سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج زور وٺي ويو، ڪراچي کان ڪشمور تائين مظاهرا ۽ ڌرڻا

0
26
سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج زور وٺي ويو، ڪراچي کان ڪشمور تائين مظاهرا ۽ ڌرڻا
سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج زور وٺي ويو، ڪراچي کان ڪشمور تائين مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج زور وٺي ويو، ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو شاگردن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ڪئنالن خلاف نعريبازي، ملير ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ به سخت احتجاج، قمبر، ڪنڌڪوٽ  جو عوام به روڊن تي نڪري آيو، ٺري ميرواهه، گمبٽ، راڻيپور، ڪوٽڏيجي، اڪري چودڳي، ڪنري، وارھه، سڪرنڊ، ڪوٽ لالو، ٽنڊو ڄام، اڏيرولال، راڄوخاناڻي، ماتلي، کپرو، ڌاٻيجي، لکي غلام شاهه، لالو رائنڪ، قاضي احمد، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ جهڻ موري ۾ بالي خان ٽالپر، غلام نبي لاشاري، غلام مصطفيٰ لاشاري، ايڊوڪيٽ لال بخش ڀرڳڙي، آڪاش چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، اسلم ٽنگڙي، غلام مصطفيٰ ڪاتيار، امام بخش ٽنگڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته سپاف شھيد ڀٽو پاران سرفراز شاهاڻي،نويد چانڊيو،سهيل پتوجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن لالا اظھر پٺاڻ، محمد خان مري، عبيد بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ڪنڌڪوٽ ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سائٽي پاران علي حسن ملڪ، راجا گوپي چند، حفيظ ملڪ، ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهدادڪوٽ ۾ صحافين ايم اسحاق بوزدار، ذوالفقار سيلرو، فدا ڀٽي، زيب سنڌي، رسول بخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٺٽو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ شھيد حنيف زئور يادگار ڪاميٽي پاران راول ڪرناڻي، حفيظ آزاد زنئور، قادر زنئور، سلمان جاکرو، اعجاز جاکرو، حامد مغل، سجاد سمون، عبدالمجيد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان ٺٽي تائيم 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، دادو ۾ جسقم پاران منصور جمالي ، نياز حسين چنو ۽ ظهير احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو، اڪري چودڳي ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف شهري اتحاد، پريس ڪلب، ساس ۽ مختلف تنظيمن جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪري دڪان بند رکيا ويا، جڏهن ته امتياز علي اعواڻ، مظفر شر، اقبال موروجو، مولوي دلمراد شر، عليداد شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڦلجي اسٽيشن ۾ قلم ڌڻين، جسقم، ساس، سگا، چيمبر آف ڪامرس، عوامي سوشل ويلفيئر، سيتا سرجڻھار فورم، ايس ٽي پي سميت استادن، شاگردن ۽ شهرين ريلي ڪڍي، راڻيپور ۾ امجد مھيسر، اياز ڪورائي، اصغر ڪورائي، مقصود مھيسر، اصغر جعفري، امداد منگي، ڪرم سامٽيو، مجيب آزاد ڀيلار، مير حسن بوزدار، فدا حسين ڄامڙو، منور شيخ، مولانا نور محمد ميمڻ، احمد علي شاھ، محمد علي شيخ، ضمير سولنگي، محسن علي شاهه، مولانا صفدر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڪيلن، شاگردن، صحافين، جسقم، جساف، ايس ٽي پي، پ پ شھيد ڀٽو، تحريڪ لبيڪ، پي ٽي آءِ، مجلس وحدت المسلمين، شيعا علماءِ ڪائونسل جي يو آءِ سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ڪنري ۾ آبادگارن، قومپرستن، سول سوسائٽي، سڄاڻ ڌرين ۽ سياسي اڳواڻن امتياز چانڊيو، عطاءُ الله چانڊيو، رمضان خاصخيلي، امان الله سمون، دينار چانڊيو، غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو، سامارو ۾ ايڊوڪيٽ سڪندر کوسو، اياز مرتضيٰ ڪالرو، خير محمد راهو ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ٽنڊوجام ۾ ايس يو پي پاران بشير ڀٽو، حسين بخش ويسر، قادر چانڊيو، غفار چانڊيو جي اڳواڻي  احتجاج ڪيو ويو، سن ڀرسان لڪي شاهه صدر ۾ تڪراري ڪينالن خلاف سول سوسائٽي پاران انور چوھاڻ، غلام حيدر بچو، مشتاق جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، عثمان شاهه ھڙي ۾ باغي ڪالرو، عباس ڪالرو ،آبادگار اڳواڻ ھاشم بلوچ، شريف بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڏيرو لال اسٽيشن ۾  ڪينال ڪڍڻ خلاف جسڪاڻي چوڪ کان الھه بخش چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، خانواهڻ ۾ جسقم طرفان نثار عباسي، صدام منگي، سونو ڪونڌر، انيس ڪلهوڙو، سليم سومرو، ثناءُ الله ڪونڌر، راجا منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڦل ۾ جسقم جي ڪارڪنن منير چانڊيو، ڪامريڊ اسد ملاح، نديم لغاري، ديشي گلزار ڀنڀرو، باغي عثمان ڪيريو، نويد وڳڻ، اسد پريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڪوٽ لالو ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم پاران اسد علي مڱيو، انصاف راڄپر، ذوالفقار راڄپر، عبدالشڪور مڱيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٺياڻي ۾ پريس ڪلب پاران حبدار علي مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کپرو ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ جسقم پاران آزاد ڪنڀر، اڪبر مري، مھراڻ سنڌي، شوڪت بڙدي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، گمبٽ ۾ سول سوسائٽي پاران ڪئنال ڪڍڻ خلاف نظر حسين مرکنڊ، ڀون ڪمار، ساجد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺري ميرواهه ۾ ڪئنال ڪڍڻ خلاف جمھوري وطن پارٽي ۽ شاگردن پاران اسحاق شر، پروفيسر غلام مصطفيٰ شر، شھباز ڏنو شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، ڪوٽ بنگلو شھر ۾ شهرين عشقان حيدر، شاندار  علي، مصور عباس لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، لعلورائنڪ ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻو روڊ تي سيد خالد شاھ بخاري، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، امجد خاصخيلي، عارف تنيو، پنهل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،  ڳيريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان جميل احمد لاڙ، زبير بروهي، شبير سنڌي، خالد جتوئي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ويجهو سنڌو درياهه ڪناري ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ جسقم ماڙي جلباڻي پاران مصطفيٰ زئونر، امتياز جلباڻي، برڪت جلباڻي، مورڙيو ميربحر، خير محمد لاکو، فدا زئونر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ سُڪائي چولستان کي آباد ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي، سنڌ کي بنجر بڻائڻ جا نتيجا خراب نڪرندا، هنن مطالبو ڪيو ته 6 ڪينال منصوب رد ڪيو وڃي.