيقت آھي ته پاڻي زندگي جو جياپو آھي جيڪڏھن پاڻي ناھي ته انسان زندھ نٿو رھي سگھي. پاڻي صرف زراعت جي لاءِ ضروري ناھي پر حقيقت ۾ پاڻي ته انسان جي زندھ رھڻ لاءِ لازمي آھي. ان کان علاوه جيڪڏھن سنڌو درياءَ مان پاڻي سمنڊ ڏانھن ڇوڙ نٿو ٿئي اُن جا وري نقصان اڃا الڳ آھن. اھڙي اھم ۽ سيريس مسئلي تي صرف عام ماڻهو نه پر سنڌ جي ھر سياسي پارٽي ڀلي اُھي سنڌ جون قومپرست جماعتون ھجن يا پاڪستان جي حمايت ڪندڙ وفاق پرست سياسي پارٽيون ھر پارٽي پنھنجي پنھنجي طاقت جي زور تي روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھڻي ھڪ ئي آواز بُلند ڪري نعرا ھڻي رھيون آھن ته“ ڪئنال سمورا نامنظور” “پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور” وڏي ڳالھه ته اھڙي صورتحال سنڌ جي ڪنھن ھڪ وڏي شھر ۾ نه پر سڄي سنڌ جي واھڻ وستي شھر بحر ڳوٺ گھر گھر ۾ ھلي رھي آھي ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور. اھڙي صورتحال کي ڏسي ائين محسوس ٿي رھيو آھي ته موجوده حالتن ۾ سڄي سنڌ ڀلي پنھنجا ھجن يا پراوا سنڌي ڳالھائڻ وارا سٻاجھڙا سنڌي ھجن يا وري اردو ڳالهائڻ وارا ڀائي لوگ ھجن يا پشتو پنجابي سرائيڪي بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌ جا رھاڪو سڀ متحد ٿي ڪري ڪئنالن خلاف حق سچ جو آواز بلند ڪري وقت جي سرڪار پنجاب سامراج ۽ اسٽبلشمينٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظھار ڪندي اھڙي منصوبي کي رد ڪندي چتاءُ ڏئي رھيا آھن ته جيڪڏھن زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيندڙ ردعمل کان سخت ردعمل ڏئي پنجاب ڏانھن ويندڙ شاھراھن کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو. سنڌ اندر ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ڌرڻن ۾ وڏي سرڪار سميت خاص طور تي پيپلز پارٽي ليڊرشپ صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف سخت نعريبازي ڪري موجوده صورتحال جو ذميوار سمجھيو پيو وڃي. 8 جولاءِ 2024ع ايوان صدر ۾ ٿيل صدارتي اجلاس جو حوالو ڏئي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني آھي. پيپلز پارٽي پنھنجي وس آهر ملڪ جي بالادستي خاطر ڪئنالن خلاف ميدان تي لٿل آھي. روڊن رستن سان گڏ ايوانن ۾ ڀرپور طريقي سان پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهي آھي پر افسوس ته ملڪ دشمن قوتون ڪئنالن جي آڙ ۾ پاڪستان کي تباھ ڪرڻ ۽ جمھوريت کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوششون ڪري پيپلز پارٽي تي تنقيد جا تير وسائي رھيون آھن ته پيپلز پارٽي ڪئنال مسئلي تي وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ته حڪومت گھر ھلي ويندي. بلڪل ائين ئي ٿيندو پر ڇا پوءِ ائين ڪرڻ سان ڪئنال ٺھڻ بند ٿي ويندا؟ جيڪڏھن ائين ممڪن آھي ته پيپلز پارٽي کي اقتدار جي قرباني ڏيڻي پوندي. جيڪڏھن پيپلز پارٽي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري وفاقي حڪومت گھر ھلي وڃي ملڪ ۾ جمھوريت کي گھر موڪلي مارشلا نافذ ڪئي وئي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير ٿيندو؟

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ