ميھڙ (ن پ ا) نيشنل اڪيڊمي پرفارمنگ آرٽس (ناپا) پاران سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ (مھاڻا) ميھڙ جي مقامي حال ۾ پيش ڪيو ويو ھن اصلاحي اسٽيج ناٽڪ (مھاڻا) جو ڪهاڻيڪار منظور سيتائي ۽ ھدايتڪار سيد مختيار شاه ھيو جڏھن ته اسٽيج ناٽڪ ڊرامي ۾ سنڌ جي ناليوارن اداڪارن جاويد ابڙو ، عباس گل ، خادم کوکر ، سڪندر سرگاڻي ،اعجاز ملاح، عابده گل ، عذرہ گل ، عبدالفتاح وئنس ، علي اصغر کوسو ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪيو ۽ بي مثال اداڪاري جو مظاھرو ڪيو ان موقعي تي سنڌ جي ناليوارن اداڪارن جو چوڻ ھيو ته سنڌو درياء تي ڌاڙي سبب سنڌ کي پنھجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سموري سنڌ جي ماروئڙن جيئان سنڌ جا مھاڻا پڻ پريشان آھن هنن چيو ته مڇي مارڻ وارو رجهاڻ ختم ڪرڻ جي سازش تحت مچي سڪائي ان مان فيڊ ٺاھڻ ۽ مهاڻن کي نظرانداز ڪري مڇي ماريندڙ مهاڻن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو وڃي پيو جنهن سبب مھاڻا پڻ پريشان بڻجي پنهنجي گهر جو چرخو به هلائي نه ٿا سگهن هنن چيو ته ھن ٻوسٽ واري ماحول ۾ ھي اسٽيج ناٽڪ ڪرڻ جو مقصد پنھنجي سنڌو تي ڌاڙي خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ جي مهاڻن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ آھي ھنن چيو ته ھن وقت سموري سنڌ رت سان رنڱجي وئي آھي.